Friday, April 1, 2016

آمريڪا ۽ ايران جي نون لاڳاپن تي مغربي ميڊيا کي تڪليف ڇو؟

آمريڪا ۽ ايران جي نون لاڳاپن تي  مغربي ميڊيا کي تڪليف ڇو؟
شفيق شاڪر
ڪنهن زماني ۾ آمريڪا ۾ جرنلزم جو هڪ بنيادي مقصد پنهن جي حڪومتن جي غلط قدمن ۽ پاليسين تي تنقيد ڪرڻ هوندو هو پر هاڻي آمريڪي مکيه ميڊيا جو هڪ وڏو حصو جنهن رويي تي گامزن نظر اچي ٿوسو دنيا جي ڪيترن ئي حقيقت پسند صحافين لاء حيرت جو سبب بڻيل آهي. تازو ايران تان کنيل اقتصادي پابندين ۽ آمريڪا سان سندس بهتر ٿيندڙ لاڳاپن جي حوالي سان آمريڪي ميڊيا جو هڪ وڏو حصو جنهن نامعلوم تڪليف،غصي ۽ پريشانيء جو شڪار نظر اچي ٿو انهيء جو تاثر انهن جي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ نمايان نظر اچي ٿو.اهڙو ئي هڪڙو ٽاڪ شو هن هفتي مشهور ٽي وي چينل فاڪس نيوز تي ٿيو جنهن ۾ پنجن صحافين جيڪي صحافي گھٽ ۽ سياسي اداڪار زياده لڳاٿي ،تن ايران ۽ اوباما حڪومت خلاف آمريڪي عوام کي ڀڙڪائڻ ۾ ڪا به ڪسر باقي نه ڇڏي. جيئن ته انهن کي ٻي ڪا ڳالھ يا مضبوط جواز هٿ نه آيو سو ايران طرفان ويجھڙائيء ۾ قيد ڪيل ۽ بعد ۾ آزاد ڪيل ڏهن آمريڪي سامونڊي فوجين وار معاملو سندن تند ۽ تيز بحث جي ضد ۾ اچي ويو.آخر ڪهڙي ڳالھ هئي جنهن هنن کي ايران خلاف جڏهن اڃا مس ان جا تعلقات آمريڪا سان بهترِيء طرف وڃي رهيا آهن اهڙو نفرت انگيز رويو اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو؟ انهيء ۾ شڪ ناهي ته ايران آمريڪي فوجين کي سندس سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي گرفتار ڪيو هو پر اهو ڪو ايڏووڏو مسئلوته نه هو.ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايئن ٿيندو رهندو آهي.ان کان پوء ايران جنگي حالتن مان گذري رهيو آهي،آمريڪا سان هن جا ماضيء ۾ دشمني وارا لاڳاپا رهيا آهن ۽ ان کان سواء علائقي ۾ به ڪيترن ئي ملڪن جي ايران سان اڻ وڻند آهي، انهن حالتن ۾  آمريڪي فوجي ڀلي  ڀلجي ڪري يا ڪنهن فني خرابيء سبب ايران جي حدن ۾ ٽپي پيا هجن پر ايران جي جڳھ تي ڪو ٻيو ملڪ هجي ها ته به انهن حالتن ۾ اهو ئي ڪري ها.
جهاز جي تختي تي ٻڌل هٿن سان آمريڪي فوجين جي ايراني قومي محافظن سان گڏ وڊيو تصوير جيڪا بار بار فاڪس ٽي وي ء جي اسڪرين تي ڊوڙي رهي هئي، ٽاڪ شو جي تجزئي نگار اينڊرا ٽينٽيروس جي زهر ڦهلائڻ لاء ڪافي هئي.هوء واقعي کي ايئن بيان ڪري رهي هئي ڄڻ انگريزي فلم رينبو جا سين بيان ڪندي هجي.ٿورو غور ڪجوهن جي لفظن تي!
“وري اهي (آمريڪي فوجي) پنهنجن هٿيارن تي نه هئا پر پنهنجن گوڏن تي هئا.انهن کي ته ڪنهن به حالت ۾ پنهن جن هٿيارن تي هئڻ گھربو هو. هنن کي پنهن جن هٿن ۽ گوڏن کي انهن (ايراني محافظن)  جي حوالي ڪري هار نه مڃڻ گھربي هئي”
يعني آمريڪي ميرين جيڪي ٻن جنگي ٻيڙين تي سوار فوجي هٿيارن ۽ مشينريء سان ليس هڪ اهڙي ملڪ ۾ داخل ٿين ٿا جنهن ملڪ جا سندن ملڪ سان سالن کان دشمنيء وارا تعلقات ۽ هڪٻئي کان شديد وهم گمان رهندا اچن ٿا انهن کي ايران صرف پڇا ڳاڇا لاء گرفتار ڪري ٿو ته هيء صحافتي دانشور آمريڪي فوجين کي سان شڪايت ڪري رهي آهي ته انهن گرفتاري ڏيڻ بدران ايراني محافظن سان مقابلو ڇونه ڪيو!
مس ٽينٽيروس صرف اتي ئي دنگ نٿي ڪري پر اڳتي وڌي آمريڪي سيڪريٽري اسٽيٽ جان ڪيريء جو به جنازو ڪڍندي کيس سخت تنقيد جو نشانو بنائي ٿي جو هن آمريڪي فوجي آزاد ڪرڻ تي ايراني حڪومت جو شڪريو ڇو ادا ڪيو؟فرمائي ٿي،
“ ڇا جو شڪريو؟ ان ڳالھ جو ته ايرانين اسان (آمريڪين) کي بي عزت ڪيو! اهو ئي ته ايراني چاهين ٿا. آئون پوري طرح سمجھان ٿي ته اها اسان جي ( حڪومت  جي) هڪ ٻي وڏي ناڪامي آهي جو انهن جو شڪريو ادا ڪري ويٺا جيڪي اسان جا دشمن آهن ۽ انهي حرڪت آمريڪا کي شرمسار ڪري ڇڏيو آهي”
ٽينٽيروس اتي به بس نٿي ڪري پر پنهنجن فاشسٽ خيالن جو اظهارڪندي، جان ڪيريء جي ڀيٽ اڳوڻي آمريڪي صدر ريگن سان ڪندي چوي ٿي،
“ آمريڪين کي يرغمال بنائڻ تي ريگن ڪڏهن به انهن جو شڪريو ادا نه ڪيو هو بلڪه ريگن ايرانين کي ڌمڪي ڏني هئي ته هو تهران تي نيوڪليئر بم اڇلائيندو.اهو ئي طريقو آهي انهن (ايرانين) سان منهن ڏيڻ جو.پر اڄ اسان وري ڏسون پيا ته ته موجوده (اوباما) انتظاميه هڪ خطرناڪ ملڪ (ايران) سامهون گوڏاٽيڪي رهي آهي جيڪا ان جي وڏي ڪمزوري آهي ان نموني سان انهن (ايرانين) جون ڏاڍايون جاري رهنديون”
سمجھ ۾ نٿو اچي ته هڪ نامياري ٽي وي چينل جي صحافي تيليء مان ايڏو وڏو ٿنڀ ڇو ٺاهي رهي آهي؟نه ته هن دفعي انهن آمريڪي فوجين کي ايران طرفان يرغمال بنايو ويو هو ۽ نه ئي انهن کي ڇڏڻ لاء ايران ڪي شرط رکيا هئا ته پوء ميڊيا تي ايڏو وڏو هنگامو کڙو ڪرڻ جي پويان ڪهڙا سبب ٿي سگھن ٿا ؟آمريڪي انتظاميه کي کلئي عام تهران تي بمباريء جون صلاحون ڏيندي ٽينٽيروس اهو ثابت ڪيو آهي ته هوء پاڻ ميڊيا ۾ وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جو هڪ قسم آهي ۽ دنيا ۾ امن طرف وڌندڙ هر قدم سان هن کي ساڙ آهي.انهيء خاص ٽي وي چينل کان قطع نظر دنيا جا حقيقت پسند ماڻهو اهو مڃڻ تي مجبور آهن ته غير جانبداري،حقيقت پسندي، عدم تعصب۽ انصاف جي پابندي وارا اصول اولھ جي ميڊيا جي ضابطه اّخلاق مان تيزيء سان غائب ٿيندا ٿا وڃن.آمريڪي فوجين جي گرفتاريء جي حوالي سان ايران جي خلاف پوري دنيا ۾ واويلا مچائيندڙ ان ميڊيا کي گھرجي ته تازو گواٽاناما بي مان آزاد ٿيل انهن ڏهن آمريڪي قيدين کي به ته اسڪرين تي آڻي وٽانئن پڇيو وڃي ته انهن سان خود آمريڪين طرفان ڪهڙو سهڻو سلوڪ ڪيو ويو؟
اصل ڳالھ اها آهي جو ايران هڪ دفعو وري پنهنجن پيرن تي کڙو ٿي رهيو آهي ۽ هن جو خوشحاليء طرف نئون سفر شروع ٿيڻ وارو آهي سو آمريڪا کان ٻاهر ۽ خود  آمريڪا ۾موجود هڪ وڏي لابي ايران جي ان نئين پوزيشن مان بلڪل خوش ناهي ۽ اوباما انتظاميه تي به ايران سان نرميء واري پاليسيء جي حوالي سان وڏو دٻاء آهي۽ ڪجھ آمريڪي ڊپلوميٽس ته سڌو سنئون چئي رهيا آهن ته اهي پاور ۾ اچي موجوده آمريڪي حڪومت جي ايران جي باري۾ اختيار ڪيل پاليسين کي رول بيڪ ڪري ڇڏيندا.اها به لڪيل حقيقت ناهي ته ڪيتريون ئي ڌريون آمريڪي فوجين جي گرفتاريء جي معاملي کي ڀڙڪائي آمريڪا  ۽ايران جي بهتر ٿيندڙ لاڳاپن کي تباه ڪرڻ جون آسون سانڍي ويٺيون هيون جيڪي پوريون نه ٿي سگھيون. بهرحال اها چوڻي آخرڪار سچ ثابت ٿئي ٿي ته “ تاريخ عجيب انداز ۾ پنهن جو پاڻ کي دهرائي ٿي.”


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو