Sunday, July 31, 2016

مون منجهيئي مينهن“ ’اسين اهڙي جا اهڙا !‘


سو بهرحال سڳورو قائم علي شاهه (جيالن جي وڏڙن جي نشاني) پنهنجا وارا وڄائي نه پر وٺي هليو ويو، سندس جاءِ وري ٻئي سيد سڳوري اچي والاري آهي!
سائين قائم علي شاهه سنڌ تي حڪمران رهڻ وارو رڪارڊ به عرصي جي حوالي کان ٽوڙيو، پوءِ کيس سندس پدَ تان لاٿو/ هٽايو ويو.
پنهنجي عهدي کان ڌار ٿيڻ کان وزيراعظم/ وزيراعليٰ رهڻ جو وارن/ڀيرن جو رڪارڊ هو ايوب کهڙي جو (ٽي دفعا)، سو سائينءَ برابر ڪيو ۽ عرصي جي حوالي کان رڪارڊ هو سر غلام حسين هدايت الله جو (لڳ ڀڳ ڇهه سال) سو به بهرحال سڳوري ٽوڙيو، موصوف ٽن ڀيرن ۾ اٽڪل ساڍن نون سالن کان به وڌيڪ عرصو پنهنجي عهدي تي رهيو.
سو ڳوڙهائيءَ سان سائينءَ جي حاڪميت جي ڏينهن جو اڀياس ڪري ڏسبو ته پاڻ مٿي ڄاڻايل رڪارڊ کانسواءِ ٻيا به کوڙ سارا رڪارڊ قائم ڪيا اٿس، جيڪي سڀ جا سڀ ناڪاري (Negative) آهن. انهن سمورن جو ارٿ اهو ٿو ٿئي ته سنڌ کي ايڪيهين صديءَ ۾، بدانتظامي، رشوت خوري، پنهنجا نوازي، تعليم، صحت، سماجيات، ڏوهه، پوليس گردي، نظم و ضبط، امن امان ۽ اقتصاديات، مطلب ته هر حوالي کان گوڏن ڀر ڪرائي پوءِ روانو ٿيو.
سندس ڏينهن ۾ رشوت خوري کي منظم صورت ڏني وئي، سرڪاري نوڪري جي ڳالهه ڪبي ته هر نوڪريءَ لاءِ گريڊن جي حوالي کان اگهه مقرر ٿيو (جيترو گريڊ، اوترا لک) ان وچ ۾ ”سڻڀن کاتن“ لاءِ اگهه ۾ واڌ ايندي رهندي هئي/ آهي.
نوڪرين جي معاملي ۾ سنڌ سان اڳين اٺن سالن ۾ جيڪو خاص الخاص هاڃو ٿيو آهي سو اهو ته ٻين صوبن ۾ اتي جي صوبائي پبلڪ سروس ڪميشنز مٿين درجن جي سرڪاري نوڪرين لاءِ هر سال مقابلي جو امتحان پئي ڪرايو آهي ۽ هتي سنڌ ۾ اٺن سالن ۾ فقط هڪڙو ڀيرو ئي (مختلف کاتن جي ”ڪم وارين“ نوڪرين لاءِ) گڏي امتحان ڪرايو ويو، جيڪو اعلان جي اڍائي سالن کانپوءِ ڪرايو ويو، جن جا اگهه ڪميشن جي اعلان سان گڏ اُميدوارن کي ٻڌايا پئي ويا. ٿيو وري ائين جو امتحان ۾ ڪامياب ٿيل اُميدوارن جي فهرست ڪنهن ٻئي هنڌ ٺاهي ڪميشن جي حوالي ڪئي وئي. ائين ڪرڻ سان اهو ٿيو جو سنڌ جو هيٺيون وچولو طبقو سخت متاثر ٿيو، جن جا نهايت باصلاحيت ٻار ۽ جن وٽ نه سفارش هوندي آهي نه ئي رشوت ڏيڻ/ نوڪري خريد ڪرڻ لاءِ پئسو هوندو آهي سي پوئتي رهجي ويا ۽ ائين اڳ ڪڏهن به ڪونهي ٿيو. اهو شرف به پيپلزپارٽي کي حاصل ٿيو. پبلڪ سروس ڪميشن کي مليل فهرست ۾ ڪميشن جي ميمبرن ۽ ڪامورن لاءِ به حصو پتي آهي. اهو ڦڪڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مستعفي چيئرمين جسٽس آغا رفيق ڦاڙيو.
ڪميشن کانسواءِ ٻين کاتن ۾ اعليٰ عهدن تي پئسن سان نوڪري ملڻ هاڻي سنڌ ۾ رواجي (Normal) ڳالهه آهي. اڪثر عهدن تي اهڙا ماڻهو ويهاريا ويا آهن جن جي صلاحيت فقط اها آهي ته اهي پيپلزپارٽي جي ڪنهن MNA, MPA، سينيٽر يا ڪنهن وڏي جيالي جي ڪٽنب مان هوندا آهن يا انهن جا ماڻهو. ان عمل سان سرڪاري ڪاروهنوار ۾ جيڪا ”صلاحيت“ نظر ايندي سا ڳالهه جدا آهي ۽ اڳتي هلي ان سان بدانتظامي Bad Governance ويتر وڌندي. ان کانسواءِ اڳ قائم کاتن ۾ نوان عهدا ۽ نوان ادارا به قائم ڪيا ويا ته جيئن گهڻي ۾ گهڻو ڪمائي سگهجي!
مقامي ادارن (Local Bodies) جي چونڊ کان لنوائڻ ۽ پوءِ ڪورٽ جي حڪم تي به گسائي گسائي چونڊ ڪرائڻ (اهو عمل اڃان مڪمل ڪونهي ٿيو) جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته انهن ادارن مان پنهنجن جو ڀڀ ڀريو ٿو وڃي (ايستائين جو ڪنهن جيالي جي زمين جي خرچ جو پوراؤ ڀر واري مقامي اداري جي فنڊن مان ڪيو ٿو وڃي) ان کانسواءِ ڪنهن به چونڊيل عيوضي توڙي انهن جي حالي حوالي ۽ درٻارين جي خرچ جو پوراؤ پڻ انهن فنڊن ۽ سرڪاري کاتن ذريعي ڪيو ٿو وڃي. تعليم کاتي ۾ ته NTS واري هڪ ٻه ڀيرو ڪيل ٽيسٽ کانسواءِ باقي ڀرتيون ڪيئن ٿيون، ان جو اندازو ان مان لڳي ٿو ته تعليم کاتي ۾ اڳئين دؤر دوران يارنهن هزار جعلي ڀرتيون ٿيون. ان کانسواءِ يونيورسٽين جا فنڊز، يونيورسٽين جون ٻين شهرن ۾ ڪئمپس، انهن جي تعمير ۽ ان جي نوڪرين ۾ ڀرتي مان هڙ حاصل ٿيڻ ته ڄڻ جيالن لاءِ بونس ٿيو.
امن امان ۽ ڏوهه گناهه واري ڏس ۾ سنڌ جو اهو حال ٿيو آهي جو اڪثر ڏوهاري ماڻهن کي نه آهي ڏوهه تي پڇتاءُ نه شرمندگي نه ئي سزا جو خوف! انهن جي بجاءِ هاڻي ته قانون جي پابندي ڪرڻ وارن (Law abiding) ۽ اشراف ماڻهو هر پل خوف ۾ مبتلا آهي. پوليس جي گرفتار ماڻهن کي مارڪٽ ۽ انهن جي بي عزتي (torture and insult) ڪرڻ واري ڳالهه ته پراڻي آهي پر سائينءَ جي ڏينهن ۾ فل فراءِ ۽ هاف فراءِ وارا اصطلاح رائج ٿيا. ڪوڙن مقابلن (Fake Encounters) جي انگ وڃي چوٽ ورتو. حالت اها اچي ٿي آهي جو ڪي اهڙا به مثال ملن ٿا جو پوليس جي خلاف عدالت ۾ ڪو ڪيس هلي ٿو ته پوليس سندن خلاف پيروي ڪندڙ وڪيل ۽ ڪن حالتن ۾ ته ويندي اهو ڪيس هلائڻ واري جج جي خلاف به ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪا نه ٿي ڪري!
هاڻي پاڻ ڳالهه ڪنداسون سنڌ جي اقتصاديات جي. سنڌ اڄ به صديون اڳ وارو زرعي سماج آهي. گذريل  اٺن سالن ۾ فصلن تي خرچ (ائگرو ڪيميڪل، ڀاڻ، ٻج ۽ تيل ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڪيترن ئي شين تان سبسڊي ختم ڪرڻ ڪري) تمام گهڻو واڌارو ٿيو آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ فصلن جو اگهه ماريو ويو آهي. ڇا ڪڻڪ، ڇا ساريون ڇا ڀاڄيون ڇا ڪمند، هر فصل جي آبادگارن جي دانهن پئي پوي. حيرت اها آهي ته ڪمند جو اگهه جيڪو سڄي ملڪ لاءِ مقرر هوندو آهي، سنڌ ۾ اهو به 20 کان 25 روپيا في مڻ جي حساب سان ماري ڏنو ٿو وڃي. ملنِ تي هر ڪجهه مڻن جي حساب سان رسد ۾ ڪنتو يا ڪٽوتي ان کان جدا (رستن تي پوليس بيهاري ڪمند ڍوئيندڙ گاڏين جو رخ ڦيرائي، ڪنهن ”خاص مل“ ڏانهن وڃڻ واري ڳالهه اڃان جدا!) ڪارڻ؟ فقط اهو آهي جو ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ اندر قائم ڪيل شگر ملز مان 50 کان 55 سيڪڙو ملن جو ڌڻي سنڌ جي سڀ کان زور آور هستي آهي، والله اعلم!؟
انهيءَ سڄي صورتحال ۾ فقط (Middle man) جو وارو آهي، جنهن کي ڍؤ ئي ڍؤ آهي. مُٺو هاري، جنهن کي ٻئي هٿ آهن مٿي تي!
اها ڳالهه ته هاڻي کليل راز آهي ته وڏن ٿاڻن کي نيلام ڪيو ٿو وڃي. ائين ئي هر جاءِ (Position) جو مقرر ڪيل حساب ڪتاب آهي، جنهن صورتحال کان ڪابينا به آجي ڪانهي! ”ڇا ٿيڻو اٿئي؟ ڪيترو ڏيندين؟“ پوءِ جي ترقياتي فنڊز کاڄي وڃن، خرچ نه ٿين، ملازمن جا پگهار هڙپ ٿي وڃن، مڙئي خير آهي. ڳڻتي جي ڳالهه فقط اها آهي ته ”مٿي ڪيترو ڏيندين؟“
سڳوري قائم علي شاهه جا جيڪي ٻيا سنڌ سان ڀال ڀلايل آهن، انهن مان پاڻ ڪن جو مختصر ذڪر ٿا ڪريون.
سائين ICC جي گڏجاڻي آئين پٽاندر وقت سر ڪوٺائڻ لاءِ فيڊرل سرڪار کي آماده ڪري ڪونه سگهيو، سائين NFC ايوارڊ مان به سنڌ جو جائز/ قانوني ۽ آئيني حق وٺي ڪونه سگهيو. پاڻ ۽ سندس خزاني وارو وزير (نئون وڏو وزير) مراد علي شاهه ته رڳو اسان جي اڳيان اچي سکڻيون دانهون ڪندا رهندا هئا. قائم علي شاهه به وفاق کان آدمشماري ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڪونه سگهيو، جنهن جو نقصان به گهڻي ۾ گهڻو سنڌ کي ئي ڀوڳڻو ٿو پوي ۽ ان مان سنڌ لاءِ مرڻ جيئڻ واري صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي! سو اهي ڳالهيون ته تاريخي ڏوهن ۾ ڳڻيون وينديون!
سائينءَ جي ڪيل سنڌ سان ڀالن توڙي نئين حاڪم مان اُميدن جي خيال کان صورتحال جو ڳوڙهائيءَ سان اڀياس ڪبو ته (اها ڳالهه سڄي سنڌ جي اڳيان اڳ ئي چٽي ٿيل آهي) خبر پوندي ته طاقت يا اختيار ڪنهن وٽ آهي؟ حڪم ڪنهن جو پيو هلي؟ ڪنهن کي خبر ڪانهي ته سنڌ ۾ ڪهڙي هستي آهي جيڪا سنڌ جي Defacto وزيراعليٰ آهي؟ هن ڌرتي تي انجي مرضي کانسواءِ پن ڪونه ٿو چري! هر هنڌ، خاص فيصلائتن هنڌن ۽ گهڙين ۾ سندس طاقتور وجود کي محسوس ڪيو ۽ ڏٺو ويو آهي! جنهن هنڌ به حڪمراني طاقت جا گهڻا مرڪز هوندا اتي ائين ئي ٿيندو آهي! حڪمراني يا انتظام هلائڻ ۾ غلطي ۽ ڪوتاهي جو امڪان ته هوندو آهي، پر هنن جي ته ڪجهه ڪرڻ واري نيت ئي ڪانهي!
ٻن چئن ڏينهن کان ميڊيا توڙي عام گفتگو ۾ اهو سوال زور وٺي ويو آهي ته مراد علي شاهه ڇا ڪندو؟ ڪيترو بااختيار هوندو؟ (سدائين اهو سوال اسين ويچارا ماڻهو فقط اُميد جي ڏڍ تي ڪندا آهيون ته من ڪجهه چڱو ٿي پوي) سو ڳالهه اها آهي ته مراد علي شاهه اهو ئي ڪندو جنهن جو کيس حڪم هوندو ۽ ايترو ئي بااختيار هوندو جيترو سندس چيئرمين بلاول صاحب پاڻ آهي! جنهن مٿان ”چيڪ ۽ بئلنس“ کي قائم رکڻ لاءِ ”جوڳو بندوبست“ ڪيل آهي، جيڪو ”بند وست“ هر پل پاڇي وانگر هر گڏجاڻي ۾ توڙي فيصلي ۾ ساڻس گڏ ويٺل آهي. بلاول ۽ مراد علي شاهه جي بااختيار هئڻ جو اندازو ان ڳالهه مان هنيو وڃي ته ڪالهه رات ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ وزيرن جي نالن لاءِ ٿيل گڏجاڻي جو خاتمو ان Note تي ڪيو ويو ته ”آخري فيصلو ”قيادت“ جي صلاح/ حڪم موجب ڪيو ويندو!
سو يارو! سَو ڳالهين جي هڪڙي ڳالهه ته، ”ابو مئو، ادو ڄاؤ، اسين اوتري جا ئي اوترا، يا اهڙي جا اهڙا“!
 (روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو