Thursday, June 2, 2016

شاعريء جي زبان ؛ مــگـــر تـــون مـــــان نـه هـــــونـــــــداسيـــــــــــــــن،



ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين،
نيون پيون محفلون   مچنديون،  مگر  تون مان نه هونداسين.
مــوافــق بــاغ سـان بــادِ صبــا پــئـي هر گهڙي ٿيندي،
گــلــن ۾ رنــگتون اينديون، مـگر تــون مان نه هونداسين.
چــمــن ۾ چهــچٽا هونــدا، ڪـلين ۾ تازگـيون هونديون،
بـهــارون اينديون ۽ وينديون، مـگر تون مان نه هونداسين.
اهــي راتـيون رسـيليون ۽ رهـاڻيـون، تنهنجو ۽ منهنجو،
پـيـون هـر گام تي پڇنديون، مــگر تـون مان نه هونداسين.
اسان جي پيار جي خوشبـو سـان ويـندا واســجي ”راهي“،
سڀـئي واهڻ سڀـئي وسنديون، مـگر تون مان نه هونداسين


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو