Saturday, July 23, 2016

نصيحت ڀريون ڳالهيون؛ “اهي 8 مسئلا ڪهڙا آهن؟”


هڪ ڏينهن شقيق بلخي، حاتم اصم کان پڇيو تون ڪيترن ڏينهن کان مون سان آهين؟ ان چيو ته سائين 33 سالن کان ، شقيق فرمايو ان عرصي ۾ تو مون کان ڇا سکيو آهي؟ حاتم چيو ته 8 مسئلا ، پاڻ فرماين انالله وانا اليه راجعون منهنجا اوقات توتي ضائع ٿيا جو تو رڳو 8 مسئلا سکيا حاتم چيو ته مون 8 مسئلن کان وڌيڪ نه سکيا آهن ۽ ڪوڙ کي پسند نه ٿو ڪيان. ته پاڻ فرماين ڀلا ٻڌاءِ اهي 8 مسئلا ڪهڙا آهن؟ حاتم چيو (1) مون خلق کي ڏٺو ته مون معلوم ڪيو ته هر هڪ شخص جو هڪ محبوب هوندو آهي ۽ قبر تائين ان سان گڏ هوندو آهي قبر ۾ پهچڻ سان جدا ٿيندو آهي، ان ڪري مون پنهنجو محبوب نيڪين کي ڪيو جو مان قبر ۾ وڃان ته منهنجو محبوب مون سان گڏ هجي.
شقيق فرمايو ته تو ڏاڍو ڀلو سکيو آهي باقي 7 مسئلا ٻڌاءِ.
حاتم چيو (2) مون الله تعالي جي ارشاد ۾ تامل (غور وفڪر) ڪيو ”وامامن خاف مقام ربہ ونهي النفس عن الهوى فان الجنة هي الماوى“ (جيڪو شخص پنهنجي رب جي سامهون بيهڻ کان ڊنو ۽ نفس کي خواهشات کان روڪيائين ته جنت ان جي جاءِ آهي ) ته مون سمجهيو خدا تعالي جو فرمان درست آهي  ان ڪري مون نفس جي خواهش دور ڪرڻ جي محنت ڪئي ايستائين جو خدا جي اطاعت تي ڄمي ويس.
(3) هن دنيا کي جو ڏٺم ته لڌم ته جنهن شخص وٽ ڪا قدر و قيمت واري شي آهي ان کي رکي حفاظت ڪندو آهي پوءِ مون الله تعالي جي قول ۾ نظر ڪئي ”ماعندکم ينفد وماعندالله باق“ (جيڪو توهان وٽ آهي ختم ٿي ويندو ۽ جيڪو الله وٽ آهي باقي آهي ) ته جابه مون کي قدر وقيمت واري شي ملي تنهن کي خدا تعالي ڏي ڦيريم ته ان وٽ موجود رهي.
(4) مون ماڻهن کي ڏٺو ته انهن جو لاڙو مال، حسب، نسب، شرافت طرف لڌم ۽ انهن ۾ غور ڪيم ته گهٽ معلوم ٿيا پوءِ مون الله تعالي جي فرمان کي سوچيو ”ان اکرمکم عندالله اتقاکم“ (توهان مان الله تعالي وٽ وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو زياده پرهيزگار هجي) ان ڪري مون تقوي اختيار ڪئي ته خدا وٽ ڪريم ۽ بزرگ ٿيان.
(5) ماڻهن کي ڏٺم ته پاڻ ۾ هڪٻئي ۾ برو گمان ٿا ڪن ۽ برو ٿا چون ان جو وجه ضد آهي الله تعالي جو قول جو ڏٺم ”نحن قسمنا بينهم معيشتهم في الحيواة الدنيا“ (اسان انهن جي روزي دنيا جي زندگي ۾ تقسيم ڪئي آهي(ورهائي آهي ) ان ڪري مون حسد ڇڏي خلق کان ڪنارو ڪيو ڄاتم ته رزق خدا تعالي وٽان تقسيم ٿيل آهي ان ڪري خلق جي عداوت ڇڏيم.
(6) ماڻهن کي ڏٺم ته هڪٻئي سان سرڪشي، عداوت ٿا ڪن ۽ الله تعالي جي قول جي طرف رجوع ڪيم ته لڌم ”ان الشيطان لکم عدو فاتخذوه عدوا“ (بيشڪ شيطان توهان جو دشمن آهي ان کي دشمن ڪري وٺو) ان ڪري مون ان اڪيلي کي دشمن ڪري ورتو بس هن سان دشمني اٿم ٻين مخلوق وارن جي عداوت ڇڏيم.
(7) ماڻهن کي ڏٺم ته مانيءَ جي ٽڪر جي گهرج رکن ٿا ۽ پنهنجي نفس کي ذليل ٿا ڪن ۽ اهڙا ڪم ٿا ڪن جيڪي جائز نه هجن مون الله تعالي جي ارشاد کي ڏٺو ”ومامن دابة في الارض الا علي الله رزقها“ ڪابه چُرڻ واري شيء زمين تي ناهي مگر ان جو رزق الله تي آهي مون ڏٺو ته مان به انهن حيوانن مان آهيان جن جو رزق خدا تعالي تي آهي جيڪي مون تي حقوق آهن تن ۾ مشغول ٿيس ۽ منهنجو رزق خدا تعالي تي آهي تنهن جي طلب ڇڏيم.
(8) مون ماڻهن کي ڏٺو ته هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن شي تي ڀروسو ٿو ڪري ڪوئي زمين تي ڪوئي واپار تي ڪو ئي ڪاريگري تي ڪوئي بدن جي تندرستي تي غرض ته هر هڪ پاڻ جهڙي مخلوق تي ڀروسو ٿو ڪري مون خدا تعالي جي قول ڏي رجوع ڪيو  ته الله تعالي فرمايو ” ومن يتوکل علي الله فهو حسبہ“ (جيڪو شخص الله تعالي تي ڀروسو ڪندو اهو ان لاءِ ڪافي آهي) مون خدا تعالي تي توڪل ڪئي ته اهو مون لاءِ ڪافي آهي.
 شقيق بلخي فرمايوته اي حاتم خدا توکي توفيق ڏئي مون جو تورات، زبور، انجيل، قرآن جي علوم ۾ نظر ڪئي ته هن سڀني جو اصل انهن 8 مسئلن کي لڌم. جيڪو شخص ان8 مسئلن تي عمل ڪندو، تنهن ان 8 آسماني ڪتابن تي عمل ڪيو آهي .
(احياء علوم الدين جزء اول)  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو