Thursday, July 21, 2016

ماضيء جو آئينو؛ “ايرانين جو وجود”


شفيق الرحمان شاڪر
سمورا تاريخدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته هن وقت دنيا جي مختلف حصن م آباد سموريون قومون حضرت نوح عليه اڳسلام جي مختلف پٽن جو اولاد آهن ڇوته ان طوفان ۾ زمين تي موجود تمام ماڻهو ٻڏي مري ويا هئا رڳو اهي ماڻهو باقي بچيا هئا جيڪي حضرت نوح عه سان ٻيڙيء ۾ سوار هئا. انهن ماڻهن جو ڪل تعداد حضرت نوح جي پٽن سميت 40 ٻڌايو وڃي ٿو.ان لحاظ کان اهل فارس يعني ايراني به نوح عه جي ڪنهن پٽ جو اولاد آهن.پر اهي پنهن جو پاڻ پنهن جي نسلي شروعات جي باري ۾ ايترو ته اختلافن جو شڪار آهن جو ڪوبه مورخ سندن باري ۾ ڪا راء قائم نه ڪري سگھيو آهي. ايراني “ ڪيومرث” نالي شخص کي پنهن جو جد امجد چون ٿا جيڪو سندن خيال ۾ ايران جو پهريون بادشاه هو.ڪن ان جو نالو آدم ۽ ڪن ابن آدم به ٻڌايو آهي.ان جو هڪڙو پٽ هو جنهن جو نالو ڪٿي سيامڪ ته ڪٿي اڪبر ٻڌايو ويو آهي.
پوري ايران ۾ ڪو هڪڙو به اهڙو آثار قديمه موجود ناهي جنهن کي 4000 هزار سالن کان وڌيڪ پراڻو چئي سگھجي.بيشڪ ايران جي سرحدن جي بلڪل ويجھو بابل کي انساني تهزيب جو پهريون مرڪز چيو وڃي ٿو پر اهو علائقو جتي هن وقت ايران موجود آهي ڪنهن به طرح ان تهذيب ۾ شامل يا ان جي اثر هيٺ نٿو اچي.ان مان ثابت ٿيو ته ايراني قوم ايتري قديم ناهي جيترو قديم هئڻ جي اها دعويٰ ڪري ٿي.پر مزي جي ڳالهه اها ته اختلافن جو اهو قصو اتي ئي ختم نٿو ٿئي پر ڪجهه روايتن ۾ ايرانين کي نوح عه جي پوٽي جي پوٽي جو اولاد ٻڌايو ويو آهي پر هشام بن محمد جو چوڻ آهي ته نوح عه جي هڪڙي پوٽي جو نالو ياسور بن سام هوجنهن جا ٻه پٽ هئا،هڪڙي جو نالو فارس ۽ ٻئي جو نبيط هو.هاڻي ڪجھ ماڻهو ايرانين کي فارس جڏهن ته ڪجھ نبيط جو اولاد ڳڻين ٿا. ان حساب سان ايراني گھٽ ۾ گھٽ 29000 سال پهرين وجود ۾ آيا هوندا پر گھڻا ان روايت کي قبول نٿا ڪن،انهن موجب فارس حقيقت ۾ حضرت يوسف عه (1813 قبل مسيح) جي اولاد مان هو.ڪن جو چوڻ آهي ته فارس ارم فخشد بن سام بن نوح جي اولاد مان هو جنهن جا ڏه پٽ هئا جيڪي تيز رفتار گھوڙن جيان تندرست ۽ توانا هئا.هڪڙي گروه جي خيال موجب ايراني، بوان بن ايران بن اسود بن سام بن نوح جو اولاد آهن ۽ اهو “ بوان” اهو ئي هو جنهن جي نالي سان فارس ۾ هڪ نهايت ئي خوبصورت ۽ ڏسڻ جهڙي جڳهه “ شعب بوان” منسوب آهي جتي نموني نموني جا سهڻا وڻ ۽ چشما آهن.
ايرانين جي باري ۾ ڪجھ روايتون اهي به آهن ته اهي دراصل بابل وارن جو اولاد آهن،بابلي ۽ نبطي قومون دراصل هڪ آهن جن کي تاريخ ۾ “ ڪلداني” لکيو ويو آهي.مورخن جو چوڻ آهي ته بابلين يا نبطين جو هڪڙو ٽولو بابل ۽ نينوا جي ڌرتي ڇڏي فارس ۾ بلخ ۾ اچي آباد ٿيو هو ۽ اهو ٽولو ئي ايرانين جو بنياد آهي.
بابل جو هڪ بادشاه افريدون نالي گذريو آهي جنهن جو دارالحڪومت ته بابل هو پر هن جي تخت ۾ فارس به شامل هو.فارسي بادشاهن ۾ ان جو ڇهون نمبر بيان ڪيو ويو آهي.افريدون جا ٽي پٽ هئا جن مان هڪ جو نالو ايران هو جنهن کي ڪي مورخ “ايرج” به چون ٿا.فارس وارن کي ان ايرج جو اولاد ٻڌايو ويو آهي.البته پڪي سند اها آهي ته ايراني ڪيومرث جي نسل مان آهن ۽ ڪيومرث ئي ايرج بن افريدون جو ڏاڏو آهي.ايرج بن افريدون جو هڪ پٽ “منوچهر” ايران جو هڪ زبردست بادشاه گذريو آهي.
تاريخ مسعودي مطابق؛ايراني پنهن جو ناتو بني قحطان سان ڳنڍين ٿا جيڪي يمن جا رهاڪو ۽ حضرت اسحاق عه جي نسل مان آهن.هڪ قديم فارسي شاعر به پنهن جو پاڻ کي حضرت اسحاق جي اولاد مان شمار ڪيو آهي ۽ هن جي چوڻ مطابق حضرت اسحاق جو فارسي نالو “ايرڪ” هو.
ڪجھ مورخ ايران جي قديم رهاڪن جو تعلق آريائي نسل سان ڳنڍين ٿا.انهن جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو اٽڪل 4000 قبل مسيح ۾ چراگاهن جي ڳولا ۾ “ پامير” کان هلي ايران آيا.شروع ۾ انهن جو ديرو سمرقند ۽ بخارا رهيوپر جڏهن اتان جون حالتون سازگار نه رهيون ته اهي انهن علائقن ڏانهن وڌيا جيڪي اڄ ايران ۾ شامل آهن.هڪڙو ٽولو ايران جي اترئين علائقي “ ميڊيا” ۾ داخل ٿيو جڏهن ته ٻيو ٽولو ڏکڻ ايران جي پارس واري علائقي ۾ آباد ٿيو.ميڊيا ۽ پارس جا قديم رهاڪو انهن نون ايندڙ  آريائي ٽولن هٿان ماريا ويا ۽ جيڪي بچيا اهي جبلن ۾ هيڏانهن هوڏانهن غائب ٿي ويا.ڪجھ اهڙا به هئا جن حملي ڪندڙن جو غلام بڻجي رهڻ قبول ڪيو.آريا قبيلا شروع شروغ ۾ مال چاريندا هئا پوء ٻني ٻارو ڪرڻ لڳا پر انهن کي هتي به سڪون نصيب نه ٿيو.انهن جي آسپاس اسوري آباد هئا جن آريائن تي ڪيترائي حملا ڪري کين پنهن جو غلام بنجڻ تي مجبور ڪيو.
ڪجھ مورخن مطابق؛ ايران جي سرزمين تي انسانن جو وجود نيوليٿڪ دور کان ثابت آهي البت 6000 قبل مسيح ۾ انهن جانور پالڻ ۽ ٻني ٻارو ڪرڻ شروع ڪيو.ان سان گڏ ئي برادريون وڌڻ شروع ٿيون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو