خبرن تي زبرون.3
شفيق شاڪر
·
آنگ سانگ سوچي صدر بنجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ( خبر)
اها مائي خبر
ناهي ڪهڙي مٽي جي ٺهيل آهي،اسان وٽ ته جيڪو ڪرسيء تي ويهي ٿو انهيء کي لٺيون هڻي
لاهڻو پوي ٿو!
·
آئي جي پوليس سنڌ ڪرپشن ۾ ملوث قرار.(خبر)
“ بدنام اگر هونگي تو ڪيا نام نه هوگا!” ( جواب)
·
فشريز جو اڳوڻو چيئرمين نثار مورائي گرفتار.(خبر)
لڳي ٿو ته ڪا
وڏي فشري ٿيڻ واري آهي. (گمان)
·
وسيم آفتاب ۽ افتخارعالم به ڪمال سان ملي ويا.(خبر)
۽ پراڻن جگري دوستن جا وري جيرا جلي ويا ( شعر مڪمل ٿيو)
·
فاروق ستار ۽ ٻين اڳواڻن ٻهارا کڻي صفائي ڪئي.(خبر)
هاء ڙي قسمت!
اڱڻ ٻهاريان،تنهن جون واٽون نهاريان.
·
سنڌ ۾ ڪنهن کي به مهاجر نٿا سمجھون.( مولابخش چانڊيو)
(سواء اصل سنڌين جي!)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو