شام ۾ آمريڪا ۽ اتحادين جو اصل نشانو ڪير؟
شفيق شاڪر
|
ڪاڊيرو جو اهو به چوڻ هو
ته “آئي ايس يعني داعش کي فنڊ عرب ۽
يورپي ملڪ مهيا ڪري رهيا آهن ۽ انهن ملڪن جا بهترين فوجي ماهر هٿيارن سميت
انهن دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن. داعش جي اهم مقصدن مان هڪ مقصد چيچنيا کي ڪمزور ڪرڻ آهي
پر اسان انهن جي ان ڌمڪيء کي منهن ڏيڻ لاء جوڳا بندوبست ڪيا آهن.
|
انهن جي ان ڌمڪيء کي منهن ڏيڻ لاء جوڳا بندوبست ڪيا
آهن.انهن دهشتگردن کي ياد رکڻ گھرجي ته چيچين هر شيء چڱيء طرح ياد رکندا آهن، جن
اسان جي ماڻهن کي ذبح ڪيو اهي دنيا ۾ اڳتي زندھ رهي نه سگھندا .”
هن جي چوڻ مطابق آمريڪا ۽ يورپي يونين جا ملڪ ڪڏهن به وچ
اوڀر ۾ امن قائم نه ڪري سگھندا جو اهي اصل دهشتگردن جي خلاف وڙهڻ بدران بشرالاسد
کي اقتدار تان لاهڻ تي پنهنجي سموري سگھ خرچ ڪري رهيا آهن.انهيء ۾ ذري جو به هاڻي
شڪ نه رهيو آهي ته مغربي ملڪن جو اصل نشانو اهو ابليسي اسٽيٽ (آئي ايس) نه پر
بشرالاسد آهي.اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن طرفان اسد جي خلاف باغين
جي مدد ۽ آئي ايس جي خلاف فضائي ڪاروائين جي ذريعي شام ۾ امن جي راه ۾ ڪابه
اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي بلڪه انهن ملڪن دنيا جي هزارين نوجوانن کي اهو موقعو ميا
ڪيو آهي ته اهي شام ۽ عراق ۾ اچي انهيء جنگ ۾ شامل ٿين.
هن چيو ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته داعش پنهنجون ڪاروائيون
ان پئسي جي زور تي ڪري رهي آهي جيڪو پئسو هوء قبضو ڪيل کوهن جو تيل وڪڻي حاصل ڪري
ٿي پر انهن ملڪن طرفان تيل جو اهو واپار روڪڻ جي ڪا ڪوشش ڇو ناهي ڪئي ويئي؟
انهيء ڪري اسان وٽ اهو اعتبار ڪرڻ لاء واضح سبب موجود آهن
ته اهي ملڪ داعش جي خلاف ڪا ڪاروائي ڪرڻ بدران الٽو سڌيء يا اڻ سڌيء طرح ان
دهشتگرد تنظيم جي مدد ڪري رهيا آهن.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وقت گذرڻ سان گڏ شام جو
معاملو اڃا به وڌيڪ منجھندو ويندو۽ انهيء جو واحد حل اهو ئي آهي ته عالمي برادري
شامي حڪومت جي صلاح ۽ مشوري سان دهشتگردن خلاف ڀرپور گڏيل ڪاروائي ڪري.
هوڏانهن روس جي سيڪيورٽي ايجنسيء جي هڪ مکيه عملدار جنرل
سرجي سمرنو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته داعش مان اصلي ۽ حقيقي خطرو روس ۽ سندس
پاڙيسري ملڪن کي آهي.هن جو چوڻ هو ته شنگھائي تعاون تنظيم جي ملڪن جا هزراين شهري
انهن ڪاروائين ۾ ملوث آهن جڏهن ته گڏ ڪيل انگن اکرن موجب اٽڪل 17000 روسي شهري
عراق ۾ سني انتهاپسندن سان گڏ وڙهي رهيا آهن.جنرل سرجي مطابق داعش جو خطرو هنن
ملڪن لاء ان ڪري به وڌي وڃي ٿو جو هتي اڳ۾
ئي ڪيترا باغي ۽ ويڙهاڪ گروپ موجود آهن جن جا تيزيء سان داعش سان رابطا ٿيندا ٿا
وڃن.
واضح رهي ته روس اڄڪلھ شام ۾ موجود داعش جي ٺڪاڻن تي زبردست
هوائي حملا ڪري رهيو آهي.روس جي وزارت دفاع مطابق شام ۾ دهشتگردن جا مضبوط اڏا،
هٿيارن جا زخيرا وڏي مقدار ۾ تباه ڪيا ويا آهن ۽ هزارين دهشتگرد مارجي چڪا آهن ۽
دهشتگردن جي قبضي هيٺ آيل تيل جا کوھ به انهن جي قبضي مان آزاد ڪرايا ويا آهن.روس
ڊسمبر 2014ع ۾ آئي ايس (داعش) کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيئي ان سان هر قسم جي تعلق ۽
تعاون کي سخت رياستي ڏوھ قرار ڏنو هو.وڌيڪ اهو ته روس جي ٻن وڏن مسلمان مذهبي
گروپن داعش جي خلاف فتوائون جاري ڪري انهن کي اسلام جو دشمن قرار ڏنو آهي ۽ انهن
جي خلاف ڏوهارين جهڙي ڪاروائي ڪرڻ کي جائز قرار ڏنو آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو