Wednesday, July 20, 2016

شاعريء جي زبان ؛ يزيد ساڻ مگر جنگ پوءِ به جاري آ. (امداد حسيني)






اهو صحيح ته هيءَ زندگي به  پياري آ
پکن جي پريت مگر ريت نيتِ نياري آ

حُسين  ابنِ  علي  ڪونه   آهِيان آئون
يزيد  ساڻ مگر جنگ پوءِ به جاري آ

فرات  نهر   نه آهي   اهو   ته سِنڌُو آ
انهيءَ ۾ رَتُ نه پاڻي، انهيءَ ۾ واري آ

پڇيوءِ ڏينهن  سندم  ڪيئن  گذرندو آهي؟
ڪڏهن اهو به ته پُڇ رات ڪنءَ گذاري آ!

اُماس رات هئي، پرهه کي پَسڻ جي لاءِ
ڏِيي جيان ئي جلي رات مون گذاري آ

اسان جو ڏينهن تتل سِڄُ آهه تارونءَ تي
۽ رات اکين ۾ ستارن جي اشڪباري آ

نه رنگهاريو ڪنهن ۽ نه ڪنهن ڏيو ٻاريو
اسان جي لئه نه ڪا هولي نه ڪا ڏياري آ




No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو