خبرن تي زبرون.1
شفيق شاڪر
·
ڪورٽ طرفان ايان عليء جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم. ( خبر)
خدا ڀلو ڪري ڪورٽ سڳوريء جو. ويچاري نياڻي ولايت لاء سڪي
مري ويئي هئي.
·
عورتن جي استحصال جي اجازت نه ڏني ويندي. (آصف زرداري)
عورتن جي استحصال جي اجازت لاء ڪنهن ڪنهن درخواستون ڏنيون
آهن؟
·
اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين خريد ڪرڻ لاء سينيٽ ۾ قرارداد جمع. ( خبر)
مار! پوء ويچاري جمهوريت جو ڇا ٿيندو؟
·
اسان کي ٿاڻا قائم ڪرڻ ڏنا وڃن. ( رينجرز جو سپريم ڪورٽ کان مطالبو)
( ۽ پوليس وارا اسڪولن ۾ وڃي ٻار پڙهائين! )
·
سريلنڪا ۾ عاشقن کي تنگ ڪندڙ سيڪيورٽي عملدار نوڪري وڃائي ويٺو.( خبر)
جيڪي ملنگن سان ڦٽائيندا انهن جو اهو ئي حشر ٿيندو.لڳي ويس
ڪا آه عاشقن جي!
·
پارليامينٽ ۾ عورتن جون سيٽون مردن برابر ڪيون وڃن. ( زهره يوسف)
ڪجھ وقت کان پوء اهو مطالبو به ٿيندو ته پاڪستان جي سڀني
مردن کي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو.
·
پي پي ملڪ ۽ قوم لاء عظيم قربانيون ڏنيون آهن. ( نواب وساڻ)
(پر “منزل انهين ملي جو شريڪ سفر نه تهي”)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو