Thursday, July 28, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛’تمام دوائون مريضن جي پهچ کان دور!‘


عديل مهر

دوائن جي قيمتن ۾ ٻه ٽي سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، زندگي بچائيندڙ 80 قسم جون دوائون مهانگيون ڪري موت کي ايترا سيڪڙو سستو ڪيو ويو آهي، ان جو اثر انهن ماڻهن تي ڏسجو، جيڪي دوائن تي هلن ٿا، حياتيءَ جا ڏينهن ڳڻيندڙن کي ڏسبو ته باقي گهڻا ڏينهن ٿا جيئن! تازو هڪ وڏي بيماريءَ مان بچندڙ وزيراعظم جي اها صحت پاليسي آهي! هي وزيراعظم جي صحت لاءِ دعائون گهرندڙ عوام کي ”صحتمند وزيراعظم“ جو انعام آهي!
بيمار وزيراعظم کي صحت لاءِ عوام دعائون ئي ڏئي سگهي پيو، جيڪي هن ڏنيون، پر بيمار عوام کي ته وزيراعظم سستيون دوائون ڏئي سگهي پيو، اهي ڏيڻ کان هي ڄڻ انڪاري آهي جو هن جي وزارت صحت عوام لاءِ دوائن کي ويتر مهانگو ڪري ڇڏيو! ان سان ڇا ٿيندو جو جنهن تي زندگي اول ئي ناراض آهي، هاڻي اڳو پوءِ رُسي ويندي، گهر ۾ بيمار ڀاتيءَ کان کٽ خالي ٿي ويندي، مُلڪ جي معيشت تان بيمارن جو بار گهٽبو ويندو. بيماريون نه ته، بيمار ئي سهي گهٽ ڪري وزارت صحت پنهنجو فرض پورو پئي ڪري ”تمام دوائون ٻارن جي پهچ کان دور رکو“ جون نصيحتون ڪندڙ وزارت صحت جو هي قدم اهڙو آهي، جنهن ۾ هن جي نصيحت جي نوعيت بدلجي هيئن ٿي بيهي ته ”تمام دوائون بيمارن جي پهچ کان دُور رکو!!“
جيڪا وزارت دوائن کي مريض جي پهچ کان دور ٿي رکي، اها ڄڻ عوام کي حڪومت کان پري ٿي ڪري. هونئن ئي عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ دُوريون گهڻيون آهن، صحت به کسي ڪري وزارت ڄڻ عوام تي حڪومت کي حملا آور ٿي ڪري. چيو وڃي ٿو ته وزيراعظم نوٽيس وٺندو، نوٽيس وٺي جيڪڏهن قيمتون برقرار رکيون وڃن ته اهو ناڪافي ٿيندو، نوٽيس اهو ورتو وڃي ته وزارت، صحت ۽ اُن جي ”ڊرگ رجسٽريشن بورڊ“ ۽ ”ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي“ ملٽي نيشنل ڪمپنين سان ڇو ٻڌجي وڃن ٿيون، ضرور انهن کان پُڇڻ وارو ڪونهي، تڏهن ته اهڙا فيصلا ڪن ٿيون، جڏهن ڏس تڏهن دوا جي اگهن ۾ اضافو آهي. سال 2013ع ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو هو، گذريل سال به 50 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، مُلڪ کي ملٽي نيشنل ڪمپنيون ٿيون هلائين يا ڪا حڪومت به آهي، جيڪا انهيءَ عوام جي چونڊيل سڏجي ٿي، جنهن کي فارما ڪمپنين ۽ وزارت صحت گڏجي مارڻ جو رٿيو آهي.
هت هر وزارت پنهنجي نوعيت جي بين الاقوامي اداري جي نمائندا ٿي لڳي، عوام جي نمائندگي ۽ خير خواهي جو ته انهن تي بهتان ٿو لڳي. وزارت هڪ ادارو هوندو آهي، انهن ادارن جو نالو حڪومت آهي، هر شعبي جي بحران جي ذميوار ان جي وزارت ۽ آخري ذميواري وڃي حڪومت جي ٿي بيهي. آخر اهي وزارتون اهڙا ڪسا ڪم ئي ڇو ٿيون ڪن جو بار بار وزيراعظم کي نوٽيس وٺڻو پوي. ڇا حڪومت جون اڳ ئي بدناميون ٿوريون آهن جو انهن ۾ وزارتون وڌيڪ اضافو ڪري رهيون آهن؟ دوائن جي قيمتن کي عوام جي وَس آهر رکڻ وزارت صحت جو ڪم آهي. قيمتون وڌائي ٿي ته اوتري هوءَ سبسڊي ڏي. جيئن ترڪيءَ جي حڪومت ڪري ٿي، جنهن جي عوام ۾ مقبوليت جا مثال ڏئي اسان جا وزير سرها ٿيندا آهن، پر هتي قيمتون دوائن جي ڪمپنين ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي وَس ۾ ڪري بيوس مريضن جي مرڻ جو ڄڻ ته بين الاقوامي بندوبست ڪيل آهي. وزيراعظم لاءِ اها حالت نوٽيس وٺڻ کان وڌيڪ نوعيت جي قدم کڻڻ جهڙي آهي. ذميوار وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن خلاف قدم بجاءِ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڇا جمهوري حڪومت کان ايترو به نٿو ٿي سگهي؟ پنهنجي عوام کي ناقص سرڪاري اسپتالن جي حوالي ڪري پاڻ ان جي خرچ تي ٻاهر ملڪ وڃي علاج ڪرائيندڙ وزيراعظم کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ڪرڻ ئي گهرجي ته جيڪو عوام پنهنجو علاج پاڻ ٿو ڪرائي ۽ پنهنجن پئسن سان دوائون وٺي ٿو، انهن دوائن جون قيمتون ڪنهن سطح تي برقرار رهن. دوائن جي قيمتن ۾ اضافو معنيٰ موت جي شرح ۾ اضافو. حڪومت جو ڪم بچائڻ آهي يا مارڻ ئي ڪم رهجي ويو آهي. 80 هزار دوائون مهانگيون! معنيٰ ايترا ئي چانس موت جا هيڪاندا وڌي وڃن!! جتي بيمارين کي ڪا جهل نه هجي، اتي جهلي دوائون ڇڏجن ته اتي چوڻ لاءِ ڇا نٿو ٺهي!
ڏکي زندگيءَ ۾ بيماريون وڌيڪ جيئڻ تان روح کڻائن ٿيون. هت هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سطح جي بيماريءَ ۾ ورتو پيو آهي. هن وقت 14 لک ماڻهو ٽي بي جا مريض آهن، هر سال 13 لک ماڻهو ڪينسر ۾ مرن ٿا. 2015ع ۾ 71 هزار ٻار نمونيا جي بيماري ۾ مري ويا. چيو وڃي ٿو ته هڪ هزار ٻارن مان 41 ٻار پهرين ڏينهن ئي مري وڃن ٿا، 14 مان هڪ ٻار پنهنجي پهرين سالگرهه کان اڳ مري وڃي ٿو. 11 مان هڪ ٻار پنهنجي پنجين سالگرهه نٿو ڏسي.
هن ملڪ جي حڪمرانن موٽر وي ۽ ميٽرو بس ٺاهي ۽ هلائي، پر اهو يقيني نه بڻائي سگهيا ته انهن ۾ سفر ڪندڙ به صحتمند هجن، اهي هيپاٽائيٽس جا مريض نه هجن، اهي بيروزگار نه هجن، حقيقت اها آهي ته ماڻهو کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي ۾، سواري ۽ باقي سڀني سهولتن ۾ ته گهٽ معيار تي جي وڃي ٿو، عوام حڪمرانن جي معيار کان گهڻو هيٺ ڪِري به جيئن تيئن ڪري زندگي جي وٺي ٿو، پر نٿو چئي ته بيماريءَ سان نٿو جي سگهي. بيماري بنا علاج سان آڱر کان وٺي هن کي قبر ڏي گهلي وڃي ٿي. هر ساهواري کي جيئڻ جو حق آهي، عزت سان جيئارڻ حڪومت جو فرض آهي. هِت عوام جي حق ۽ حڪومت جي فرض ۾ ڪا مناسبت ڪونهي. پنهنجو فرض ڄاڻي ته حڪومت پنهنجي ئي معيار تي ماڻهن کي جيئاري پر جي نه به ڄاڻي ته ايترو ته بهرحال غير عوامي حڪومت به ڪندي آهي ته جهڙي تهڙي حال ۾ پر صحت سان عوام کي جيئاريندي آهي.
جهڙو جسم حڪمران رکن ٿا، تهڙو جسم عوام کي به آهي. بُخار کان وٺي وڏين بيمارين تائين انسان کي بچڻ لاءِ هڪڙي ئي قسم جي دوا درڪار آهي. عوام ۽ انهن جو حڪمران هڪجهڙا عضوا رکن ٿا. قدرت واري ڪنهن وي آءِ پي کي وي آءِ پي دل، گڙدا ۽ جگر ناهن ڏنا. هر ڪنهن جو هڏ، ماس ۽ رت هڪجهڙو ناهي ڏنو. هر ڪنهن جو هڏ، ماس ۽ رت هڪجهڙا آهن. حفاظت ۽ علاج هڪجهڙو آهي، بچڻ جو بندوبست به مختلف ناهي. قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪا پرائيوٽائزيشن ناهي. ساڳيون بيماريون سڀني کي لڳي سگهن ٿيون، ساڳيو علاج بچڻ جي لاءِ گهربل آهي. هڪ هاري مزدور بيمار ٿئي يا حڪمران ته هڪجهڙي ڊاڪٽر ۽ هڪ جهڙي دوا جي هڪ جهڙي ضرورت هوندي آهي. انهيءَ حقيقت کي ته وزيراعظم وڌيڪ سمجهي، جيڪو تازو دل جو آپريشن ڪرائي آيو آهي. ائين ڇو ٿو ٿئي ته ساڳي بيماري وزيراعظم کي لنڊن وٺي وڃي ۽ هڪ غريب کي قبر ڏي وٺي وڃي ٿي!؟
وزيراعظم جن جي دعائن سان بچو آهي، انهن جي بچڻ لاءِ دوائن جو ته بندوبست ضرور ڪري ڏيکاري.
(روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو