Tuesday, June 14, 2016

لـطـيـــــف ؒ جـــــــي لات ؛ پاڻِي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِھه لَنگِھي ويا.


سارِي رات سُجانَ، سَودو ڪَن صاحبَ سين؛
ٻانهپَ  ڀَري  ٻيـڙِيُون،    هليا    جوپَ     جُوانَ؛
پاڻِي
 پَهلوانَ،     لَحظي  مَنجِھه  لَنگِھي  ويا.
عقلمند سڄي رات پنهن جي مالڪ سان لنئو لڳائي رکن ٿا.انهن ٻانهپ ۽بندگيء جو سودو ڪري پنهن جي زندگيء جي ٻيڙي ان وکر سان ڀري ڇڏي.هاڻي انهن پهلوانن لاء دنيا جي سمنڊ جو پاڻي ڪابه حيثيت نٿو رکي.اهي هڪڙي ساعت ۾ ان مان پنهن جي ٻيڙي پار ڪري وڃي منزل تي رسيا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو