وزيراعظم نواز شريف ٽي او آرز جي معاملي تي اپوزيشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي ٽاسڪ ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه کي حڪومتي ٽي او آرز بابت جلد اعتماد ۾ ورتو وڃي، ان ڏس ۾ وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي خاطر ڳالهين توڙي مفاهمت جو عمل جاري رکيو ويندو، جاتي امراءِ ۾ وزيراعظم سان اسحاق ڊار جي ملاقات دوران هُن وڌيڪ چيو ته ٽي او آرز جي مسئلي تي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڳالهيون جاري رکيون وڃن. ٻئي طرف حڪومتي نمائندن واضح ڪيو آهي ته رڳو شريف خاندان جي احتساب وارو مطالبو نه هلندو ۽ نه ئي حڪومت پاران ان کي قبول ڪيو ويندو. هوڏانهن مخالف ڌر جي ٻن اهم جماعتن پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف پارلياماني ڪميٽي جي ٽي او آرز کي فقط پاناما ليڪس اسڪينڊل جي جاچ تائين محدود رکڻ تي اتفاق ڪندي حڪومت خلاف گڏيل تحريڪ لاءِ رابطا وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي، اپوزيشن ليڊر پاناما ليڪس تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ لاءِ وزير اعظم کي ذاتي طور اڳتي اچي ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي ڪابه جماعت حڪومت کي سهارو نه ڏيندي، جڏهن ته حڪومت سان سوديبازي ڪرڻ جون خبرون به بي بنياد آهن.
ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ عوام نام نهاد جمهوري سياست جي تماشن کان تنگ ٿي چڪو آهي، تاريخ شاهد آهي ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ تبديل ٿيل صورتحال جي نتيجي ۾ دنيا جي مختلف خطن ۾ نيون تحريڪون اُڀريون، رياست ۽ سرمائيدار نظام جي خلاف انهن بغاوتن کي چٿڻ لاءِ سامراجي قوتن جابر فوجي آمريتن کي استعمال ڪيو ۽ انهن کي اڳيان آندو، جڏهن ته نام نهاد جمهوري حڪومتن ۾ ٿيل سماجي ۽ معاشي تباهي کانپوءِ اڄ پاڪستان ۾ عوام اشرافيه ۽ ان جي سياست کان لاتعلق بڻيل نظر اچي ٿو، ڇوته عوام ۾ عام طور تي اهو تاثر ملي ٿو ته جمهوريت هڪ دوکو ۽ دولاب آهي، سمورا اهم فيصلا، پرڏيهي، اندروني پاليسيون ۽ معاشي پروگرامن جي جوڙجڪ اقتدار جي ايوانن ۾ ڳجهي نموني ڪئي وڃي ٿي ۽ عوام کي انهن اهم فيصلن کان لاتعلق بڻايو ٿو وڃي.
سامراجي قوتن ۽ پاڪستان ۾ انهن جي پيروڪارن عوام جي مفادن، ان جي خواهشن ۽ سياست سان ڀرپور نموني دوکو ڪيو آهي، نتيجي ۾ عوام جو سياست ۽ جمهوريت تان ويساهه ئي کڄي ويو آهي، اها به حقيقت آهي ته جمهوري نظام جي شديد بحران جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن مقامي اڳواڻن کي به سامراجي منصوبن جي خلاف ٿيڻو پوي ٿو. اسان جي ملڪي سياست سان به ڪيترائي دوکا ٿي چڪا آهن، ڪجهه ماڻهو اچانڪ سياست ۾ آيا ۽ اهو راڳ آلاپڻ لڳا ته ملڪ کي نوجوان قيادت جي ضرورت آهي ۽ پوءِ هنن ان لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ڇڏيو، ڇا اهو پاڪستاني سياست ۽ جمهوري نظام سان دوکو ناهي؟ هن وقت ملڪ ۾ ڪو نوجوان سياستدان آهي ته اهو بلاول ڀٽو زرداري آهي، پر تنهن هوندي به اڄ جي سياست ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ ايندڙ شخصيتن جا ڪردار انهن حقيقي سياستدانن کان وڌيڪ نمايان ڏسجن ٿا، اهڙي تبديل ٿيل صورتحال تي عوام جيترو ڏکارو آهي، ان جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته پيپلزپارٽي جي مرڪزي حڪمراني رڳو سنڌ تائين محدود ٿي وئي، ان جو ڪارڻ وقتي طور ساٿ ڏيندڙ لوٽا پارٽين جا اهي اڳواڻ آهن، جن مفاد حاصل ڪرڻ بعد پنهنجون وفاداريون تبديل ڪيون.
بهرحال، اڄ جيڪڏهن موجوده نواز سرڪار خلاف پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ سندن ٻين اتحادي جماعتن احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو سوچيو آهي ته ان تي عملي رستو اختيار ڪرڻ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون درپيش آهن؟ مخالف ڌر جي جماعتن پاران ته گذريل ڪيتري ئي وقت کان هڪٻئي سان رابطا جاري آهن، پر ان جو ڪو کڙتيل نه پيو نڪري! اهڙي مُنجهيل ۽ اُبهام ۾ وڪوڙيل صورتحال کي اڳيان رکندي سوال اهو اُڀري ٿو ته ڇا مخالف ڌر جي جماعتن ۽ حڪومتي ڌر جي صفن ۾ ڪي اهڙيون قوتون موجود آهن، جيڪي مفاهمت يا ڪنهن نئين ڊيل کي جنم ڏيڻ چاهين ٿيون؟ جيڪڏهن ائين آهي ته اهو نه رڳو موجوده جمهوري نظام ۽ عوام سان دوکو هوندو، بلڪه گڏوگڏ انهن قوتن جي پيروري ڪندڙ سياستدانن لاءِ به اهو ڪردار ڪنهن خطري کان گهٽ نه هوندو. جيستائين پاڻمرادي احتساب جي حوالي سان وزيراعظم نوازشريف جي اڳيان اچي ڪردار ادا ڪرڻ جو سوال آهي ته ان ڏس ۾ اپوزيشن ليڊر جي ان تجويز کي اهميت ملڻ گهرجي، ڇوته ان سان بنا ڪنهن فرق واري احتساب کي هٿي ملي سگهي ٿي ۽ جنم ورتل ڪيترائي مونجهارا ختم ٿي سگهن ٿا
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو