Thursday, July 21, 2016

چيف صاحب کي هن ڏک مان سبق سکڻ گهرجي


حافظ سڪندر تنيو
هڪ مهينو اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جج جي پٽ کي ڪراچي شهر جي ماڻھن سان ڀريل بزار مان اغوا ڪيو ويو. جيڪو خيريت سان مالڪن کي ملي ويو آھي.ڪيئن موٽيو ؟چوڻ وارا چون ٿا ته ڪي پي ڪي جي علائقي ٽانڪ ۾ کيس رکيو ويو هيو.جتي سندس ٽن ڏينهن کان ڳجهن ادارن جي جاسوسي هلي پئي. جيڪي مٿس نظر رکيو ويٺا هئا ته احتياط سان آپريشن ڪجي جيئن کيس نقصان نه رسي. سو کيس رات جو نيو پئي ويو ته ٽانڪ مان ٽپائي کيس قبائلي علائقن ۾ پهچائي اتان افغانستان اماڻجي. پر ادارن جي چوڪس هئڻ سبب پڪڙجي پيا همراهه ڇڏائجي آيو.
اسين سنڌي ماڻھو نازڪ ٽانڪُئين دل رکندڙ آھيون. پراوا سور به پنهنجا سمجهي پٽيندا رهندا آھيون.سو جهڙي طرح جج جا گهر وارا خوش ٿيا آھن تيئن اسين به سرها ٿيا آھيون. ڪاش اهو ڪريڊٽ سنڌ پوليس کي ملي ها ته سندس ساک وڌي ها. پر هن ڀيري به روايتي سستي ۽ جاچ مٿس آڱريون کڻائي رهي آھي. پهريائين ته سنڌ پوليس جو سربراهه اها ڳالھه مڃڻ لاءِ ئي تيار نه هيو ته ڪو همراهه سنڌ مان نڪري چڪو آھي. سو شير شاهه جي شڪري جيان گهر جا ڪڪڙ مارڻ شروع ڪيس، انهن ماڻھن کي دادوءَ مان گرفتار ڪيس جن ڪڏھن ڪراچي کي ڏٺو به نه هيو.چيو ويس موبائل ٽريس ڪي پي ڪي مان ٿيو آھي . ته به هي سيٺ زادو ڇوڪر چئي پيو نه¡ اهو اسانکي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آھي. ۽همراهه سنڌين جي گهرن مان هٿ ڪنداسين .هڪڙي ڀوتار وري چيو ته فريدآباد جي سيال ڳوٺ مان افغانستان نيو پئي ويو.انڪري هڪ ڀيرو وري هميشھ جيان سنڌ حڪومت جي ساک ڪري پئي آھي. لنڊن وارن جي واپس اچڻ جي دڳ جو ڦاٽڪ وري بند ٿي چڪو آھي.
سوچڻ جي ڳالھه هيءَ آهي ته هن ملڪ ۾ھرهڪ شيءِ جا طبقا ٺھيل آھن، وڏا ماڻھو مٿي ويهاربا ننڍا ماڻھو پيرن ۾پيا لتاڙبا. تعليم طبقاتي، روزگار ۾ طبقا، دولت ۾ اوچ نيچ، ماڻهن منجھه طبقاتي معيار، عزت آبرو ۾ به وڏائي ننڍائي، سفر ڪرڻ جون سواريون به اميرن غريبن لاءِ الڳ، خريداري جا شاپنگ مال به مختلف، ته هاڻي انصاف به وڏو ننڍو بڻايو ويو آھي.اميرن جي آڱر وڍجڻ جو درد سڀني وڏن ماڻھن کي، غريبن جي ڪسجڻ تي ڪنهن کي سئي لڳڻ جيترو به سور نٿو ٿئي.
اغوا ڪنهن متعارف ڪرائي سابه سڀني کي خبر آھي ،ته جنرل ضياءُالحق جي دور خلافت ۾ سکر سينٽرل جيل کي وڏيون ڏاڪڻيون رکرائي لوهه ڪٽڻ جا اوزار آڻي، جيل جون مضبوط ڀتيون ڀڃرايون ويون. ڏوهارين جي کيسن ۾  سفارشي سڃاڻپ  ڪارڊ رکرايا ويا ، ته جيئن ڪوبه کين جهل پل نه ڪري سگهي،کين چيو ويو ماڻھن کي گهرن مان ، بسن مان، مسجدين مان،گهلي رسا ڳچين ۾ وجهي کڻي وڃو، پوليس کي چيل آھي ته هو پيدائشي نابين جيان اوهان کي ڏسندي به انڌي بڻيل هوندي ڪابه رنڊڪ ڪونه بڻبي، جنرل صاحب ته قدرت جي ڏمر هيٺ اچي ٻين کي باھ ۾ ساڙيندڙ، پاڻ به جيئرو سڙي ڪوئلوٿي ويو پر سندس لڳايل باهه اڃا ٻري رهي آهي.
سو ڳالهھ پئي ڪئي سين چيف صاحب جي نينگر جي، جنهن جي اغوا حڪمرانن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون،ڏٺو ويو آھي ته جيڪي ماڻھو اغوا ٿيندا آھن سي حاڪمن ۽ پوليس جي دروازن تي جتيون گسائيندا رهندا آھن،ته سندن مدد ڪريو ماڻھو موٽرائي ڏيو ، پر ڪٿان به کين مثبت موٽ نه ملندي آھي، مجبور ٿي ٻني کپائي، ٻني نه هجڻ وارو نياڻي ءَ جو سڱ کپائي ٻچو آزاد ڪرائيندو آھي.چيف جج پنهنجي پٽ جي ڳلن تي چميون ڏيندي ڏٺوسين . جنهن مان اولاد سان فطري محبت جو اظھار ٿيو. پر کين خبرهئڻ کپي ته اهڙيون محبتون هرهڪ ماءُ پيءُ ڀاءُ ڀيڻ پنهنجن ٻچن سان ڪندا آھن .اهو درد ڏسڻو آھي ته فضيلا سرڪي جي والدين ۽ انهن ماڻھن کان معلوم ڪيو جن جا ٻچا ڌاڙيل ۽ طاقتور ماڻھو جهليو ويٺا آھن.سو چيف صاحب کي ان ڏک مان هي سبق سکڻ گهرجي، جو وٽس ماڻھو جي کنڀجي وڃڻ جو ڪيس اچي ته جيئن پنهنجي اولاد جي سلامتي جو کيس اونو هيو تيئن هنن جي بازيابي لاءِ به بي چيني پيدا ٿيڻ  کپي. جهڙي طرح وٽس ڪامورا حاضريون پيا ڀرين .کيس آٿت آسرا پيا ڏين. تيئن واسطيدار ادارن کي به چوي ته هومتاثر ماڻھن جي دروازن تي وڃي کين ڪيل ڪوششن بابت ٻڌائين .۽ انصاف هرهڪ کي هڪ ئي طريقي جو ڏيارڻ جي روايت وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
ٻيو هڪ مسئلو وري رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ  جو سامهون آيو آھي، سنڌ سرڪار هميشھ جيان ٽال مٽول پئي ڪري ته ڪارن ڪوٽن پهريل  قانوني مشيرن کي  سرڪاري ڀاڙي خرچ تي دبئي وٺي ٿا وڃون. اتي جيڪا ٽل ڪئي سين انکان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو .۽ اسمبلي کان به پوءِاچي پڇا ڪبي . جي دبئي وارا صاحب راضي ٿيا ته پوءِاسمبلي ويچاري کان صرف ڪنواري ڇوڪري جيان نڪاح وقت ڪنڌ ڌو ڻائڻ واري دير ئي نه ڪرائبي ۽ سڀ ميمبر سدائين جيان بل پڙهڻ سمجهڻ سواءِئي ٻڪري جيان  قبوليت جو  ٻيڪٽ ڪري ها ها ڪري ڇڏيندا. سو اها به خوامخواه جي خواري ئي مٿان  کڻڻي آهي، جڏھن اوهان ۾ انڪار ڪرڻ جي سگھه ئي قدرت نه رکي آهي ته پوءِ جيئن پهريائين ڏيندا رهيا آھيو تيئن هاڻي به ڏيئي ڇڏيو ته بهتر ٿيندو .ڇاڪاڻ جو سنڌ جو عوام بد امني ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڏسڻ ٿو چاهي.جيڪا سنڌ حڪومت ختم ڪري نه سگهي آھي .انڪري عوام جي آواز کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي.
آخري ڳالھه ته تازو پنجاب جي پوليس سنڌ جي حدن ڪوٽ سبزل ۾ گهڙي ، بنا ڪنهن سنڌ پوليس جي آفيسر کي ٻڌائيندي ستن ماڻھن کي کنڀي کڻي کين پنجاب جي سرحد ۾ نيئي کين ماريو ويو  ،جنهن لاءِ سنڌ جي سرڪار جو ڪوبه رد عمل نه آيو آھي .هنن ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ حڪومت جو فرض هيو جيڪو هوءَ ڄاڻي واڻي نه پئي ڪري . کيس ان زيادتي خلاف تخت لاهور سان احتجاج ڪرڻ کپي.
(روزاني يوامي آواز جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو