Thursday, April 7, 2016

بحران جي ڀر تي بيٺل سعودي معيشت!

بحران جي ڀر تي بيٺل سعودي معيشت!
شفيق شاڪر

2014ع جي اونهاري کان عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون اٽڪل 60 سيڪڙو ڪري چڪيون آهن جنهن جي ڪري نه رڳو تيل وارين ڪمپنين جي بيلينس شيٽن جو ڏيوالو نڪري ويو آهي پر تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي معيشت جي به چيلھ چٻي ٿي پيئي آهي.قيمتن جي انهيء بحران گھڻي ۾ گھڻو سعودي عرب جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي.ايئن چئجي ته قيمتن جي اها لاٿ آهستي آهستي تيل ۾ شاهوڪار ملڪن جي لاء زهر جو اثر ڏيکاري رهي آهي.سعودي عرب جنهن کي هن وقت ان سموري بحران جو ذميدار قرار ڏنو پيو وڃي جو دنيا  ۾ سڀ کان گھڻو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ جي حيثيت ۾ اهو واحد قوت جي طور تي دنيا۾ تيل جون قيمتون مقرر ڪندو رهيو آهي.ان جي هاڻي حالت اها آهي جو سندن ئي انگن اکرن موجب ملڪ جو سال 2015ع دوران بجيٽ خسارو 98 بلين ڊالرن تائين پهچي چڪو آهي.هن سال ملڪ جا خرچ معاشي ماهرن جي ڪيل اڳڪٿين کان به 13 سيڪڙو  وڌي 260 بلين ڊالرن تائين پهچي ويا.جنهن جو هڪ وڏو سبب سعودي عرب جي يمن ۾ فوجي ڪاروائي ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ داعش جي ويڙهاڪن خلاف جنگ ٻڌايو وڃي ٿو.  هوڏانهن ملڪ ۾ روينيو به حڪومتي اميدن کان 15 سيڪڙو گھٽ صرف 162 بلين ڊالر وصول ٿيو.جون 2014ع ۾ تيل جون قيمتون ٽرپل ڊجٽ مان هيٺ ڪرڻ شروغ ٿيون. اهو سعودي عرب جي لاء وڏو ڌچڪو هو جو ملڪ جي ڪل روينيو جو 77 سيڪڙو صرف تيل جي ڪمائيء مان حاصل ٿئي ٿو.تيل جي قيمتن ۾ زبردست لاٿ جي ڪري سعودي جو روينيو ان کان اڳئين سال جي ڀيٽ ۾ 23 سيڪڙو گھٽجي ويو.سومر تي ايڇ ايس بي سي جي معاشي ماهرن سعودي عرب جي معاشي صورتحال جي باري ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي انهن جي روشني ۾ ملڪ جي غيرملڪي زرمبادله جا ذخيرا صرف جنوريء ۾ 14 بلين ڊالر گھٽجي ويا.جنهن جي نتيجي ۾گذريل ٽن سالن جي عرصي ۾ زرمبادله جي ذخيرن جي اها گھٽ ۾ گھٽ سطح آهي.هن وقت سعودي عرب جي انهن ذخيرن جو مقدار صرف 602 بلين ڊالر رهجي ويو آهي جيڪو 2014ع ۾ تيل جون قيمتون ڪرڻ کان پهرين وارن زرمبادله جي ذخيرن کان اٽڪل 160 بلين ڊالر گھٽ آهي.اها سطح تيل جي لهندڙ قيمتن جي سڌي نسبت سان  گذريل 18 مهينن ۾ڪرندي رهي آهي.دنيا جي هڪ تمام اهم جنس  جهڙيء طرح پٽ ورتو آهي ان جا سبب سمجھ کان ٻاهر آهن پر ظاهر آهي ته تيل جي ايڏي وڏي بيقدريء جو وڏي ۾ وڏو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي کپت جو خيال رکڻ سواء تيل جي  ساڳي سپلائي جاري رکڻ ئي قرار ڏيئي سگھجي ٿو.تيل جو اهو بيرل جيڪو 100 ڊالرن جي قيمت واري حد کان به اڳتي نڪري ويو هو اڄ اهو ساڳيو بيرل 33 ڊالرن ۾ وڪامي رهيو آهي.سعودي عرب جنهن جي قومي خزاني جي آمدني فرض ڪريو ته 100 روپيا آهي ته انهن سو روپين مان اٽڪل 80 روپيا آمدني صرف تيل مان ملندي هئي.هاڻي تيل مان اسي روپيا ملڻ جي بدران صرف 27 روپيا ملي رهيا آهن.انهيء مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سعودي عرب هن وقت ڪيترين شديد معاشي مشڪلن مان گذري رهيو آهي. ٻئي طرف خرچن ۽ آمدنيء ۾ توازن قائم ٿيڻ جو به في الحال امڪان ڪونهي جو يمن ۽ ٻين ملڪن ۾جاري سعودي عرب طرفان فوجي ڪاروائيون خرچن واري پڙ کي وڌيڪ ڳرو ڪنديون ٿيون وڃن.ٻئي طرف تيل جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ لاء ان جي پيداوار ۾ گھٽتائي ڪرڻ وارين صلاحن کي به سعودي عرب ۽ سندس ٻين اوپيڪ جي ساٿي ملڪن رد ڪري ڇڏيو آهي البته اهي تيل جي پيداوار کي موجوده سطح تي منجمند يعني فريز ڪرڻ تي متفق ٿي چڪا آهن.هن وقت سعودي عرب اٽڪل 100 ملين بجيٽ خساري تي هلي رهيو آهي.بزنيس انسائيڊر موجب “ سعودي عرب طرفان هنن حالتن ۾ به پنهن جي تيل جي پيداوار ۾ گھٽتائي نه ڪرڻ هٿ وٺي پنهن جي معيشت کي قتل ڪرڻ برابر آهي.”
ملڪ هن وقت ڪيتري معاشي تنگيء جو شڪار آهي ان جو اندازو انهن رپورٽن مان لڳائي سگھجي ٿو ته سعودي حڪومت ڪجھ آمريڪي ۽ ٻين غيرملڪي ڪارپوريشنس سان سعوديء ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ جي لاء ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن ملڪ ۾ پئسو اچي سگھي ۽ ممڪنه تمام وڏي بي روزگاريء واري امڪان جو به مقابلو ڪري سگھجي.
“دي ايڪانامسٽ” جي رپورٽ مطابق سعودي جي سرڪاري تيل ڪمپني “سعودي ايريمڪو” جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي تيل پيدا ڪندڙ ڪمپني آهي انهيء جا ڪجھ شيئر عالمي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن.معاشي ماهرن طرفان اهو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سعودي عرب جيڪو پنهن جي روينيو جو وڏو حصو تيل جي وڪري مان ئي حاصل ڪري ٿو تيل جي ڪرندڙ قيمتن جي نتيجي ۾ سال 2016ع ۾کيس سخت مالي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو.
سعودي عرب جتي پيٽرول جون قيمتون تمام معمولي آهن،حڪومت اهو سوچي رهي آهي ته انهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي ۽ انهيء سان گڏ ڊيزل ۽ بجليء جي اگھن ۾ صارفين جي لاء واڌ ڪئي وڃي ته جيئن تيل جي ڪريل قيمتن جي نتيجي ۾ سعودي معيشت ۾ پيدا ٿيندڙ خطرناڪ بحران کي منهن ڏيئي سگھجي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو