Thursday, July 28, 2016

ڪالا باغ ڊيم جي نقصانن جو تاريخي جائزو


نواب يوسف ٽالپر
واپڊا جي چيئرمين ظفر محمود پاران 31 مئي کان ملڪ جي مختلف اخبارن ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ لڳاتار ڪيترائي ڪالم لکيا. هن ان جا پاڻمرادو فائدا ته ٻڌايا پر ان جا نقصان ڪهڙا آهن، ان باري ۾ هن جو قلم خاموش آهي. هن جو اهو ڪالم مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڇپجندو رهيو، شايد اهو ڄاڻي ٻجهي ڪيو ويو ته جيئن ان جي لکڻي ڪنهن هڪ ڏينهن به نظر مان گذري ته بقايا به لکڻي پڙهي ويندي. ظفر محمود صاحب پاران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ معاهدن جو ذڪر ڪندي اهو به ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪا ڌر خلاف ورزي ڪندي ته ضامن ان جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائيندي معاملن کي طئي ڪرائيندو، پر هتي معاملو ملڪن جي وچ ۾ ناهي، بلڪه ٽن صوبن جو هڪ صوبي جي وچ ۾ معاملو آهي، جيڪو ماضي ۾ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال جي معاملي ۾ به ٺڳي ڪري چڪو آهي ۽ ڀٽو صاحب جي دور ۾ ٿيندڙ هي لکت وارو معاهدو جنهن تي اُن وقت جي گورنر سنڌ ممتاز ڀٽو ۽ گورنر پنجاب غلام مصطفيٰ کر صحيحون ڪيون هيون ۽ اهي به ٺڳي ۽ بدديانتي جو شڪار ٿي ويا، ڇو ته ان معاهدي ۾ طئي ٿيو هو ته جڏهن ٻوڏ ايندي ته ان وقت چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوليو ويندو پر معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي ان کي عام ڏينهن ۾ به استعمال ڪيو پيو وڃي. وفاق جيڪو ان ۾ ضامن هو، اُها خاموش تماشائي بڻيل رهيو آهي، ان لاءِ اسان ان ڊيم جي حوالي سان ان جي سمورن پهلوئن جي باري ۾ غور ڪنداسين ته هي ڊيم ڇا آهي، ان تي گهڻو خرچ ايندو، ملڪ کي ان مان ڪهڙو فائدو ٿيندو يا نقصان. هتي ان ڳالهه جو خاص طور تي ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ظفر محمود صاحب پاڻ سرڪاري ملازم آهي، سرڪار کان پگهار کڻي ٿو، ان جو هرگز اهو ڪم ناهي ته ان تڪراري مسئلي ۾ پوي، ڇو ته اهو ڪم قانون ساز اداري ۽ ان جي ميمبرن جو هوندو آهي ته هو ان تي قانون سازي ڪن. پارليامينٽ ۾ ان تي بحث مباحثو ڪن، پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن، پر ڪنهن سرڪاري ملازم کي اهو حق حاصل ناهي ته هو اهڙي تڪراري ڳالهه تي ڳالهائي، جنهن جي خلاف ٽن صوبن جي اسيمبلين ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه کي متفقه طور رد ڪيو هجي. وفاقي حڪومت کي فوري طور تي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان جي خلاف سرڪاري ملازمن جي قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي تي ان جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.
پيپلزپارٽي جي حڪومت ايندي ئي سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيو ته جيستائين ٽئي صوبا مطمئن نه ٿيندا، ان ڊيم جي تعمير نه ڪئي ويندي. ان منصوبي جي خلاف صوبي خيبر پختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ اسيمبلي پاران ڪيترائي ڀيرا اسيمبلين مان قراردادون پاس ڪيون ويون ۽ ان مسئلي کي هميشه جي لاءِ ختم ڪيو ويو پر هاڻ ٻيهر صرف ڪجهه ماڻهن جي خواهش تي جن جا ذاتي مفاد وابسته آهن، ان کي زنده رکڻ جي لاءِ ڪالمن جو سهارو ورتو پيو وڃي، جنهن مان مخصوص سازش جي بوءِ اچي رهي آهي. اسان مخالفت براءِ مخالفت جي سياست جا قائل ناهيون ۽ هر سٺي قدم جي تعريف ۽ خراب ڪم جي مخالفت ڪريون ٿا، ڇوته اهو جمهوريت جو شان آهي. مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن ٽنهي صوبن ۾ ان حوالي سان ووٽنگ ڪرائي وڃي ته سئو سيڪڙو عوام ڪالا باغ ڊيم جي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيندو.
ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو اصل ۾ آهي ڇا ۽ ان جي پويان ڪهڙا مقصد آهن؟ ان جو تفصيلي جائزو وٺڻ تمام ضروري آهي. 1960ع ۾ جنرل ايوب خان جي دور ۾ ڀارت سان سنڌ طاس معاهدو ڪيو ويو، ان جي تحت پنجاب جا ٽي درياهه، راوي، ستلج ۽ بياس ڀارت کي ڏنا ويا هئا ۽ اهو طئي ٿيو هو ته ان تي ڊيم پاڪستان جي رضامندي سان ٺاهيا ويندا، جڏهن ته جهلم ۽ چناب جي لاءِ اهو طئي ٿيو هو ته اهي پاڪستان وٽ رهندا. انهن درياهن جو سودو ڪرڻ وارن جي خلاف ظفر محمود صاحب جي زبان خشڪ آهي. اصل ۾ ته انهن معاملن جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ۽ انهن سمورن ماڻهن تي ڪيس هلايو وڃي، جيڪي ان شرمناڪ معاهدي ۾ ملوث آهن، بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح سيد جماعت علي شاهه ڀارت کان پاڻي جي معاملي تي سوديبازي ڪري ملڪ مان فرار ٿي ويو هو.
مان هتي اها ڳالهه به ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته 1991ع ۾ نواز شريف جي صدارت ۾ پاڻي جي ورهاست جي حوالي سان چئن صوبن ۾ گڏيل اتفاق سان معاهدو ٿيو هو، جنهن کي پهريون متفقه ايوارڊ به چيو وڃي ٿو. ان معاهدي تي سنڌ مان ڪجهه تحفظات سان گڏ صحيحون به ڪيون ويون هيون. معاهدي ۾ اهو طئي ٿيو هو ته سڀ کان آخري حصي (ٽيل) کي سڀ کان پهريان پاڻي ڏنو ويندو، ڇوته جيڪڏهن سمنڊ ۾ روزانو 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته سمنڊ ڦهلجي ويندو ۽ ڪيترائي زرخيز علائقا کائي ويندو، پر ان معاهدي تي عمل نه ڪيو ويو، جنهن جي ڪري ٻه ضلعا ٺٽو ۽ بدين جي زرعي زمين تباهي جو شڪار آهي، اهي علائقا ڪمند جي فصل جي ڪري مشهور هئا، هاڻ اُتي سم ۽ ڪلر اچي ويو آهي، اهڙي طرح ٻيا زرعي علائقا به بري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. ظفر محمود کي گهرجي ته پهرين ٽيل ۾ پاڻي پهچائڻ کي يقيني بڻائي ته جيئن سمنڊ ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي پهچي سگهي ۽ سنڌ کي مڪمل تباهي کان بچائي سگهجي.
ڪالا باغ ڊيم جي لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته ان مان بجلي پيدا ڪئي ويندي. در حقيقت اها هڪ پروپئگنڊا آهي، ڊيم جي پيداواري صلاحيت صرف 15 سئو ميگاواٽ آهي، جڏهن ته ان جي متبادل درياهه ڪابل، درياهه سوات، درياهه چترال، درياهه ڪومل تي ڊيم ٺاهي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. صوبي خيبرپختونخوا وٽ ان وقت به 150 جي لڳ ڀڳ منصوبا تيار آهن، جنهن ۾ 110 منصوبن جي PC-1 (پي سي ون) جي اسٽيڊي مڪمل آهي ۽ جيڪڏهن وفاقي حڪومت فنڊ مهيا ڪري ته ٻن سالن جي اندر 5 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته ملڪ کي صرف 18 سئو کان وٺي 2 هزار ميگاواٽ بجلي جي وڌيڪ ضرورت آهي. اڄ جي جديد دور ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڊيم ٺاهڻ جي قطعي ضرورت ناهي، صرف وهندڙ پاڻي تي هائيڊرو پاور پلانٽ جي مدد سان بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ڪئنڊا ۽ امريڪا جي وچ ۾ نياگرا فال ان جو بهترين مثال آهي، جتي هائيڊرو پاور پلانٽ جي ذريعي ڪئنڊا ۽ امريڪا جي ڪيترن ئي علائقن کي بجلي مهيا ڪئي پئي وڃي، ان جي باوجود ان منصوبي تي ڇو زور ڏنو پيو وڃي ته ان جي پويان ڪهڙي سازش جي بوءِ اچي رهي آهي.
ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان مان بجلي سان گڏوگڏ پاڻي جو ذخيرو ڪيو ويندو، جيڪو سراسر ڪوڙ آهي. قدرتي جاءِ جي حوالي سان 40 کان 50 ڊيم ٺهي سگهجن ٿا، جيڪي ڪروڙين ڪيوسڪ فٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهن ٿا، انهن تي لاڳت به تمام گهٽ ايندي. ان کانسواءِ جيڪڏهن وڌيڪ بجلي ۽ پاڻي پيدا ڪرڻ جي ضرورت هجي ته ڪي پي ڪي ۾ ڪجهه هنڌن تي ڊيم ٺاهڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو، جتي قدرتي جڳهيون آهن ۽ اهي ٽنهي طرفن کان پهاڙن جي گهيري ۾ آهن ۽ رڳو هڪ جاءِ تي بند ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جتي جيتري ڀت مٿي ڪندا ويندا، اوترو ئي پاڻي ذخيرو ٿيندو ويندو. ڪالا باغ ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو ڪيو ويندو، ان جو مقدار 6.1 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڀاشا ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو 7.6 ملين ايڪڙ فٽ ٿيندو، يعني 1.5 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي وڌيڪ ذخيرو ٿيندو. اهڙي طرح ڀاشا ڊيم جي بجلي پيداواري صلاحيت به ڪالا باغ ڊيم جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. جيڪو ٺاهڻ تي خرچ به وڌيڪ ايندو. ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ تي 7.6 بلين ڊالر جي لاڳت ايندي، جڏهن ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي 4 بلين ڊالر لاڳت ايندي يعني 3.6 بلين ڊالر خرچ گهٽ ايندو. انهن سمورن انگن اکرن کانپوءِ به جيڪڏهن ڪو ائين چوي ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ گهرجي، ان کي تعصب ۽ انفرادي فائدي کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي. ڇوته ڪالا باغ ڊيم مان سنڌ کي پاڻي نه ملندو ۽ رستي ۾ ئي ختم ٿي ويندو، هاڻ به نوان واهه ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن، ان لاءِ پاڻي ٽيل تائين پهچي نه سگهندو، ڇو ته اهو مسلم اصول آهي ته پهرين پاڻي آخري حصي يعني ٽيل کي ڏنو ويندو آهي، جنهن جي ڪري سمنڊ کي ان جي مڪمل مقدار ۾ پاڻي ملي ويندو آهي، جنهن سان سمنڊ پنهنجي جڳهه تي برقرار رهندو آهي، ٻي صورت ۾ هو ڪيترن ئي علائقن کي بنجر بڻائي ڇڏي ٿو. موجوده صورتحال ۾ اهو ئي ڪجهه نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي ڪري اسان مخالفت ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ سان اها صورتحال نه ٿيندي پر ان سان پنجاب کي تمام ٿورو پاڻي ملندو. اهو ئي سبب آهي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀاشا ڊيم جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، پر هينئر تائين ان منصوبي تي ڪم شروع ناهي ڪيو ويو. ڇا ظفر محمود صاحب ان تي ڪجهه روشني وجهندو؟
ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ سان سنڌ سان گڏوگڏ خيبر پختونخوا جا 5 زرخيز ضلعا پشاور، نوشهره، مردان، صوابي ۽ چارسده سم ۽ ڪلر جو شڪار بڻجي بنجر ٿي ويندا. هي اهي علائقا آهن، جتي پاڪستان جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ تمباڪو پيدا ٿيندو آهي. اهڙي طرح سنڌو درياهه جنهن جي ڪناري تي سنڌ آباد آهي، صدين کان هي درياهه پوري صوبي سنڌ جي زمينن کي آباد ڪري رهيو آهي. هتي دنيا جو بهترين چانور پوکيو ويندو آهي. انب، ڪمند، ڪپهه ۽ کجور سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، بهترين نمونن ۽ قسمن جون سبزيون ۽ ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي پر ان عمل سان صوبو ۽ ملڪ ان قيمتي جنسن کان محروم ٿي ويندي. ماضي وانگر سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو مقدار ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندو پيو وڃي، رهي سهي ڪسر ڪالا باغ ڊيم ٺاهي پوري ڪئي ويندي. ان لاءِ ان خطرناڪ منصوبي کي سنڌ جو عوام هرگز قبول نه ڪندو. اهو سنڌ ڌرتي جو غدار سڏرايو ويندو ۽ عوام جي هتي رهڻ کي ڏکيو ڪيو ويندو. اهو منصوبو دراصل سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش آهي، پر سازشي اهي چئي رهيا آهن ته اهي ضمانت ڏين ٿا ته ان سان پاڻي کي نه روڪيو ويندو. آخر ڪالا باغ ڊيم ئي ڇو پيو ٺاهيو پيو وڃي. هڪ اهڙو درياهه جنهن مان چار ئي صوبا فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ان جو ليور پنجاب ۾ ڇو پيو ٺاهيو وڃي. ان تي سمورن محب وطن هجڻ جي دعويدارن کي ضرور سوچڻ گهرجي ته جڏهن ته بدديانتي جي فضا قائم آهي. هاڻ چيو پيو وڃي ته سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ماڻهن کي ڊيم جي چوڪيداري تي لڳايو ويندو، اهو به صرف خوابن جون ڳالهيون آهن ڇا حقيقت ۾ ائين ممڪن آهي؟ فرض ڪريو ته نيت بدلجي وئي ۽ چوڪيدار کي ڪن مان وٺي پنهنجي علائقي مان ڪڍيو وڃي ته اهو ڇا ٿو ڪري سگهي. ماضي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ٿيندڙ چشما جهلم لنڪ ڪئنال تڪرار ان جو بهترين مثال آهي. چشمه جهلم لنڪ ڪئنال تي سنڌ کي ڪيترو پاڻي ملندو؟ ان جي ماپ جي لاءِ سنڌ مان جيڪي آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٿا، جڏهن هو پاڻي جي ماپ جو ڪم شروع ڪن ٿا ته سنڌ کي ڪيترو پاڻي ڏنو ويندو ۽ ٻين جڳهين کي ڪيترو پاڻي ڏنو ويندو، انهن کي اتان جوتا هڻي ڀڄايو وڃي ٿو. جنهن جا ثبوت اسان وٽ موجود آهن، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ مان هاڻ ڪو به آفيسر اوڏانهن وڃڻ جي لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن زبردستي ان کي اُتي بدلي ڪيو وڃي ته دل سان نه پر زبردستي اوڏانهن وڃڻ لاءِ مجبور هوندو آهي، پر ڪم اهو صحيح نٿو ڪري سگهي، البته رپورٽ ۾ به سڀ ڪجهه لکي ڇڏيندو آهي. شروع ۾ ته ان معاهدي تي عمل ڪيو ويو، پر بعد ۾ ان جي خلاف ورزي شروع ٿي ۽ پنجاب ٻوڏ جي ڏينهن جي بجاءِ عام ڏينهن ۾ پاڻي کڻي رهيو آهي، ڇوته ان جي ليور پنجاب ۾ آهي، جيڪو پنهنجي مرضي سان ان کي کولي ۽ بند ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن تي شديد تڪرار پيدا ٿيو. هن وقت ارسا جو چيئرمين ۽ سنڌ جي ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. سنڌ جي عوام جي شديد اعتراض تي ان وقت جي وزيراعظم کي پاڻ هتي اچڻو پيو ۽ مسئلي کي سلجهائڻ جي ڪوشش شروع ٿي. چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي فوري طور تي ڪاغذن ۾ بند ڪيو ويو پر حقيقت ۾ ان کي بند نه ڪيو ويو ۽ هاڻ به بنا ٻوڏ جي عام ڏينهن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. ها البته هن وقت جي ارسا جي قائم مقام چيئرمين کي ان جي عهدي تان هٽايو ويو هو. ان جي باوجود به اهو چيو پيو وڃي ته ڪالا باغ ڊيم جي چوڪيداري ٻين صوبن کي ڏني ويندي، جيڪو هڪ سنگين مذاق آهي. هن وقت اسان جي هڪ ڳالهه جي جاءِ تي چار ڳالهيون مڃيون وينديون، پر ڊيم ٺهڻ کانپوءِ ان جي برخلاف ٿيندو، جيئن ماضي ۾ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي منصوبي ۾ تحريري معاهدي جي باوجود خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي سرزمين پيار، محبت ۽ امن و آشتي جي ڌرتي آهي، شاهه لطيف جي ڌرتي آهي پر ان جو مقصد هرگز اهو ناهي ته اسان کي ڪمزور سمجهي دوکو ڏنو وڃي.

1 comment:

  1. تمام بهترين ڄاڻ توهان طرفان اسان تائين پهتي
    هتي اهو قانون آهي جيڪو ڏاڍو ان جو گابو.

    ReplyDelete

پنهن جي راء هتي لکو