Monday, July 25, 2016

هيڊ ماستريءَ جا ڪامياب اميدوار ڪهڙي در دانهين


سارنگ پيرزادو
سنڌ اندر شاگرد طبقي کي گهڻو ڪري هيءَ ڳالهھ ريشان ڪندي آهي ته گورنمنٽ  پاران نوڪرين جو اعلان ڪڏهن ٿيندو ۽ هن ڀيري  سنڌ گورنمنٽ جي پاليسي ڇا هوندي؟ انهن نوڪرين کي حاصل ڪرڻ لاءِ عمر جي حد تعليمي قابليت يا تجربو پوئين ڀيري جي پاليسي تحت هوندو يا هن ڀيري وري ڪو نئون ڊرامو ٿيندو جنهن تي وري واويلا ڪئي ويندي ۽ پوءِ نتيجي ۾ الاءِ ڇا ٿيندو سنڌ گورنمنٽ اهو اعلان ڪري نه ڇڏي ته هي سڀ انٽرويو رد ڪيا پيا وڃن. انهن جاين کي ڀرڻ لاءِ ڪجهه عرصي بعداعلان ڪيو ويندو اهڙو ئي حشر ٿيو آهيتازو ئي سنڌ جي انهن ماسترن سان جن هيڊ ماستريءَ لاءِ فارم ڀرايا انٽرويو ڏنا ان جو نتيجو به آيو انهن جا نالا به آيا ته هي سڀ اميدوار انٽرويو پاس ڪري چڪا آهن پر انهيءَ سڄي تماشي کان پوءِ به هنن اميدوارن جي هٿ صرف مايوسي آئي، ان کان وڌيڪ نا انصافي ڇا ٿيندي ته جيڪي نوجوان اهل هجن جن کي ادارو  پاڻ چئي ته اوهان پاس آهيو ان بعد به هنن کي نوڪري نه ملي ۽ بعد ۾ انهن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏجي. مان سمجهان ٿو ته هي ته فراڊ آهي، اهو ڪيس ٿيڻ گهرجي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊيپارٽمنٽ جي انهن آفيسرن تي جن اهو سڄو تماشو ڪيو آهي. هن سڄي ڊرامي پٺيان اهو ئي سبب آهي جنهن جي ڪري سنڌ اڄ هن حال تي پهتي آهي، مطلب پنهنجن کي نوازڻ، هي معاملو شروع ٿيو ان وقت کان جڏهن سنڌ ايجوڪيشن اينڊ لٽرييسي ڊيپارٽمنٽ  ڊسمبر 2015 ۾ هڪ اشتهار هلايو ته هنن کي سرڪاري اسڪولن لاءِ هيڊماستر ۽ هيڊ ماسترياڻيون گهربل آهن، جن وٽ ماسٽررز سان گڏ بي ايڊ جي ڊگري هجي، ان بعد انهيءَ پاليسي مطابق امتحان ٿيا جيڪي هن ئي ڊيپارٽمنٽ پاڻ ڪرايا ۽ 1088 اميدوار ان امتحان ۾ ڪامياب ٿي آيا جن کي تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ عهديدارن پاڻ ٻڌايو ۽ اهو علان ڪيو ته هي سڀ اميدوار پاس آهن هاڻ اوهان اسڪول چونديو جتي اوهان چاهيو ٿا ته اوهان کي هاڊماستر طور رکيو وڃي. هي سڀ اميدوار منهن تي مرڪ سجايو پنهنجي پنهجي ضلعن ڏانهن هليا ويا ان اميد سان ته هنن کي آرڊر ملڻ وارو آهي بس صرف اسڪول چونڊڻ باقي آهي، بس هي اسڀ ان ئي انتظار ۾ ويٺا رهيا، پهريان چيو ويو ته هڪ مهيني اندر آرڊر ملندا اوهان کي گهر ڏي پوسٽ ڪيا ويندا مهينو گذري ويو ته مٿين هفتي جو دلاسو وري مٿين هفتي جو دلاسو ايئن ڪندي ڪندي پنج ڇهھ مهينا گذري ويا ان بعد هاڻ سنڌ ايجوڪيشن ايند لٽريسي ڊيپارٽمنت چوي ٿو ته هيڊ ماستر يا هيڊ ماسترياڻي لاءِ صرف اهي اميدوار اهل آهن جن جي ايم ايڊ ٿيل آهي ۽ بي ايڊ وارا سڀ اميدوار ناهل قرار ڏنا پيا وڃن اهي سڀ جن کي  پاڻ هن ديپارٽمنٽ پاس قرار ڏنو هو،
هاڻ چون ٿا ته اها اسان جي  پاليسي آهي 2014 کان وٺي ته ايم ايڊ وارا ئي هيڊماسترن لاءِ اهل آهن ، ڪير آهي هنن کان پڇڻ وارو ته جڏهن 2014 کان اها پاليسي آهي ته پوءِ اوهان پاڻ ئي اشتهار ۾ تعليمي قبليت بي ايڊ ڇو ڄاڻائي جيئن اها غلطي ٿي هئي ته پوءِ ان ئي قابليت تي انٽرويو ۽ امتحان ڪيئن ڪرايا ويا؟ مان سمجهان ٿو ته  جي واقعي اها ئي پاليسي آهي ته هن ڊيپارٽمنٽ تي لاپرواهي ۽ فراڊ جو ڪيس ڪرڻ گهرجي ۽ هن جي کي فارغ ڪرڻ گهرجي جن ايتري لاپرواهي ڪري اميدوارن جو ۽ گورنمنٽ جو ايترو وقت برباد ڪيو، پنجاب ۾ عملدارن اهي ئي هيڊ ماستر بي ايڊ تي رکيا ويا آهن جڏهن ملڪ هڪڙو آ کاتو هڪڙو ئي ٽعليم جو آهي ته پوءِ پاليسي تبديل ڇو؟ ڪٿي ايئن ته ناهي ته سنڌ ايجوڪيشن ڊيپارٽمنٽ اشتهار ته ڏئي ڇڏيو پر پوءِ مٿان ان تي دٻاءُ وڌو ويو ته ماڻهو پنهنجا ئي رکڻا آهن ان ڪري هنن پهريان پئي ان ڳالهھ کي ٽاريو اميدوارن کي آسرو ڏيندا رهيا ته هڪ مهيني ۾ آرڊر نڪرندا ايئن ڪندي ڪندي جڏهن ڳالھه پراڻي ٿي ته هنن پاس ٿيل اميدوارن مان اڌ کان وڌيڪ 660 اميدوارن کي هڪ لخطي اندر ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته بي ايڊ وارا هيڊ ماستري لاءِ اهل ئي ڪونه آهن. هنن سڀن اميدوارن سان ويساھ گهاتي ڪئي وئي آهي، ظلم ڪيو ويو آهي، پر ڇا ڪجي جو اسان وٽ هن ظلم خلاف ڪو آواز اٿارڻ وارو ڪونه آهي ۽ نه ئي ڪو هنن باصلاحيت نوجوانن کي انصاف وٺي ڏيڻ وارو آهي. هاڻ ڏسون ته اسان جي صوبائي حڪومت ان معاملي تي آخر ڪهڙو نوٽيس ٿي وٺي ۽ هنن اميدوارن کي ڪهڙو انصاف ٿي ڏئي ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اسان جي حڪمران جماعت کي هڪ هڪ ڪري سڀن  کاتن جي عام ملازمن سان ظلم ۽ ڏاڍائيون ڪرڻ سبب ايندڙ اليڪشن ۾ ناڪامي جو منهن ڏسي.
(روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو