ئنيڊا ۾ ٻن مهينن کان ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ترسڻ کان پوءِ هاڻ پنهنجي عظيم وطن پاڪستان واپسيءَ جي تياري آهي. دل اُداس آهي، ڪينيڊا جا حسين رستا، ساوڪ، رنگ برنگي پکي، لائبريري، پُرسڪون پارڪ ڇڏڻ تي نه پر اُن پاڪستان ۾ واپسيءَ جي لاءِ، جيڪو ايڌي وارو پاڪستان نه هوندو، جتي عبدالستار ايڌي پنهنجي مخصوص معصوم ۽ پُرعزم مسڪراهٽ سان گڏ نه هوندو، مان تصور ئي نٿو ڪري سگهان ته هي پاڪستان ڪيئن هوندو؟ 1977 کان پهريان وارو پاڪستان به ايڌي کان بغير هو. ايمبولينس سينسٽ جان جي هوندي هُئي يا ڪجهه اسپتالن جي. اسان کي ياد آهي ته زخمين کي شفاخانن تائين پهچائڻ ڪيترو ڏکيو هوندو هو. هنگامي حالتن ۾ ڪٿي فون ڪريون، ڪنهن کان مدد گهرون، ڪا خبر نه هوندي هُئي.
ايڌي صاحب جي اچڻ سان محاورا بدلجي ويا، پهريان عام طور تي چيو ويندو هو ته هاڻ هي مڙهه ميونسپالٽي وارا کڻي ويندا، بيمار جانورن کي بيرحم حيوان کڻي ويندا، گمشده ٻارن کي پوليس جي حوالي ڪيو ويندو، پيرسن ماءُ پيءُ گهر جي ٻاهران کٽ تي ايندڙ ويندڙ نوجوانن کي ڏسندا رهندا، گهر کان ڀڄڻ تي مجبور، نينگريون دارالامان جي سپرد ڪيون وينديون. بيروزگار، بي گهر ڀائرن ۽ ڀينرن کي ماني ٽڪي مسجد جي ٻاهران گهرن تي ملندي، هاڻ اهو سڀ ڪجهه ايڌي وارا ڪري رهيا آهن.
ايڌي صاحب پاڪستان جو ڪلچر ئي بدلائي ڇڏيو، مزاج به تبديل ڪري ڇڏيا. ڪينيڊا جهڙن فلاحي ملڪن ۾ هڪ ٻار جي پيدائش کان وٺي عمر جي آخري حصي ۾ پهچي وڃڻ وارن شهرين جي ذميداري حڪومت ئي سنڀالي ٿي. جتي رياستون انهن ذميدارين کان بي نياز ٿي وينديون آهن، شهرين کي اثاثو چوڻ بجاءِ بار سمجهڻ لڳنديون آهن. پاڪستان ۾ مملڪت يا اسٽيٽ ته پنهنجي شهرين جي پيدائش کان وٺي رحلت تائين ڪا ذميوداري پوري ناهي ڪندي. ايڌي، ماءُ جي جهول به فراهم ڪري ٿو، پيءُ جو سهارو به ۽ پيرسنيءَ ۾ ماءُ پيءُ جي لاءِ پُٽ ۽ ڌيءُ جو ڪردار به ادا ڪري ٿو.
مان سوچي رهيو آهيان، بلڪه ياد اچي رهيو آهي ته هڪ سِرڻ پکي بجليءَ جي ڪنهن تار ۾ ڦاسي پيو هو. ايڌي ئي اُن جي مدد لاءِ پهتو هو. هاڻ تارن ۾ اُلجهيل سِرڻن، ڪانون، ڪبوترن جي مدد لاءِ ڪير ايندو هوندو؟
هڪ انسان درويش به هُجي، صوفي به، خدا ترس به، جديد فلاحي سوچ به رکندو هُجي، انساني خدمت لاءِ سرگرم به هُجي، انساني حقن لاءِ صرف تقريرون نه ڪندو هُجي، الم نه لکندو هُجي، بلڪه عملي قدم کڻندو هُجي، بُک ۾ کاڌو فراهم ڪندو هُجي، اڃايلن کي پاڻي، بي گهريءَ ۾ گهر، بي سهارن کي پناهه ڏيندو هُجي، اُن سان گڏوگڏ هو هڪ سُٺو منتظم هجي، ايڊمنسٽريٽر هُجي، سُٺو چيف ايگزيڪيٽو آفيسر هُجي، اهي سموريون صفتون اُن وڇڙي ويل ۾ هڪ هنڌ هيون.
اربين کربين رپين ۾ کيڏندو هُجي، پر پنهنجي مٿان سؤ رپيا ئي خرچ ڪندو هجي، ڏيکاءَ جو قائل نه هُجي. ٿوري گهڻي خيرات ڏيڻ وارا، ڪجهه غريبن کي دسترخوان فراهم ڪرڻ وارا ڪيڏي نه پنهنجي پبلسٽي ڪندا آهن، ٽي وي چينلن تي ڪروڙين رپين جا اشتهار ڏيندا آهن، خيرات ۽ عطيي سان اسپتالون ٺاهي پنهنجي سياسي قيادت جو جواز بڻائيندا آهن.
مون کي اُها مصرع ياد اچي ٿي ته:
ايسي چنگاري ڀي يا رب اپني خاڪستر مين ٿي،
اس اُمت مرحوم مين ايڪ زنده شخص ڀي ٿا.
ٻين ناڪاره گڙدن وارن کي گڙدا ڏيارڻ وارو، ٻين جي بيمارين ۾ مفت دوائون فراهم ڪرڻ وارو، ڏينهن رات انسانيت جي خدمت ڪرڻ وارو، پنهنجا گڙدا ڇو ناڪام ڪرائي ويٺو.
درد دل کے واسطے پیدا کیا انسان کو
ورنہ طاعت کے لیے کچھ کم نہ تھے کروبیاں
نه ڄاڻ ڪهڙو هوندو پاڪستان، اُن درويش کان سواءِ.
هوا هي گو تند و تيز ليڪن، چراغ اپنا جلا رها هي،
وه مرد درويش جس ڪو حق ني عطا ڪيي هين انداز خسروانه.
آنڌيون اچن يا تيز طوفان، قتل جون ڌمڪيون، ڪفر جون فتوائون، پر...
اين سعادت بزور بازو نيست
تانه بخشد خدائي بخشنده.
مان ته اِهو ايمان رکان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه خدا جو ڪرم آهي، مالڪِ حقيقيءَ جو احسان آهي ته هو جن ماڻهن کان اهو پيغمبري ڪم وٺڻ چاهيندو آهي يا وٺندو آهي. هر شهر، هر وسنديءَ ۾ هڪ ايڌي ضرور هوندو آهي. جيڪو اُتي نيڪين جا رستا جوڙيندو رهندو آهي. تڪليف ۾ هٿ وڌائيندو آهي، بيمارن کي دوائون وٺي ڏيندو آهي، غريب والدين جي نياڻين جا گهر آباد ڪرائڻ ۾ خاموشيءَ سان مدد ڪندو آهي. ذهين پر خالي هٿين شاگردن کي ڪتاب، يونيفارم عطيو ڪندو آهي، بزرگن جي آخري ڄمار ۾ ڪفالت ڪندو آهي.
ايڌيءَ انهن سڀني الله جي نيڪ بندن ۽ سرنديءَ وارن کي هڪ ئي مالها ۾ پروئي ڇڏيو.
فرد قائم ربط ملت سي هي تنها ڪڇ نهين،
موج هي دريا مين اور بيرون دريا ڪڇ نهين.
خير جو سلسلو جيڪو ملڪي سطح تي ڪيو ويو.
اهڙن فرشتن کي انسانن جي روپ ۾ ڏسي اهو يقين ٿيندو آهي ته الله تعاليٰ انسانن کان مايوس ناهي ٿيو. ايڌي فائونڊيشن جا ڪم ڏسي اهو احساس ٿيندو آهي ته خالقِ حقيقي پاڪستان کان مايوس ناهي ٿيو.
هيءُ درويش هڪ ئي وقت پنجابي به هو، سنڌي به، پٺاڻ به، بلوچ به، سرائيڪي به، مهاجر به، هو مجسم پاڪستان هو. مجسم وفاق هو. مجسم انسانيت هو. زخمين کي اسپتال پهچائڻ وقت، ميت کي غسل ڏيڻ واري لمحي هو ڪونه پُڇندو هو ته اُن جي ذات ڪهڙي آهي، فرقو ڪهڙو آهي، مذهب ڪهڙو ۽ ٻولي ڪهڙي ڳالهائيندو آهي.
پاڪستان، ان مجسم خدمت، مجسم خيرات، مجسم حاجت روائي کان سواءِ ڪيئن هوندو؟
الله تعاليٰ رحيم ۽ رحمان آهي، ستار ۽ غفار آهي، هو پنهنجي مخلوق سان گهري محبت ڪري ٿو. هو ڪنهن کي عبدالستار ايڌيءَ جو روپ ڏئي ڇڏي ٿو، ڪنهن کي سرجن اديب رضوي جو، هاڻ به ڪنهن کي اها ذميداري ملي چُڪي هوندي. هو بي نياز آهي، لاچارن جو آخري سهارو آهي. اسين سڀ اُن کان مدد چاهيندا آهيون، اُن جي عبادت ڪندا آهيون، اُهوئي شفا ڏيڻ وارو آهي، اهوئي وڪيل آهي، ڪفيل آهي، رزاق آهي.
اوهان جو ڇا خيال آهي، ڇا اوهان ان تلاش ۾ منهنجي مدد ڪندؤ؟ اوهان جي شهر ۾، ڳوٺ ۾ اڃا به اهڙو انسان هوندو، اهڙو ڀاءُ، اهڙي ڀيڻ، اهڙي بيبي، جنهن کي الله تعاليٰ اها توفيق ڏني هجي، اهڙي سعادت بخشي هجي جو هو ڏکايل ماڻهن جي واهر ڪندا هُجن، بيماريءَ ۾ اُنهن جي علاج جو اهتمام ڪندا هُجن، غريب پر ذهين شاگردن جي علم جي حاصلات ۾ مدد ڪندا هُجن، اُنهن سان ملايو، الله جي اُنهن نيڪ بندن جي عظمت جو اعتراف ڪريو.
مان اوهانجي پيغام جو ۽ اي ميل جو منتظر آهيان. فون 7806800-0331
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو