ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي جيڪا ڪرپشن جي اڏوهي معاشري کي کوکلو ڪري پئي تنهن تي ڳالهائڻ تي به پابندي آهي، ڪرپشن ۽ جمهوريت کي لازم ملزوم ڪيو ويو آهي، جمهوريت ۾ وري بنيادي جمهوريت کي ته بلڪل اقتداري ڌر جي گذر جو وسيلو سمجهيو ويو آهي. انهيءَ بنيادي جمهوريت جي نالي تي سنڌ ۾ جيڪا ويڌن عوام سان پئي ٿئي ان تي ڪنهن کي به چپ چورڻ جي اجازت ناهي، پرويزي دور جي پوئيواري ڪندي بنيادي جمهوريت جي ادارن کي حڪومتي ڌر جي اڳواڻن لاءِ جاگيرون ڪري ورهائي ڏنو ويو آهي، جيڪي سالن کان انهن بلدياتي ادارن جي فنڊن مان ٻچن جو پيٽ گذران ته پيا ڪن پر عوام جي بنيادي حقن تي به لت ڏيو ويٺاآهن اهي کاٽائو پٽ نه رڳو پنهنجاڀڀ ڀرين پياپر معاشري لاءِ ناسور بنجندا پياوڃن، بيسڪ ڊيموڪريسي جي روح کي لڄائيندي اهڙا قانون ايجاد ڪياوياآهن جن سان رڳو اها ڪرپشن قانوني ڪري وڌيڪ اوڳاڙي جا گس ڳولياوياآهن ،سنڌ۾ ڪنهن به شهرجي بنيادي جمهوريت جي انهن ادارن جي ڪارڪردگي تي نظر وجهندي اهاڳاله چئي سگهجي ٿي ته اهي ادارا رڳو حڪومتي ڌر ۽ ڪامورن جي خرچين لاءِ جوڙيل آهن، انهن ادارن جي ڪارڪردگي کي هٿ وٺي اهڙي حال تائين پهچايوويو آهي جي انهن جي موجودگي شرم جو سبب پئي بنجي، اڳئين رڳو انهن جافنڊ غائب ڪري ورهاياويندا هئاپر هاڻي ته باقاعدي سيڙپ به ڪئي وڃي ٿي، فنڊن مان ننڍاننڍا ٺيڪاجاري ڪري رقم ڪڍائي کائي وري اتي ٻيو ٺيڪو کڻڻ لاءِ ابتو ڪم ڪري ماڻهن کي گهرويٺي ويل ۾ وجهي هاءِ گهوڙا ڪرائي ٻياپئسا وصول ڪيا ٿا وڃن، ڄم ، موت جا سرٽيفڪيٽ اڳئين نادرا پئي جاري ڪري، صفائي ۽ پاڻي لاءِ پبلڪ هيلٿ،آبپاشي موجودآهي، گٽرن لاءِڊرينيج موجودآهي ،ترقياتي ڪم لاءِ ورڪس موجودآهي،باقي مڪاني اداري جو ڪم ڪهڙوآهي جي انهي۾ اليڪشنون ڪري ماڻهن کي ويڙهائي چٽ ڪيو ٿو وڃي، رڳو يتيم خانو آهي جنهن ۾ سياسي ڀتاخور،ڪامورا پيا پيٽ ڀرين.
شفيع الله ميمڻ سجاول
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو