Thursday, April 7, 2016

خبرن تي زبرون.5.

خبرن تي زبرون.5.
شفيق شاڪر

·       مولانا فضل الرحمان زال جو تابعدار آهي. ( رانا ثناء )
وڏا! ان معاملي ۾ وڏن وڏن شيرن جا ڪم لٿا پيا آهن،مولانا ڪهڙي باغ جي موري آهي. ( تبصرو)
·       وڏو وزير قائم علي شاه اوچتو سول اسپتال خيرپور پهچي ويو.(خبر)
خدا خير ڪري، سائينء جون طبيعتون ته ٺيڪ آهن؟ ( سوال)
·       رحمان ملڪ غريب ماڻهو آهي. ( مولابخش چانڊيو)
سنڌ حڪومت کيس ڪيتري زڪوات ڏيندي آهي؟ ( سوال)
·       پيپلز پارٽيء ۾ ڪو فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي. ( مخدوم جميل الزمان)
البته بيڪ ورڊ بلاڪ ٺاهڻ جو سوچي سگھجي ٿو! ( تبصرو)
·       مونکي ڀارت ۾ پاڪستان کان وڌيڪ پيار مليو. (شاهد آفريدي)
انهن پيار ڪندڙن ۾ مذڪر ڪيترا ۽ مونث ڪيترا؟ ( سوال)
·       آصف زرداري سنڌ جي ٽن وزيرن کي لنڊن گھرائي ورتو.(خبر)
دل گھٻرائي ٿي،اچو ته ڪي پيار جون ڳالهيون ڪيون! (تبصرو)
·       ڪوٽڙي اينٽي ڪرپشن پوليس ايڪسائيز پوليس اهلڪارن کي رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو.( خبر)
انهيء کي چئبو آهي چورن مٿان مور! ( تبصرو)
·       انتظامي لاپرواهيء سبب مٽياري شهر کنڊر بڻجي ويو.(خبر)

هاء! ڀلا ڀاڳ کپري جا جنهن جون بتيون ڀارت مان نظر اچن ٿيون. ( خوشخبري)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو