Sunday, July 24, 2016

وال پــــيــــپـــــــر؛ انسانن کي اکين جي روشني ڏيو


حافظ سڪندر تنيو
ويجهي ماضيءَ َ۾ سنڌي عالمن جو شاندار ڪردار رهيو آھي.انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِڪيل جدوجهد،مسجد منزل گاهه مامري تي پلاٽ هندن کي ڏيڻ جي تجويز،نئين ملڪ جي بڻجڻ وقت سنڌ سان ڪيل زيادتين خلاف آوازاُٿارڻ،ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ،سنڌي قوميت جي حمايت، عورت جي سربراهي کي جائز چوڻ،ڪالاباغ ڊيم خلاف فتوائون،ڪوٽاسٽم جي خاتمي لاءِ شريعت ڪورٽ جي ڏنل فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪندي اسٽي آرڊر وٺڻ،سڪرنڊ ۾ سنڌي عالمن جو ڪنويشن گهرائي سنڌ بابت زيادتين جي خاتمي جون سفارشون مرڪز کي موڪلڻ۽ مذهبي رواداري جا بي شمار مثال قائم ڪيا ويا هئا.جيڪي سندن انسان دوستي ۽ سنڌ دوستي جي گواهين جا واضح مثال آھن. پر اڄ انهن مولوين جي شاندار روايتن جي تسلسل جي دعوا ڪندڙ. سندن عملن جي ابتڙ رخ ۾ هلي رهيا آھن.منجهن مذھبي تعصب،علمي قابليت جي کوٽ،قومپرستي ۽ انسان دوستي کان اڻ ڄاڻائپ،ڌارين جي آبادڪاري، مذھبي عقيدن جي هڪ جهڙائي هجڻ سبب قبولڻ،سنڌي هندن جي لڏ پلاڻ ۽ مذھب مٽرائڻ کي جائز چوڻ، جهڙن نظرين کي همٿائڻ واري عمل کي ڏسي، وڏن جي اونچي ڪردار کي هيٺ ڪيرائڻ تي افسوس۽ ارمان ٿي رهيو آھي.
مونکي هيءَ ڳالهه ڪرڻي آھي ته عبد الستار ايڌي ءَ جي ڏنل اکين جي عطئي کي طارق جميل ،عامر لياقت ۽ شيراني جهڙا علميت کان وانجهيل ماڻھو ڪفر ۽ گناهه جون فتوائون ڏين ته مٿن ميار ئي نه چئبي پر سنڌي عالم به ساڳيو ورد ورجائين ته اچرج ڪيئن نه ٿيڻ گهرجي؟
مون پنهنجي اکين جي عطئي ڏيڻ جو اعلان ڪيوته مونکي ڪيترن ئي دوستن فون ۽ ميسج ڪيا ته هو به عطيو ڏيڻ چاهين ٿا .پر مولوي منع ٿاڪن ته سخت گناهه آھي سو اسين ڇاڪريون؟ اکيون الله تعاليٰ جي اهڙي نعمت آھي جو هڪ اکين واري کي خبر آھي ٻي ان کي سندن قدر آھي جيڪو اکين سان ڪائنات جي سونهن کي پسڻ کان نور جهڙي نعمت کان محروم آھي.سائنسي علم به خدا جي هڪ نعمت آھي جو چيائين ته اسان انسان کي هرعلم سيکاريو ته جيئن ڪائنات جي رازن کي سمجهي، منجهائن فائدا حاصل ڪري ،ڪائنات جا راز مولوي معلوم نه ڪري سگهيو. پر جن معلوم ڪيا تن کي ڪافر ڪوٺي کين جهنمي چيو ويو.انڌائپ جو علاج ڳولهڻ لاءِ ميڊيڪل جا سائنسي عالم کوجنا ڪندا ٿارهن پر اڃا تائين اهڙي دوا ڳولهي نه سگهيا آھن جنهن جي کائڻ سان انڌي اک ڏسڻ لڳي. تيستائين هي ءَڳالهه ڳولهي ورتن ته هڪ انسان جي اک ٻئي انسان کي لڳائي کيس روشني ڏيئي سگهجي ٿي .اهو ڪم يورپ جي عالمن ڪيو، مان کين عالم به انڪري ٿو چوان جو قرآن انهن کي ئي عالم چيو آھي جيڪي ڪائنات کي جاڳي ڳولين ٿا. هنن ڏٺو ته اسانجي مخالفت مذھبي طبقو ئي ڪندو انڪري کين حقيقت سمجهائجي ،سو ڪليسائن کي هنن ڳالهه دماغ ۾ ويهاري ۽ عيسائين جي پوپ اعلان ڪيو ته اکيون عطيو ڪري سگهجن ٿيون.۽پوءِ انگلينڊ آمريڪا ۾ ڪافي انجمنيون کلي ويون جيڪي اکيون گڏ ڪرڻ لڳيون. کين نالو آئي بينڪ سوسائٽي ڏنو ويو.ان کان پوءِٻڌ ڌرم جي اڪثريت واري ملڪ سري لنڪا به اهو عمل انسانيت جي خدمت سمجهي ڪيو . جن پنهنجي ملڪ جي انڌن جي ضرورت پوري ڪرڻ بعد ٻين ملڪن ۾ خيرات ۾ اکيون موڪلڻ شروع ڪيون .اٽڪل ستر سال اڳ مصر جي مفتي اعظم به انکي جائز سڏيو.
حڪومت مصر جو اصرار هيو ته هر مرندڙ ماڻھو جي اک ورتي وڃي. پر مفتي صاحب  چيو ته  اڃا مُلن کي طاقت گهڻي آھي .سو سندن مخالفت کان بچڻ لاءِ في الحال ايڪسيڊنٽ ۽ ڦاهي جي قيدين جو  اکيون ورتيون وڃن.ان کان پوءِ اردن جي مفتين جي مجلس به حمايت ۾ فتوا ڏني ۽ سعودي عرب جي ڪجھه عالمن به حق ۾ فتوا صادر ڪئي. پر هتان جي مولوين جي مٽي سخت ڪلراٺي هئڻ سبب منجهس اها پوک پچڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي . هو هڪ انچ به اڳتي چري نه سگهيا، ۽ سول اسپتال جي ڊاڪٽر اديب رضوي عالمن ۽ سرڪار کي سڏي چيو ته قانونسازي ڪري ڏيو ته گڙدا ۽ اکيون لڳايون وڃن. مولوين کي ته  معاف ڪيو پر حڪومت به سندس ڳالهه ڪن کولي ڪونه ٻڌي سگهي.جڏھن ته سرڪار پنهنجي ڪرپشن کي قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ  نه ڏينهن ڏسندا آھن نه رات بل منظور ڪرائي وٺندا آھن. پر ههڙي قانون سازي ڪرڻ تي مٿن  ضياءُالحق جو روح رنڊڪ بڻجي پوندو آھي.
هتان جا پڳ ٻڌل عالم جواز ٿا پيش ڪن ته اکيون نڪرڻ سبب مڙدي جي توهين ٿي ٿئي. مڙدي کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ڏيڻ جائز نه آھي .ڇو جوماڻھو پنهنجي مرضي جو مالڪ ناهي جو هن جي وصيعت تي عمل ڪرائجي پوء ته خود ڪشي به مرضي سان ڪئي ويندي آھي. ان کي ڏوهه ڇو ٿوچيو وڃي.بزرگن کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿا ڪيون ته عرب خانداني جهڳڙن۾ ايترو انتقام وٺندا هئا. جو مئل دشمن جا نڪ ڪن اکيون پير به وڍي ڇڏيندا هئا.کين جهليو ويو ته ايئن نه ڪيو. خود ڪشي ڪندڙ صرف پنهنجو نقصان ئي نه پر پوري خاندان ۽ سماج جا حق  جيڪي مٿس آهن تن کي ڪهي ٿو ڇڏي.
هن مسئلي ۾ شريعت جو اصول آھي ته ٻه گناهه ڪرڻ لازمي هجڻ ٿا گهرجن ته جيڪو گهٽ گناهه هجي سو ڪرڻ گهرجي .هتي هڪ پاسي مئل ماڻھو آھي جيڪو ڪنهن به ڪم جو مرڻ بعد نه رهيو .ٻئي پاسي جيئروانسان آھي ،جنهن جي صحتمند هجڻ سان پوري سماج  کي فائدو ٿو ٿئي ،ته ان ڪم کي اوليت هجڻ گهرجي.
سو جيڪي مولوي صاحب ان تي ڪاوڙجن ٿا تن کي پنهنجي خون جي گرمي کي ٿڌو رکڻ کپي. دنيا هنن جي فتوائن تي چڱاين جي واٽ تان پوئتي نه هٽي سگهندي .سو جيئن سندن  ماضي جي فتوائن  جو ڀرم ٽٽي ويو تيئن هي ءَ فتويٰ به اهميت وڃائي ويهندي.
(روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو