Tuesday, July 26, 2016

شاعريء جي زبان؛ دوست ڪياسين دلداريءَ لاءِ ، ڪن ٿا دل آزاري،

استاد بخاري

دوست ڪياسين دلداريءَ لاءِ ، ڪن ٿا دل آزاري،
ڪنڌ جهڪيو هو جن قدمن تي، چوٽ لڳي ڪاپاري.


ڪوئل ڏي ويس بلبل ڏي ويس، پرواني ڏي ويس،
جنهن  جنهن  وٽ   ويس، تنهن تنهن وٽ آ زاري.


تنهنجو  منهنجو  ناتو   رشتو،  شايد موت ڇني،
هيءَ ياري هڪ ٻي ياري آ،  ناهي ماڻهن واري.


اوکي  بازي   اُلفت    واري،    پياري   ۽ نياري،
هيءَ جن جيتي تَن به نه جيتي، هارين ناهي هاري.


پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد،
عاشق   ناهين   ڄڻ   ڪو  آهين،   يار وڏو واپاري.



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو