Wednesday, July 27, 2016

وڏي وزير جي تبديلي پويان ڪهڙي حڪمت عملي لڪل آهي؟


شهيدن جي پارٽي جي موجوده قائد کان جڏهن ڪو قائم علي شاهه جي وڏ وزارت بابت سوال ڪندو هو ته سندس ٺهه پهه اهو جواب هوندو هو ته ڀٽوز جي نشاني آهي. وڏڙن جي نشانين مان اهو ئي وفادار ۽ مخلص فرد بچيو آهي. ان ڪري هلايونس پيا. هاڻ خبر ناهي ته ان نشانيءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو ڪهڙيون اوڻايون نظر آيون، جو کيس بنا ڪنهن جواب طلبي جي گهر ڀيڙو ڪيو ويو.
سنڌ جي وڏي وزير جي پيرسني ڪو انڪشاف ناهي. 2013ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي قيادت آڏو سندس عمر واضح هئي. قائم علي شاهه پارٽي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان ڪٿي به ڪيٻايو ناهي. وڏي عمر جي باوجود هو هاڻ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا ساهيءَ جي اسيمبلي ۾ تقرير ڪرڻ جو آرٽ رکي ٿو ته ميڊيا جي تيرن جهڙن تلخ سوالن جو به حاضر جوابي سان مقابلو ڪري ٿو.
پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پيپلزپارٽيءَ جي قيادت پاران دبئي ۾ لڳرايل درٻار کي رينجرز جي اختيارين بابت، فيصلي سان مشروط پئي ڪيو پر ان جي پڄاڻي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جي اقتداري پڄاڻي جي صورت ۾ سامهون آئي آهي. ذريعا ٻڌائن ٿا ته قائم علي شاهه حڪومت سان لاڳاپيل ڏوهاري عنصرن ۽ ان جي مددگارن جي وڪالت کان بيزار ٿي چڪو هو. ان ڏس ۾ هو وڌيڪ ڪنهن به اڳڀرائي کان لاچاري ڏيکاري رهيو هو، جنهن لاچاريءَ سندس لاهه ڪڍيا. ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته قائم علي شاهه وزيرن، مشيرن توڙي ڪامورن ڪڙن کان موڪلائڻ بنا ئي وزيراعليٰ هائوس ڇڏيو آهي. هونئن ته پي پي قيادت پاران مسلسل سياسي فرمانبردارين جي صلي ۾ جيڪي سور مليا سي مليا تنهن جي ڳڻتين به سندس جيءَ کي ضرور جهوريو هوندو پر وڏ وزارت جي آخري ڏهاڙي تي ناصر شاهه جي وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن ڪڙن جي سامهون چيل ان جملي به پڪ سان تڪليف ڏني آهي ته سائين ٿڪل آهي کيس آرام ڪرڻ ڏيو. ناصر شاهه جي ان جملي جي ردعمل ۾ سڄو ڏينهن سائين قائم علي شاهه جي سامهون ڪو به فائيل يا سمري دستخط لاءِ سامهون نه آئي ۽ ان جملي جي تلخي قائم علي شاهه کي اهڙي ڪاوڙ ڏياري جو ”الوداع“ چوڻ کانسواءِ ئي سائين هليو ويو.
قائم علي شاهه کان جيڪڏهن وڏ وزارت ڇڏرائڻي ئي هئي ته ان جا ٻيا کوڙ طور طريقا به آڏو اچي پئي سگهيا. مثال طور ائين ٿي پئي سگهيو ته سائين ڪنهن تڪليف جو عذر ڄاڻائي قيادت کي وڏ وزارت ڇڏڻ جي گذارش ڪري ها ۽ قيادت ان جي مجبوريءَ کي سامهون رکندي پارٽيءَ جو اجلاس طلب ڪري ها. پارٽي قيادت قائم علي شاهه جي يارهن سالن جي ٽن وڏ وزارتن جي دورن جي ڪارڪردگين کي پنهنجي نقطي نگاهه سان آڏو آڻي ها. قائم علي شاهه جي پارٽي سان ڌرين بابت ڪا ڀرپور تقريب ڪوٺائي وڃي ها. قائم علي شاهه جي ڪارڪردگين کي پارٽي اڳواڻ، مشير، وزير ۽ لاڳاپيل دوست ساٿي پنهنجي پنهنجي تجربن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪن ها. اهو سڀ ڪجهه ۽ ان کان علاوه گهڻو ڪجهه ٿي پئي سگهيو. ٿي ته اهو به سگهيو پئي ته پارٽي قيادت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پارٽي فنڊ مان قائم علي شاهه جي ڪارڪردگين جي حوالي سان شانائتا اشتهار ڇپرائي ۽ نشر ڪرائي ها پر اهو سڀ هڪ خواب آهي هڪڙو خيال آهي ۽ زميني حقيقتون جيڪي چغليون هڻن ٿيون، اهي سيني ۾ سڌي تير جون تلخيون سانڍن ٿيون.
قائم علي شاهه بنيادي طور تي پارٽي قيادت جي ها ۾ ها ملائيندڙ اهو شريف انسان آهي، جنهن جي اکين آڏو بي شمار گهڻ رخين ڏاڍائين جون سچايون آهن. هن پنهنجي وڏ وزارتن جي سمورن دورن ۾ جيڪي ستم سٺا، انهن تي سدائين صبر ڪيو. هن ڪڏهن به منهن نه گهنجايو، ڪٿي به ڪا توائي نه ڏيکاري. بس پارٽي جي ”خاموش خدمت گذار“ طور مصلحت ۽ مفاهمت جي نانءَ ۾ سياسي وفاداري نڀائي. پارٽي قيادت توڙي، پارٽي اڳواڻ جيتوڻيڪ کيس چڱن لفظن ۾ ياد ڪن ٿا پر جنهن خراج جو هو مستحق هو کيس عملي طور تي نه مليو آهي.
قائم علي شاهه سنڌ کي ڇا ڏنو يا ورتو؟ اهو هڪ الڳ سوال آهي پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ هن پنهنجي شهر ۽ ضلعي کي ٺاهيو. اهو ساڳيو جذبو ۽ ترجيح جيڪڏهن سنڌ جي ٻين وڏن وزيرن جي به هجي ها ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جا ڏهن کان پندرهن ضلعا ڪنهن نه ڪنهن مهانڊي ۾ ڏسجن ها.سنڌ جي وڏي وزير جي تبديليءَ بابت ٽاڪ شوز ۾ پارٽي اڳواڻ چون ٿا ته قائم علي شاهه ميٽنگن ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ وڏي ڄمار سبب ڪجهه تڪليف پئي محسوس ڪئي، ان ڪري پارٽي قيادت سندس مجبوري ۽ مسئلي کي محسوس ڪندي اهو وقتائتو فيصلو ڪيو آهي.
هڪڙو تاثر اهو به آهي ته پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۾ عبرت ناڪ شڪست کانپوءِ سنڌ ۾ پنهنجي سياسي گرفت برقرار رکڻ لاءِ اقتدار جي بچي ويل ڏيڍ سال دوران وڃايل ساک بحال ڪرڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. مان ان تاثر سان سهمت ناهيان. ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو پارٽي قيادت جي غلط فيصلن ۽ لاپرواهين جو نتيجو هو، جيڪي لاشعوري نه هئا. اهڙي ريت، پاڪستان جي ٻين سمورن صوبن مان پي پي جي تڏا ويڙهه ٿي آهي، سا به ڪنهن جي پِٽ پاراتي جو نتيجو نه پر پارٽي جي ڪارڪردگيءَ جو نتيجو آهي. سنڌ ۾ جيڪا گهڻ رخي ڀينگ ٿي آهي سا به ڪنهن اونداهي رات جي واردات ناهي. ان ڪري سنڌ ۾ وڏ  وزارت جي تبديلي چهرا ته ضرور تبديل ڪندي باقي ان سان ڪو خاص فرق پوڻو ناهي.
گذريل ڪجهه هفتن کان صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ طارق سيال جي ويجهي ساٿي اسد کرل واري معاملي سرڪار جي جيڪا پت وائکي ڪئي آهي سا ڳالهه هاڻ ڪا ڳجهارت نه رهي آهي پر اهڙا اسد کرل هر تعلقي ۽ ضلعي ۾ موجود آهن، جن جا رڳو نالا تبديل آهن پر ڪارڪردگين ۾ بلوچستان جي ناڻي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کان به خراب ساک پت رکن ٿا. سوال اهو آهي ته انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿيندي؟ يا اهي جيڪي ڀوتارن جي ٽيڪ تي آهن تن ۾ ڪير هٿ وجهندو؟
اهي ڀوتار ۽ چونڊيل نمائندا جن اهڙا ماڻهو رکرايا ئي ادارن جي ڀينگ ڪرڻ لاءِ آهن، جن هڪ ئي ڌڪ سان ادارن جون بجيٽون ۽ فنڊ وڏي چالاڪيءَ سان تين وال ڪيا آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي تعلقه ميونسپلن جون ڪروڙين رپين جون ماهوار قسطون ڪڍرائي ڀوتارن کي ٺٺ ڪرايا آهن. ملازم اڄ به پگهارن لاءِ مظاهرا ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
سوشل ميڊيا تي پيپلزپارٽيءَ جي حڪومتي دور جي جهڙي ريت پت وائکي ٿي آهي، اهو سڀ ڪجهه جيڪڏهن ساڳئي تسلسل سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڇپجن ۽ نشر ٿيڻ شروع ٿي وڃي ته صورتحال ڪٿي وڃي دنگ ڪندي!؟ سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي تي مختلف حوالن سان مختلف دليل ڏيندي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا ۾ تبصرا ٿي رهيا آهن. منهنجو نقطئه نگاهه انهن مڙني کان مختلف آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته هنن ئي صفحن تي مون وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي سنڌ ۾ رينجرز جي موجودگي بابت بيان جو ذڪر ڪيو هو ۽ ان کي سنڌ حڪومت لاءِ وفاق جي ڌمڪي قرار ڏنو هو. سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ پڪ سان ڀنڊڻ شروع ٿي وڃي ها پر آصف علي زرداري وڏي سياڻپ کان ڪم وٺندي، رينجرز اختيارين وارو معاملو اينگهائڻ لاءِ سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديليءَ جو فيصلو ڪيو. رينجرز کي جيڪڏهن اختيار ڏيڻا هيا ۽ معاملو جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس مان منظوري وٺڻ سان ئي مشروط هو ته اهو اجلاس ته قائم علي شاهه به گهرائي پئي سگهيو پر ڇاڪاڻ ته پي پي جي مک قيادت ان معاملي تي ڪنهن وڌيڪ بارگيننگ جو سوچيو پئي، ان ڪري سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي سبب رينجرز اختيارين جي توسيع نئين ڪابينا سان مشروط ڪئي وئي.
ظاهر آهي ته وڏي وزير ۽ ان جي ڪابينا جي جوڙجڪ ۽ ان جي متحرڪ ٿيڻ ۾ ٻه هفتا لڳي ويندا ۽ انهن ٻن هفتن دوران وفاق ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ مفاهمت جا جيڪي نوان دڳ پيچرا ٺهندا، تن ۾ گهڻو ڪجهه واضح ٿيڻو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته خلق کي اندر ئي اندر پچندڙ ان سياسي کچڻي جي خبر نه پئي آهي.
دبئي ۾ پي پي اجلاس جي فيصلن جا اڃا نتيجا ئي نروار نه ٿيا هيا ته ٽي وي چئنلز پنهنجي هيڊنگس ۾ قائم علي شاهه کي بي اختيار وزيراعليٰ ڪوٺڻ شروع ڪيو هو. نه رڳو ايترو پر هن جي پارٽي قيادت جي فيصلن سان حڪومتي عملداري مشروط هئڻ واري وڊيو ڪلپ به ڏيکاري پئي وئي. هڪ اڌ ٽي وي چئنل ته وقت کان اڳ ئي اهو به چوڻ شروع ڪري ڏنو هو ته رينجرز جا اختيار گهرڻ لاءِ دبئي پهتل قائم علي شاهه پنهنجي ڪرسي وڃائي ايندو. اها خبر ۽ ان قسم جا تبصرا رينجرز وٽ قائم علي شاهه جي لاءِ ڪنهن سٺي ساک پت جو سبب بڻيا الائي نه پر ايترو ضرور ٿيو ته عام ماڻهو وٽ قائم علي شاهه جو هڪ ساکائتو تعارف ضرور جڙيو. قائم علي شاهه بابت پارٽي قيادت کي اهي تحفظات به هئا ته اهو وفاق وٽ يا وزيراعظم وٽ به اهڙي ئي فرمانبرداري ڏيکاري ٿو، جهڙي سندس پارٽي قيادت جي آڏو آهي.
پارٽي قيادت جو موقف اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته رويي ۾ لچڪ خراب ڳالهه ناهي پر آسانيءَ سان مخالف جي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ به ڏاهپ ناهي. قائم علي شاهه کان وڏ وزارت جي ڪرسي کسجي وئي آهي يا کسڪي وئي آهي. ان بابت جيترا وات اوتريون ئي ڳالهيون آهن پر حقيقت اها آهي ته آصف علي زرداري هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا آهن هڪ ته سنڌ ۾ پارٽي اندر موجود ڇڪتاڻ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي. ڪابينا ۾ رهندڙن ڪي مهانڊا گهر ڀيڙو ٿيندا ته ڪي نيون صورتون سامهون اينديون. اختيارن جي انهيءَ منتقليءَ سان پارٽي اندر هڪ توازن قائم ٿيندو. ٻيو ته رينجرز سميت لاڳاپيل ڪجهه اهم معاملن بابت به امڪاني خطري کي ٽارڻ، وقتي طور جواز فراهم ٿيندا.
سو عوام ان خوش فهميءَ ۾ نه رهي ته سنڌ ۾ نئين قيادت اچڻ سان کير جون نديون وهڻ شروع ٿي وينديون. ٽٽل ڦٽل روڊ رستا موٽروي جو ڏيک ڏيڻ لڳندا. شهرن ۽ ڳوٺن مان گندگي دور ٿي ويندي. ادارن ۾ ڪرپشن جي رستا روڪ ٿيندي ۽ اهل ماڻهن جي عزتن جا نوان سج اڀرندا. پي پي وارن ته نوڪرين جي نئين آسامين جي آڌار تي هاڻ سان ئي واڪ لڳايا آهن،  پئسن جون وصوليون شروع ڪري ڏنيون آهن. البته ايترو آهي ته آسامين جي لاءِ طئه ٿيل طريقه ڪار پوري ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اڳ فقط بنگلن تي لسٽون ٺاهي آرڊر ڏنا ويندا هئا.
(روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو