Thursday, April 7, 2016

خبرون تي زبرون.4

خبرون تي زبرون.4
شفيق شاڪر
·       .نيب اسان جي پڇ تي لت ناهي رکي. ...(شهباز شريف)
( پر اسان احتياط طور اڳواٽ ئي نيب جي پڇ تي لت رکي ڇڏي آهي!)
·       پاڪ ڀارت مئچ ٿي ته پچ ٽوڙي ڇڏينداسين. ( ڀارتي هندو انتهاپسند)
چريا هرهنڌ آهن پر هتي ته چرين جي پوري ڪُت ويائي پيئي آهي.
·       ڪمال پويان ڪو هٿ آهي. ( مولابخش چانڊيو)
جيئن “برطانوي دادا” جي سر تي “رحمان بابا” جي شفقت جو هٿ رهيو آهي.
·       الطاف سخت بيمار آهي. ( هڪ سينيئر صحافيء جو انڪشاف)
“مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي.” چيو چائيو مسڪين کي معاف ڪري ڇڏيو!
·       شهباز شريف نيب کي ڌمڪي ڏني. ( عمران خان)
( اسان صرف ڌمڪي ناهيون ڏيندا،  پختونخواھ ۾ جوڙيل پنهن جي ئي نيب جا پر ڪپي ڏيکاريا، انهيء کي چئبو آهي “تبديلي”!)
·       حڪومت اڃا رابطو ناهي ڪيو. ( سرفراز مرچنٽ)
لڳي ٿو ته هن همراه کي به مٺارام هاسٽل جي مهماني جو شوق کنيو بيٺو آهي.
·       آمر ۽ شينهن هميشه ڪلهو ڏيندڙن کي ئي ماريندا آهن. ( خورشيد شاه)
“بيوفا سان پيچ پائي مون وڏي غلطي ڪئي،نانگ جھوليء ۾ نپائي مون وڏي غلطي ڪئي”
·       20 ڪروڙ خرچڻ باوجود ڪنري ۾ مرچ منڊي نه ٺهي. ( وڏي وزير طرفان جاچ جو حڪم)

اهڙيء طرح عوام جي اکين ۾“ ڌوڙ” جي بجاء “مرچ” وڌا ويا.ڪجھ ته ترقي ٿي!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو