Thursday, June 2, 2016

ادبي پڪوڙا؛ ”هيء ٽي وي ڪيتري جي آهي؟“

هڪ سک لنڊن  پهتو.گھر سيٽ ڪرڻ لاء سڀ کان پهرين ٽي وي خريد ڪرڻ جو سوچيائين۽ هڪ وڏي اسٽور اندر هليو ويو.پهرين ته هن جو وات حيرت وچان کليل رهجي ويوڇو ته اتي سوئيء کان وٺي جهاز تائين هر شيء ملي سگھي ٿي.پوء هو ڪائونٽر تي ويو ۽ سيلزمين کان پڇڻ لڳو؛
اها  ٽي وي  ڪيتري جي آهي؟
” اسان سکن کي ٽي وي نه وڪڻندا آهيون“. سيلزمين کيس کتو جواب ڏيندي چيو . سردار جيء کي زور جو جھٽڪو لڳو۽ هن واهگروء جو قسم کاڌو ته؛ ” آئون ه ٽي وي انهيء ئي دوڪان تان وٺندس.“
ٻئي ڏينهن ”سردار جي“ ويس بدلائي وري ساڳئي دوڪان تي ويو.ڪارو چشمو ۽ نهايت ئي ٻئي قسم جو لباس ۽ سيلزمين کي چوڻ لڳو؛ ”اها ٽي وي ڪيتري جي آهي؟“
” اسان سکن کي ٽي وي نه وڪڻندا آهيون“. سيلزمين کيس ساڳيو جواب ڏيندي چيو..سردار جي هاڻي هيڪاري ضد ۽ غصي ۾ اچي ويو پر حيران هو ته؛ ” هن مون کي ڪيئن سڃاتو؟“
ٽئين ڏينهن ته سردار جي پنهن جي ڏاڙهي ڪٽائي،ڪلين شيو بڻجي، پنهن جي پڳڙي به لاهي،پنهن جو پورو حليو ئي بدلائي آيو ۽ چوڻ لڳو؛ ” هيء ٽي وي ڪيتري جي آهي؟“
” اسان سکن کي ٽي وي نه وڪڻندا آهيون“. سيلزمين کيس وري به ساڳيو جواب ڏيندي چيو.سردار جي هاڻي ته ٽانڊو ٿي ويو.
ه چوٿين ڏينهن هوعورت جو  روپ ڪري ،هڪ برقعوبه پائي آيو ۽ هن سيلز مين کان  ساڳيوسوال ڪيو ته؛ ”هي ٽي وي ڪيتري جي آهي؟“
 ” اسان سکن کي ٽي وي نه وڪڻندا آهيون“. سيلزمين کيس وري به ساڳيو جواب ڏنو.
هاڻي سردار جي همت هاري ويٺو ۽ تمام عاجزيء سان سيلز مين کان پڇيائين؛
”ڀائو! هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاء،آئون هيترا روپ بدلائي آيس پر تو هر ڀيري مون کي سڃاڻي ورتو.آخر ڪيئن؟“
سيلزمين اطمينان سان جواب ڏنو؛ ”ان ڪري جو تون چئن ڏينهن کان جنهن شيء کي ٽي وي سڏي رهيو آهين اها دراصل ٽي وي نه پر واشنگ مشين آهي!“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو