Thursday, April 7, 2016

چومسڪي جي خط تي چڙيل ترڪ صدر

چومسڪي جي خط تي چڙيل  ترڪ صدر.
شفيق شاڪر
مشهور آمريڪي فلسفي ۽ دانشور “ نوم چومسڪي ” اڄ ڪلھ ترڪ صدر اردگان جي سخت غصي ۽ ڪاوڙ جو نشانو بڻيل آهي جنهن جي باري ۾ ترڪ صدر تازو اهي لفظ استعمال ڪيا آهن ته   “
                               “ You are dark having the mentality of colonialism….”    
يعني      “اوهين جاهل آهيو ۽ اوهان جي ذهنيت استعماري آهي”
انهيء غصي جو سبب ڇا آهي؟ قصو هي آهي ته نوم چومسڪي 1128 ماڻهن جي صحيحن سان ترڪ صدر کي تازو هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ ڪجھ ترڪ ۽ ٻين غيرملڪي دانشورن جون صحيحون ٿيل آهن.جن جو تعلق دنيا جي 89 يونيورسٽين سان آهي جن ۾ نوم چومسڪي ۽ امينيوئل والرسٽين به شامل آهن. اهو خط گذريل مهيني    اسان ان ڏوھ ۾ شريڪ بنجڻ نٿا گھرون“We won’t be a part of this crime.  جي عنوان سان ڇپيو هو.ان خط ۾ ترڪ حڪومت طرفان ترڪيء جي ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ ڪردن خلاف ڪيل فوجي آپريشن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي صدر اردگان تي پنهن جي ئي ملڪ جا ماڻهو ظالماڻي انداز ۾ مارڻ جو الزام هنيو ويو آهي.  سومر تي ترڪيء جي سفيرن جي اٺين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر جو چوڻ هو ته  “چومسڪي جيڪو ٻاهران ويهي اسان جي حڪومت جي فوجي ڪاروائين تي تنقيد ٿو ڪري اسان کي کيس ترڪيء جي ڪردن واري علائقي ۾ گھرائي سندس ڀرپور مهماننوازي ڪرڻ گھرجي.”
هوڏانهن ترڪ صدر جي اهڙي بيان جي جواب ۾ چومسڪيء “گارجيئن اخبار” ڏانهن موڪليل پنهن جي اي ميل ۾ چيو ته “ جيڪڏهن مون ترڪيء وڃڻ جو ارادو ڪيو ته اردگان جي دعوت تي نه پر انهن بهادر دانشورن جي سڏ تي اتي ويندس جيڪي صدر اردگان جي ظالماڻي ڪاروائين جي کلم کلا مخالفت ڪري رهيا آهن جن ۾ ڪرد به شامل آهن.”
چومسڪيء ترڪ صدر تي منافقت،دهشتگرديء جي باري ۾ ٻٽي پاليسيء ۽ دهشتگرد گروپن جي مدد ڪرڻ جو به الزام هنيو.هن جي چوڻ مطابق ترڪي جي حڪومت هڪ طرف استنبول ۾ ٿيل دهشتگرد ڪاروائين جي ذميداري آئي ايس تي عائد ڪري ٿي ته ٻئي طرف ڪنهن نه ڪنهن نموني انهن جي مدد به ڪري رهي آهي.هن جو چوڻ هو ته ترڪ صدر  جنهن “ النصراه فرنٽ ” جي مڪمل مدد ڪري رهيو آهي اهو گروپ ڪهڙيء طرح آئي ايس کان مختلف آهي؟ پنهن جي ان کليل خط ۾ چومسڪيء اهو سوال به اٿاريو آهي ته شام ۽ عراق ۾ آئي ايس جي خلاف حقيقي جنگ وڙهندڙ صرف ڪرد آهن پوء اردگان صرف ڪردن کي پنهن جي ظالماڻين ڪاروائين جو نشانو ڇو بنائي رهيو آهي؟اهو ثابت ڪري ٿو ته هن جي جنگ حقيقي دهشتگردن خلاف نه پر صرف انهن جي خلاف آهي جيڪي سندس غلط پاليسين تي تنقيد ڪن ٿا.کليل خط ۾ ترڪ حڪومت کان پنهن جي ئي عوام جو قتل عام بند ڪرڻ،ڪرد علائقن جو گھيرو ختم ڪرڻ ۽ دهشتگردن جي مدد جو سلسلو بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ترڪيء ۾ پيدا ڪيل هٿرادو بحران ۽ قتل عام جي ذميداري ترڪ صدر تي عائد ٿئي ٿي جيڪو پنهن جي صدارت کي عظيم بادشاهت ۾ بدلائڻ جا منصوبا جوڙي رهيو آهي.ترڪيء جي ڏکڻ اوڀر علائقن جو وڏي پيماني تي گھيرو ظاهر ڪري ٿو ته ترڪيء پنهن جن ئي شهرين خلاف کليل جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو بحران هٿرادو پيدا ڪيل ۽ غيرضروري آهي جيڪو اها ڳالھ ظاهر ڪري ٿو ته سموري طاقت اردگان وٽ آهي.
ٻئي طرف صدر اردگان سومر تي پنهن جي تقرير ۾ ان خط تي صحيحون ڪندڙن تي سخت ڇوھ ڇنڊيندي کين سخت ڪاوڙ ۽ تنقيد جو نشانو بنايو.هن جو چوڻ هو ته ترڪيء جي انهن علائقن ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون ترڪ انتظاميه نه پر دهشتگرد باغي گروپ ڪري رهيا آهن ۽ اهي ئي ان صورتحال جا ذميدار آهن.هن جو چوڻ هو ته “ اهو ٽولو جيڪو پنهن جو پاڻ کي دانشور سڏائي ٿو سي نه رڳو اسان جي حڪومت جي ڪاروائين ۽ پاليسين تي تنقيد ڪري رهيا آهن پر ٻين غيرملڪي ادارن کي به دعوتون ڏيئي رهيا آهن ته اهي ترڪي ۾ اچي حالتن جو جائزو وٺن.اها انهن جي استعماري ذهنيت آهي.اهي ترڪ دانشور جن انهيء خط تي صحيحون ڪيون آهن انهن ترڪيء سان غداريء جو ڏوھ ڪيو آهي. اوهين ( خط لکندڙ) بلڪل روشن خيال ناهيو بلڪه جاهل آهيو. دانشورن واري ڪا به شيء اوهان ۾ موجود ناهي.اوهان ته اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهيو.اوهان کي ترڪيء جي اوڀر يا ڏکڻ اوڀر جي باري۾ ذري جي به ڄاڻ ڪانهي.انهن علائقن جي صرف اسان کي خبر آهي بلڪل ايئن جيئن اسان کي پنهن جن گھرن جي پتن جي ڄاڻ هوندي آهي.

ترڪيء جي هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن به ان خط جي سخت مذمت ڪندي انهيء تي قانوني چارا جوئي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.واضح رهي ته ترڪيء ۾ ڪردن خلاف ٿيندڙ آپريشن دوران ڪيترائي ڀيرا ڪرفيو لڳايو ويو آهي ۽ ترڪيء جي هيومن رائٽس فائونڊيشن جي رپورٽ مطابق صرف ڪرفيو دوران گھٽ ۾ گھٽ 162 شهري مري چڪا آهن جن ۾29 عورتون،32 ٻار ۽24 پوڙها شامل آهن. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو