Thursday, April 7, 2016

ڊيانا ديويء جو مندر.

ڊيانا ديويء جو مندر.
شفيق شاڪر


قديم يونانين جي نزديڪ شڪار جي ديوي ۽ سڀني ديوين جي راڻي هئي. انهيء کي بهار، دريائن، شڪارين ۽ جانورن جي محافظ سمجھيو ويندو هو.آفريڪا ۽ ايشيا ۾ انهيء جي نالي سان ميلا ۽ جشن ملهايا ويندا هئا.رومن مصوريء ۾ ان کي هڪ شڪاريء جي ويس ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي هٿن ۾ تير ڪمان ڏيکاريو ويو آهي.ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ان جي نالي سان ڪيترائي مندر اڄ به موجود آهن.پر هي مندر جيڪو    “ ايفسيس (ترڪي) ” ۾ آهي اهو سونهن سبب قديم دور جي عجائباتن مان شمار ڪيو وڃي ٿو. اهو مندر 550 قبل مسيح ۾ تعمير ڪيو ويو هوجنهن کي يونان جي ماهر بت تراشن بنايو هو.362ع ۾ گوٿن انهيء مندر کي ساڙي ڇڏيو هو ۽ ڊيانا ديويء جو سون مان جڙيل بت انهن تباه ڪري ڇڏيو هو.پر ان کي ترت ئي پوء ٻيهر جوڙيو ويو.هن دفعي اهو اڳي کان به گھڻو خوبصورت بڻجي ويو.گھڻن جي نزديڪ ان مندر جي مشهوري ان جي سونهن نه پر اها دولت ۽ قيمتي تحفا آهن جيڪي پوڄاري انهيء مورت کي نذراني طور پيش ڪندا هئا. سينٽ پال جڏهن ايفسيس آيو ته هن ڊيانا جي پڄارين کي عيسائي بنائي ڇڏيو ۽ مندرن جي پٿرن مان چرچ تعمير ڪري ڇڏيو.تنهن هوندي به ان مندر جو وڏي ۾ وڏو پٿر اڄ به برطانيا جي عجائب گھر ۾ موجود آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو