Thursday, July 21, 2016

وال پــــيــــپـــــــر : رينجرز جا اختيار وڌائڻ تي هلندڙ ڇڪتاڻ


رياض سهيل
سنڌ سرڪار ۽ رينجرز ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختيارن ۾ واڌ جو معاملو ڇڪتاڻ جو ڪارڻ بڻيو آهي. رينجرز کي مليل پوليس اختيارين ۽ صوبي ۾ موجودگيءَ جو مدو پورو ٿي چُڪو آهي. پر ان جي خواهش آهي ته ان کي سڄي صوبي ۾ ڪارروائيءَ جا اختيار ڏنا وڃن، جڏهن ته صوبائي حڪومت انهن اختيارن کي ڪراچيءَ تائين محدود رکيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته رينجرز کي سنگين قسم جي چئن ڏوهن دهشت گردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ ڀنگ لاءِ ٿيندڙ اغوائون روڪڻ لاءِ جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن، سي صرف ڪراچيءَ تائين محدود آهن ۽ باقي سنڌ لاءِ ناهن.
قانون مطابق اهي اختيار 120 ڏينهن لاءِ هجن ٿا، جن ۾ واڌ ڪئي ويندي رهي آهي، اهڙيءَ طرح رينجرز جي موجودگي جي مُدي ۾ به ساليانو واڌ ٿيندي رهي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اهم معاملن ۾ پارٽي قيادت سان مشورو ڪيو ويندو آهي، اختيارن ۾ واڌ جي حوالي سان اڃا فيصلو ٿيڻو آهي. سندس بقول ”پوليس هجي يا رينجرز“ ڪنهن کي به پنهنجا اختيار اورانگهڻ نه گهرجن، قانون ۽ آئين جي دائري اندر سڀني کي ڪم ڪرڻو آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي فرضن جي سُڌِ هئڻ گهرجي ۽ اهو ته حڪومت کي پنهنجي ذميوارين جو احساسُ آهي.
پيٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري سنڌ ۾ حڪمران پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ رينجرز ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻي هئي، اڱاري ڏينهن ان ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پاڪ سر زمين پارٽيءَ جي اڳواڻن کان علاوه پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ عبدالقادر پٽيل کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاريءَ کانپوءِ سنڌ سرڪار ۽ رينجرز ۾ اختلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ان وقت سامهون آيا، جڏهن رينجرز صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڳوٺ مان باقراڻي ميونسپل جي ملازم اسد کرل کي گرفتار ڪيو، جنهن کي بعد ۾ هڪ هجوم ٿاڻي تان ڇڏائي ورتو. سنڌ جي سڌ سماءُ واري صلاحڪار مولا بخش چانڊيو جو چوڻ هو ته سول ڪپڙن ۾ ڪارروائيءَ سبب غلط فهمي پيدا ٿي.
اسد کرل جي گرفتاريءَ لاءِ رينجرز لاڙڪاڻي ۾ ڪيئي هنڌن تي ڇاپا هڻي هڪ درزن کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ۽ ان دوران سهيل انور سيال جي گهر جو به گهيراءُ ڪيو ويو هو. مقامي ميڊيا موجب اسد کرل صوبائي گهرو وزير جي ڀاءُ طارق سيال جو دوست آهي.
ان ڪارروائيءَ کانپوءِ رينجرز جو اهو موقف سامهون آيو هو ته آپريشن جو دائرو  سڄي سنڌ تائين وڌايو ويو آهي، ان کان اڳ ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ سميت مخالف ڌر جون جماعتون اهڙو مطالبو ڪنديون رهيون آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسد کرل واري معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ رينجرز ۾ ڪو اختلاف ناهي، پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان سان صوبائي گهرو وزير يا سندس ڀاءُ جو ڪو تعلق ناهي.
ٻئي پاسي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جي حوالي سان ڊائريڪٽر جنرل رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۾ به رابطو ٿيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ سرڪار جڏهن رينجرز کي پوليس اختيارن وارو معاملو سنڌ اسيمبليءَ جي منظوريءَ سان مشروط ڪيو هو ته وفاقي حڪومت دهشت گرديءَ جي روڪٿام واري قانون تحت ٻن مهينن لاءِ اهي اختيار رينجرز کي ڏئي ڇڏيا هئا، پوءِ سنڌ حڪومت به انهن کي جاري رکيو.
(بي بي سي جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو