سعودي ايران ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان جو موقف.
شفيق شاڪر
2جنوري 2016ع تي سعودي عرب طرفان هڪ ئي ڏينهن تي 47 ماڻهن
کي موت جي سزا ڏني ويئي جن ۾ هڪ ممتاز شيعا عالم شيخ النمر به شامل هو.انهيء واقعي
جو ردعمل عالمي ليول تي ڪو ايڏو شديد ٿيندو ان جو اندازو شايد سعودي عرب کي به نه
هو.ٻئي ڏينهن تي تهران ۾ سعودي سفارتخاني تي ڪاوڙيل ايرانين حملو ڪري عمارت جي هڪ
حصي کي باھ لڳائي ڇڏي.جنهن کان پوء سوچ ۽ سمجھ تي غصي ۽ نفرت جو عنصر غالب اچڻ
لڳو.چوٿين جنوريء تي سعودي وزير خارجه اهو اعلان ڪيو ته ايران سان هر قسم جا
سفارتي تعلقات ختم ڪيا پيا وڃن جنهن کان پوء ايران ۾ مقرر سعودي سفير کي واپس
گھرايو ويو، ايران سان هر قسم جا واپاري لاڳاپا ختم ڪيا ويا، ايستائين جو هڪ ٻئي
جون هوائي اڏامون به بند ڪيون وييون.عين ان وقت جڏهن عالمي برادري دهشتگرد تنظيم
داعش جي خلاف گڏيل جنگ جي منصوبه بندي ڪري رهي هئي،وچ اوڀر ۾ نئين پيدا ٿيل ڇڪتاڻ
دنيا جي سوچ جو رخ هڪ نئين بحران طرف موڙي ڇڏيو آهي. بحرين،قطر ۽ عرب گڏيل امارتون
کلي طور تي سعودي عرب سان گڏ بيٺل نظر اچن ٿيون جڏهن ته جبوتي،اردن ۽ ترڪي محتاط
رويي تحت سعودي عرب جي رويي ۽ موقف جي حمايت ڪندي محسوس ٿين ٿيون.ترڪيء جي
صدراردگان انقره ۾ تقرير ڪندي چيو ته “ سعودي عرب ۾ جن 47 ڄڻن کي موت جي سزا ڏني
ويئي آهي انهن مان 46 سني آهن جن جو تعلق القائده سان آهي جڏهن ته صرف
هڪڙوالنمرجيڪو مذهبي ليڊر آهي اهو شيعو آهي.اهو فيصلو اڳ۾ ئي ٿيل هو جنهن تي سعودي
حڪومت هاڻي عمل ڪرايو آهي.بهرحال اهو سعودي حڪومت جو پنهنجوفيصلو آهي”
اوباما حڪومت ان سڄي معاملي تي چپ سبي ڇڏيا آهن.6 جنوري تي
پاڪستان جي سلامتي واري مشير سرتاج عزيز قوميء اسيمبليء ۾ ان معاملي تي پاڪستان جو
موقف واضح ڪندي چيو ته
“ سعودي سفارتخاني تي حملو افسوسناڪ ۽ بدقسمت واقعو آهي.اسلامي
ملڪن جي تنظيم جو ميمبر هئڻ جي نسبت سان پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر
بنائڻ لاء پل جو ڪردار ادا ڪندو”
مخالف ڌر ۽ ڪجھ ٻين دانشور طبقن طرفان حڪومت پاڪستان جي ان
موقف کي مبهم سڏيندي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي ۽ اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته
پاڪستان کي ان معاملي تي ڪو واضح موقف اختيار ڪرڻ گھرجي.پر حقيقت ۾ پاڪستان حڪومت
طرفان اختيار ڪيل هي اڻ ڌريو موقف ئي
موجوده حالتن جي نزاڪت سان مطابقت رکي ٿو ۽ ان موقف جي تعريف ڪرڻ گھرجي.جڏهن هيڏي
وڏي معاملي تي آمريڪا ايران سان ٿيندڙ پنهن جي تازي ڊيل کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لا
خاموش نظر اچي ٿو ته پوء پاڪستان کي به هڪ متوازن ۽ اڻ ڌريو موقف اختيار ڪرڻ گھربو
هو جيڪو هن اختيار ڪيو آهي.ماضيء ۾ ايران عراق جنگ دوران به پاڪستان کي سعودي عرب
طرفان ڪافي دٻاء برداشت ڪرڻو پيو هو پر پاڪستاني حڪومت وڏي ڏاهپ سان ان جنگ ۾ اڻ
ڌريو ڪردار چونڊيو جنهنجي نتيجي ۾ اسان جا ايران سان تعلقات وڌيڪ مظبوط ٿيا.اڄ کان
ڪجھ سال پوء انهن تنقيد ڪندڙ ڌرين کي مڃڻو پوندو ته پاڪستان جو موجوده اختيار ڪيل
موقف بلڪل درست هو.پاڪستان ۽ ايران سالن کان هڪٻئي جا فطري اتحادي رهيا آهن.ايران
دنيا جو پهريون ملڪ هو جنهن پاڪستان کي تسليم ڪيو هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪٻئي
سان سهڪار جي لا 1950ع ۾ پهريون معاهدو به ٿيو هو.انقلاب ايران کان پوء جيتوڻيڪ
ايران جي راء پاڪستان جي لاء پاڪستان جي آمريڪا دوست پاليسين سبب ڪا سٺي نه هئي
تنهن هوندي به پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن ايران جي اسلامي انقلابي حڪومت کي تسليم
ڪيو هو.نظرياتي محاذن تي هڪٻئي سان شديد اخلاف هوندي به ٻئي ملڪ پنهنجا لاڳاپا
خرابي طرف وڃڻ کان بچائيندا آيا آهن.تازو ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيء جي منصوبن جا
معاهدا ٿيا آهن.پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي کي اهم منصوبو سمجھيو وڃي ٿو
جيڪو پاڪستان ۾ گئس جي کوٽ جي بحران کي
ختم ڪري ڇڏيندو.اهڙي طرح پاڪستان ايران کان 47 ميگا واٽ بجلي مڪران جي ساحلي ڊويزن
جي لاء حاصل ڪري ٿو.جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا به سالن کان سٺا رهيا
آهن پر ويجھي ماضيء ۾ پاڪستان ڪيترن ئي معاملن ۾ سعودي عرب جو کلي ڪري ساٿ نه ڏنو
آهي.پاڪستان يمن خلاف سعودي جنگ جو حصو بنجڻ کان انڪار ڪيو پر ساڳئي وقت هن سعودي
عرب خلاف ٿيندڙ ڪنهن به اڳرائيء جي صورت ۾
سندس مڪمل ساٿ ڏيڻ جو عزم به ورجايو.هن وقت ايران ۽ سعودي ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان طرفان
اختيار ڪيل اڻ ڌريو موقف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بگڙيل تعلقات جي بهتريء ۾ پل جو ڪردار
ادا ڪري سگھي ٿو.ايران ۽ سعودي تعلقات ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشيده رهندا پيا
اچن.ايران سعودي عرب جي ٻين ملڪن ۾ سني حڪومتن جي اجائي سپورٽ تي ڪاوڙيل رهيو آهي
جڏهن ته سعودي عرب شام ۽ يمن ۾ ايران جي وڌندڙ اثر رسوخ تي چڙيل آهي.ايران تازو
سعودي عرب تي يمن ۾ سندس سفارتخاني مٿان هوائي بمباريء جو الزام مڙهيو آهي.سرتاج
عزيز 6 جنوري تي ايراني سفير سان ملاقات ڪري ايران سان تعلقات وڌيڪ مضوط ڪرڻ جو
وعدو ڪيو آهي ۽ ٻئي ڏينهن تي هن سعودي وزير خارجه سان ڪيل ملاقات ۾ دهشتگرديء خلاف
جڙيل اتحاد جي باري ۾ صلاح مشورا ڪيا آهن جيڪو ان ڳالھ جي طرف اشارو ڪري ٿو ته
پاڪستان انهن ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ ۾ ڌر بنجڻ بدران ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر بنائڻ
لاء پل بنجڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو درست فيصلو آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو