خبرن تي زبروب.2
شفيق شاڪر
·
ٽنڊو محمد خان سانحو لاپرواهي نه پر هڪ اداري جي غفلت آهي،(مولابخش چانڊيو)
ان دانشور کي
چئو ته لاپرواهي ۽ غفلت ۾ فرق تي به ڪجھ روشني وجھي.(عرض)
·
پيپلز پارٽيء جون پاڙون عوام ۾ آهن. ( قائم علي شاھ)
پر هاڻوڪي پيپلز پارٽي عوام جون پاڙون پٽي پوء دم کڻندي. (
تبصرو)
·
اوباما سان نتيجي واري ملاقات جو انتظار آهي.( نواز شريف )
ستارا ٻڌائين ٿا ته مقصد پورو ٿيندو. ٻه ٽي خالي سوٽ ڪيس
پاڻ سان کڻي وڃجو. (اميد)
·
جاتي شهر ۾ منشيات جو ڪاروبار صنعت بڻجي ويو. (خبر)
جاتيء وارن کي مبارڪون! ان پوئتي پيل شهر ۾ به ڪا ته صنعت
لڳي. ( تبصرو)
·
جامي چانڊيو جي پنجاب ۾ داخلا تي پابندي. ( خبر)
باقي وزيرستان
مان ايندڙ دهشتگرد ڀائرن کي ڀليڪار چئي ويندي. ( تبصرو)
·
تلهار شهر ۾ مٺي پاڻيء جو شديد بحران.( خبر)
اسان کي ته کارو
پاڻي به نٿو ملي،تلهارين کي شوق ٿيو آهي مٺي پاڻيء جو! (تبصرو)
·
رهتون گھرڻ تي پ پ ڪائونسلر جي پٽ جو بجليء جي عملدارن تي تشدد. (خبر)
اڃا ڪي آهين،ڪل
جڳ ۾ ڪاپڙي! ( تبصرو)
·
جيڪب آباد ۾ ڪچي شراب جو ڪاروبار عروج تي پهتل. (خبر)
ٿورو صبر
ڪيو،قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاء اڌ سينچري موالي مرڻ ضروري آهن. ( تبصرو)
·
بااثر ڊي ايس پي مڊل اسڪول جي چوڌاريء پاڻي کولي ڇڏيو. (خبر)
ڏاڍو ڪو شريف
آفيسر ٿو ڏسجي جو صرف پاڻي کوليو اٿس ڪنهن کي ان پاڻيء ۾ اڃا گھگھتيون ته نه
ڏياريون اٿس. (تبصرو)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو