وعن أبي هريرة قال : قال
رسول الله صلى الله عليه وسلم قال : ( ألا أدلكم على ما يمحو الله به الخطايا ويرفع
به الدرجات ؟ "
قالوا بلى يا رسول الله قال : " إسباغ الوضوء على المكاره
وكثرة الخطى إلى المساجد وانتظار الصلاة بعد الصلاة فذلكم الرباط ".
ابو هريره کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ جن
فرمايو ته ڇا اوهان کي اهڙو عمل نه ٻڌايان، جنهن سان الله تعاليٰ اوهان جا گناه ميٽي ۽ ان سان اوهان جا درجا مٿاهان ڪري؟ اصحابن چيو ته ” اي الله جا رسول هائو
(ضرورٻڌايو) فرمايائون ته تڪليف جي وقتن ۾ ([1]) ڪامل وضو ڪرڻ ۽ مسجدن ڏانهن گهڻا
قدم ([2]) ۽ هڪ نماز کان ٻي نماز جو انتظار
ڪرڻ ([3]) اهو توهانجو رباط آهي.([4])
[1] _ تڪليف جا وقت هي آهن: 1_بيماريءَ ۾، سياري جي سخت سرديءَ ۾.
[2] _ يعني مسجد پري هجڻ جي حالت ۾ به اچڻ.
[3] _ يعني هڪ نماز پڙهي ٻي لاءِ مسجد ۾ ويهي رهي پر جيڪڏهن ٻاهر وڃي
ته به دل ۾ مسجد ۾ اچڻ جو اونو رکي.
[4] _ ”رباط“ هن کي چئبو آهي جو اسلام جي سرحد تي دين جي دشمنن جي
مقابلي لاءِ ويٺو رهي، مبادا دشمن سرحد ٽپي اچن. انهي ۾ وڏو ثواب آهي. رسول الله ﷺ
جن فرمايو آهي ته نماز لاءِ انتظار ڪري ويهڻ به در حقيقت هڪ طرح جو ”رباط“ آهي. ڇو ته جيئن سرحد تي ڪافرن جي مقابل ۾
بيهبو آهي، تيئن هتي مسجد ۾ دين جي وڏي دشمن شيطان جي مقابلي ۾ بيهڻو پوي ٿو.
انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ جن رباط جي لفظ کي 3_دفعا تڪرار يعني تاڪيد سان آندو آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو