عن أبي الدرداء قال : قال رسول صلى الله عليه وسلم :
( أنا أول من يؤذن له بالسجود يوم القيامة وأنا أول من يؤذن له أن يرفع رأسه فأنظر
إلى بين يدي فأعرف أمتي من بين الأمم ومن خلفي مثل ذلك وعن يميني مثل ذلك وعن شمالي
مثل ذلك " . فقال له رجل : يا رسول الله كيف تعرف أمتك من بين الأمم فيما بين
نوح إلى أمتك ؟ قال : " هم غر محجلون من أثر الوضوء ليس أحد كذلك غيرهم وأعرفهم
أنهم يؤتون كتبهم بأيمانهم وأعرفهم يسعى بين أيديهم ذريتهم " . رواه أحمد
حضرت ابو درداءَ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ جن
فرمايو ته آئون اهو شخص آهيان جنهن کي قيامت جي ڏينهن سڀني کان اڳ سجدو ڪرڻ جي
موڪل ڏني ويندي ۽ آئون اهو آهيان جنهن کي سڀني کان اڳ (سجدي مان مٿو مٿي کڻڻ جي
موڪل ڏني ويندي پوءِ پنهنجي اڳيان ڏسندس ته ٻين امتن جي وچ ۾ پنهنجا امتي سڃاڻندس،
اهڙي طرح منهنجي پٺيان ۽ پنهنجي ساڄي کاٻي پاسي ڏسندس ته پنهنجا امتي سڃاڻندس. هڪ
ماڻهوءَ چيو ته يا رسول اللهﷺ حضرت نوح جي زماني کان وٺي پنهنجي زماني تائين، ايترين گهڻين امتن ۾ اوهان پنهنجي امت کي ڪيئن
سڃاڻندو؟ فرمايائون ته انهن جي پيشاني، هٿ، پير وضوءَ جي اثر سببان روشن هوندا، انهن
کان سواءِ بيو ڪو ائين نه هوندو. (پڻ ان ڪري به) انهن کي سڃاڻندس جو کين اعمالناما
سندن ساڄي هٿ ۾ ڏنا ويندا. نيز انهن کي سڃاڻندس جو انهن جي
اڳيان انهن جو اولاد پيو گهمندو. (احمد)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو