Tuesday, July 5, 2016

5 جولاءِ: جمهوريت تي راتاهي جو ڏينهن

حامد علي

پنج جولاءِ 1977ع پاڪستاني تاريخ جو هڪ اهڙو ڀيانڪ ڏينهن آهي، جنهن کي ساريندي اڄ به ڏيل ڏڪڻ لڳن ٿا. اهڙو ڏينهن جڏهن ضياءُالحق جمهوريت مٿان راتاهو هڻي هڪ اهڙي چونڊيل وزيراعظم جي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، جنهن نه رُڳو ليڙون ليڙون ٿي ويل مُلڪ کي ٻيهر سميٽيو، متفقه آئين ڏنو پر مُلڪ کي ائٽمي طاقت جي لائق پڻ بڻايو. ذوالفقار علي ڀُٽو سياست جو اُهو مسيحا هو، جنهن، جنرل اروڙا آڏو هٿيار ڦٽا ڪندڙ جنرل نيازيءَ واري شڪست کاڌل مُلڪ کي نه رُڳو پوريءَ دنيا ۾ عزت جو مقام ڏياريو پر شمله معاهدو ڪري ڀارت جي قيد مان 90 هزار فوجين کي آزاد پڻ ڪرايو ۽ کيس اُن جو سِلو اِهو مليو جو اُهي ئي قوتون سندس لاءِ بروٽس بڻجي ويون ۽ هنن رات پيٽ ۾ جمهوريت جي ڪُک ۾ خنجر ٽُنبي عوام جي بنيادي حقن مٿان لت ڏئي مُلڪ ۾ هيروئن ۽ ڪلاشن جو ڪلچر عام ڪري ڇڏيو.
اڄ اسان کي جيڪا دنيا ۾ رسوائي ڏسڻي پئجي رهي آهي، اُن جا بنياد پڻ اُن ساڳي گُگهه انڌاري رات جو رکيا ويا ۽ مُلڪ کي مذهب جي نانءُ تي يرغمال بڻائي انتهاپسنديءَ جو ٻج ڇٽيو ويو، جنهن ٻيهر ڪڏهن به جمهوري قدرن کي اُسرڻ نه ڏنو. ست ڏهاڪن جي مختصر تاريخ ۾ ڇويهه وزيراعظمن جو رڪارڊ رکندڙ هن مُلڪ کي پنهنجي حريف مُلڪ ڀارت جي اڳواڻ جواهر لال نهروءَ جو اِهو طعنو به سهڻو پيو ته ’آئون اڃا ڌوتي ئي نٿو بدلايان ته پاڪستان ۾ حڪومت بدلجيو وڃي‘.
ڇا اها حيرت جي ڳالهه نه آهي ته مُلڪ جي پوري تاريخ ۾ اڄ تائين هڪ به اهڙو وزيراعظم نه ٿي گذريو آهي، جنهن پارليامينٽ جو مدو پورو ڪيو هُجي، ڪڏهن حڪومتون مُدي کان اڳ ختم ڪيون وينديون آهن ته ڪڏهن وزيراعظمن کي ڏکيا ڏينهن ڏيکاريا ويندا آهن. مطلب ته هتي عوامي ووٽن سان چونڊجي آيل نمائندا هُجن يا حڪومتون، اُنهن خلاف پهرين ڏينهن کان ئي سازشن جو ڄار اُڻجڻ شروع ٿي ويندو آهي. اُن جي ابتڙ ڊڪٽيٽر ٽن مهينن جو واعدو ڪري لاڳيتو 11 سالن تائين عوام جا حق غصب ڪري هر اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويهندا آهن ۽ سڀئي سازشي قوتون سندن ٻانهن ٻيلي بڻجي وينديون آهن.
 نظر ائين ٿو اچي ته هيءُ مُلڪ عوام لاءِ نه بلڪه اُنهن ڪجهه خاندانن لاءِ جُڙيو هُجي جيڪي جڏهن به چاهين عوام جي هنيانءَ تي مُڱ ڏري آئين جا بکيا اُڊيڙي ڇڏين. آئين جي چيرڦاڙ سندن ڏائين هٿ جو کيل رهيو آهي، پر افسوس ته اُن وقت نه اسان جي منصفن ڪا جرئت ڏيکاري ۽ نه ئي ساڄي ڌر ڪو ردعمل ڏيکاريو، بلڪه ضياءُ الحق جي يارنهن سالن ۾ اُهي ڌريون سدائين ضياءَ کان پٺي ٺپرائينديون رهيون ۽ ٻئي طرف نٻل ۽ ڪمزور عوام هو، جنهن هر سطح تي پنهنجو ردعمل ڏيکاريو. اُهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن جابجا آفيسن توڙي هوٽلن ۾ ”سياسي گفتگو منع آهي“ واريون تحريرون ديوارن تي اُڪريل ڏسڻ ۾ اينديون هيون، انهن ئي ڏينهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي ڦٽڪن ۽ ڦاهين مان گذاريو ويو، سرعام ڪوڙا هڻڻ جي نمائش ڪئي ويندي هئي ۽ ڳوٺن تي ڪاهون ڪيون وينديون هيون.
هونئن ته پوري ملڪ مٿان ضيائي جبر مسلط هو، پر ڀُٽي جي سنڌي هجڻ ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي مٽيءَ ۾ مدفون ٿيڻ سبب اِهو جبر سنڌ جي ماڻهن مٿان ڪجهه سوايو ڏسڻ ۾ آيو. هڪ ته سنڌ ردعمل ۾ اڳري رهي، ٻيو ته بنگالين سان همدرديءَ واري جذبي جي سزا پڻ سنڌ جي ڀاڱي ۾ آئي ۽ سنڌي ماڻهن جي ردعمل آڏو بند ٻڌڻ لاءِ جيڪي حربا هلايا ويا، سي هن وقت سنڌي سماج کي پوريءَ ريت پنهنجي جڪڙ ۾ وٺي چُڪا آهن. هونئن ته ايڪڙ ٻيڪڙ چوري چڪاري سالن کان ٿيندي رهي آهي، پر ڌاڙيل ڪلچر جو بنياد پنج جولاءِ واري قهري رات جو نتيجو آهي، اُن کان علاوه قبيلائي جهيڙن کي هٿي وٺرائڻ پڻ ضيائي حُربن مان هڪ حُربو رهيو آهي ته جيئن ماڻهن کي هڪٻئي سان ويڙهائي رکجي ۽ ڌاڙيلن جي خوف سبب ماڻهو پنهنجن گهرن تائين محدود هجن. ظاهر آهي اهڙي ڪشمڪش ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي سِر ۽ پنهنجن ٻچن جي اُون هوندي، ڪنهن کي کٽيءَ کنيو آهي ته هُو ضياءَ جي ظلمن خلاف آواز اُٿاري. باوجود اُن جي سنڌ جي ماڻهن نه رُڳو ردعمل ڏيکاريو پر اُنهن آمرن کي ٽوٽا پڻ چٻرايا.
سنڌي ماڻهو هونئن ته پنهنجي ضمير ۽ خمير ۾ دشمن سان به ڀلائي وارو جذبو رکندڙ آهي، پر ضياءُ الحق واحد ڊڪٽيٽر هو، جنهن سان سندس نفرت جي انتها هئي، جڏهن به ٽيليويزن تي ضياءُ نمودار ٿيندو هو ته مجموعي طور پوري سنڌ جو هٿ ٽيليويزن ڏانهن سڌو ٿيندو هو ۽ چستيءَ سان ٽيليويزن جو بٽڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا. ايتري تائين جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ڪنهن موت تي پنهنجو گردن هلڪو محسوس ڪيو ۽ شاعرن ضياءَ جي موت کي خوشيءَ جي خبر سان تشبيهه ڏني.
جيتوڻيڪ ضياءَ کي جهاز حادثي ۾ خاڪ ٿئي 28 سال مڪمل ٿي چُڪا آهن، پر سندس سوچ اڄ به ملڪ ۾ جبر جي علامت بڻيل آهي ۽ ضياءَ باقيات اُهي سڀئي حُربا هلائيندي ڏسجي ٿي، جنهن سان جمهوريت توڙي عوامي حقن کي ڇيهو رسندو هجي.
جيستائين ان سوچ جو هڪ به ماڻهو هن ملڪ جي سرحدن اندر موجود آهي، تيستائين جمهوريت خطري هيٺ رهڻي آهي، اُن لاءِ سڀني ساڃهه وند ڌرين کي ان ضياءَ واري ڀيانڪ سوچ خلاف گڏ ٿي ويڙهه وڙهڻي پوندي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته 5 جولاءِ 1977ع واري ڪاريءَ رات جي گگهه اونداهيءَ مان نه ته هيءُ سماج ڪڏهن آجو ٿي سگهندو ۽ نه ئي جمهوريت بقا ماڻي سگهندي.
بهرحال ڀُٽو ازم ۽ ضياءَ باقيات واري اِها جنگ اڃا طويل عرصي تائين جاري رهڻي آهي. ڀُٽو ازم جي پاسي غريب پر ڪروڙين عوام گڏ آهي، جڏهن ته ضياءَ باقيات نهايت ئي طاقتور ۽ منظم آهي ۽ سازشي ذهن رکندڙ آهي. ان جنگ کي جيڪڏهن حق ۽ باطل جي جنگ ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو ۽ ان جنگ ۾ سوڀ هميشه حق جي ئي ٿيڻي آهي.
(روزاني عبرت جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو