امتياز دانش
گذريل ڏينهن سنڌ جي راڄڌانيءَ جي سنڌي وسندي سچل ڳوٺ جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريريءَ ۾ ” سهولتن کان وانجهيل ڪراچيءَ جون قديمي آباديون ۽ ذميوار ڪير“ جي سري هيٺ هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ نه رڳو سنڌ جي قومپرست، سايسي، سماجي، ادبي ۽ مذهبي تنظيمن ۽ سول سوسائٽيءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي پر سهولتن کان وانجهيل وسندين جي عوام به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڄڻ ته پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو. اهو به ڪيڏو نه عجيب اتفاق هو جو ان سيمينار ۾ شرڪت لاءِ مون کي پنهنجي علائقي پپريءَ مان گٽرن جي گندي پاڻيءَ مان تري ۽ ٽٽل روڊ تان گذري سچل ڳوٺ وڃڻو پيو. اهڙيءَ ريت هر ان ماڻهوءَ کي گٽرن جي گندي پاڻيءَ مان تري ۽ ٽٽل روڊن تان گذري اچڻو پيو هوندو، جنهن ان سيمينار ۾ شرڪت ڪئي. هونئن ته سڄي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهو رهي ٿو ۽ سنڌي ماڻهن جون آباديون آهن پر گهڻي کان گهڻي آبادي ملير، گڏاپ، بن قاسم، ابراهيم حيدري، لياري ، ڪياماڙي، اورنگي ۽ ڪورنگي ٽائون ۾ آهي پر انهن ٽائونن ۾ ڪا به اهڙي سنڌي وسندي ناهي، جتي بنيادي انساني سهولت هجي.
پپري ملير ضلعي جو وڏي ۾ وڏو علائقو آهي، جتي نه رڳو وڏي تعداد ۾ انساني آبادي رهي ٿي پر ڏينهون ڏينهن اها وڌندي به وڃي پئي. ڪجهه سالن اندر ان ۾ ايترو ته واڌارو ٿيو آهي جو اها پورٽ قاسم ۽ اسٽيل ملز کان ويندي گهگهر ڦاٽڪ تائين وڃي لڳي آهي. هي وسندي سنڌ جي پٺتي پيل ماڻهن جي آهي، جتي گهڻي ڀاڱي مزدور ۽ پورهيت رهي ٿو. بدقسمتي اها آهي جو ان علائقي ۾ ڪا به بنيادي انساني سهولت ناهي. پيئڻ جي پاڻيءَ جي ايتري ته اڻاٺ آهي جو علائقي واسين کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين اڃو رهڻو پيو پوي. سچ ته هي ڪراچي جي وسندي نه پر ڄڻ ته ڪوفو هجي. گيس جهڙي آهي تهڙي نه. بلڪه پپري جي ڳوٺ صوفن ڳوٺ ۾ ته گيس جي اڃا تائين سهولت نه پهتي آهي، جتي پ پ جي چيئرمين شاهه محمد گبول جو ڳوٺ ۽ گهر آهي. هتي بجلي 24 ڪلاڪن مان ڪجهه ڪلاڪ هلي ٿي نه ته سڄو ڏينهن ۽ رات بند. تعليم ۽ صحت جي ڪا به سهولت ناهي. ڇوڪرين جي پرائمري اسڪول ۾ ڪيتري وقت کان اسٽاف جي کوٽ آهي پر ان کي ختم نه پيو ڪيو وڃي. ڇوڪرين جو ڪاليج ٺهي مڪمل ٿي ويو آهي پر ان ۾ اڃا تائين تدريسي عمل جاري نه ڪيو ويو آهي. روڊ ايترا ته ٽٽل آهن جو ماڻهن کي مين روڊ تائين پهچندي پهچندي پيٽ ۾ سور پئجيو وڃي. نه رڳو ايترو پر ڪيترين ئي ڳورهاري عورتن جو گلشنِ حديد پهچڻ کان اڳ ئي رستي ۾ ويم ٿيو وڃي. گذريل ڪيترن مهينن کان علائقي جا سمورا گٽر ٽٽل آهن پر انهن جي مرمت نه پئي ڪرائي وڃي. گندو پاڻي پيئڻ واري پاڻي جي کوهه ۾ وڃي پيو، جنهن جي واپرائڻ سان پيٽ جي مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي. گٽرن جو گندو پاڻي روڊن ۽ رستن تي بيٺل هجڻ ڪري مڇرن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن سان مليريا ۽ چمڙي جي بيماريون وڌيون آهن، جن ۾ علائقي جا سمورا ماڻهو وٺجي ويا آهن. امن امان جي اها صورتحال آهي جو سج لهندي ئي قبرستان وٽان سرعام ماڻهن کان ڦر ٿيو وڃي. ان کان پوليس ۽ چونڊيل نمائندا آگاهه آهن پر امن امان جي والي سان ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. پورٽ قاسم، اسٽيل ملز ۽ ٻيا صنعتي ادارا هوندي به بيروزگاري آهي، جنهن سبب اڪثر گهرن جي چلهه اجهاڻل رهي ٿي.
خير پپري ته پٺتي پيل غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو علائقو آهي، جن کي ان دور ۾ پڇي ڪير ٿو پر بلڪل ان جي سامهون لکيل پڙهيل، نوڪري پيشا وچئين ۽ مٿئين طبقي جي ماڻهن جي وسندي گلشنِ حديد آهي. جيڪڏهن ان علائقي ۾ سهولتن جو جائزو ورتو وڃي ته اتي به اسان کي ساڳي صورتحال نظر ايندي. عوامي جمهوري پارٽيءَ جي اڳواڻ دوست نور نبي راهوجي سيمينار ۾ ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي ته ڪراچيءَ جي جنهن وسندي ۾ پاڻي، بجلي، گيس، تعليم، صحت ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هجي. روڊ ۽ رستا ٽٽل هجن. بيروزگاري هجي ۽ امن امان جو مسئلو هجي ته پڪ ڄاڻو اها سنڌي وسندي هوندي. بلڪل جيڪڏهن اسان گلشن حديد، سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، چڪرا ڳوٺ، بلاول ڪالوني، ابراهيم حيدري، ريڙهي، ڀينس ڪالوني، مارئي ڳوٺ ۽ ٻين سنڌي وسندين ۾ سهولتن جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي اتي ڪو به ترقياتي ڪم نظر نه ايندو. ڪراچيءَ جون اهڙيون ڪيتريون ئي سنڌي وسنديون آهن، جتي اڃا تائين گيس، بجلي ۽ پڪن روڊن جي سهولت ناهي. ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هجڻ ڪري اتان جا ماڻهو سوين ميل پنڌ ڪري سهراب ڳوٺ، صدر، گلشنِ حديد، قائد آباد ۽ ٻين علائقن تائين پهچن ٿا.
مورڙي جي شهر جي ڪيترين ئي وسندين ۾ صنعتي زون، وڏيون ڪمپنيون ۽ فيڪٽريون آهن پر پوءِ به انهن علائقن ۾ بيروزگاري آهي. سنڌي نوجوانن کي ڪمپنين ۾ نه پيو رکيو وڃي. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم جي ناظم جي گذريل دور ۾ سڄي ڪراچيءَ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا هئا پر اهي انهن هنڌن تي، جتي اردو آبادي رهي ٿي ۽ جتي سنڌي آبادي رهي ٿي انهن علائقن کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو هو. خير اهو ته ايم ڪيو ايم وارن جو رويو هو. ڇو ته انهن آبادين ۾ سندن ووٽ بئنڪ نه هو، جنهنڪري هنن انهن آبادين ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرايا پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين جي ماڻهن جن کي ووٽ ڏنا، انهن هنن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڪراچيءَ جا سنڌي ماڻهو 1970ع کان پ پ کي ووٽ ڏيندا پيا اچن پر انهن هن وقت تائين سنڌي ماڻهن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. نه سنڌي وسندين کي ليز ڪيو ويو آهي ۽ نه وري انهن ۾ هن وقت تائين ڪا بنيادي انساني سهولت ميسر ڪئي وئي آهي.
سيمينار ۾ نور نبي راهوجي اها به ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي ته هن وقت تائين راڄڌانيءَ جي سنڌي وسندين ۾ رهندڙ ماڻهن جي رجسٽريشن به نه ڪئي وئي آهي. سنڌي ماڻهن جا ڳوٺ پڪا ڪرڻ بدران سندن زمينن تي قبضا ڪري اهي ڌارين کي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪيون ويون آهن. هن وقت بک، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ سبب سنڌ جي سمورن شهرن جي حالت انتهائي خراب آهي، جنهنڪري سنڌي ماڻهن ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو آهي. هن وقت سنڌ جي مختلف شهرن کان جيڪو به ماڻهو ڪراچي اچي پيو، اهو گلشنِ حديد، سچل ڳوٺ، پپري، ڀٽائي آباد ۽ ٻين سنڌي وسندين ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪري پيو. جنهنڪري اهي وسنديون سنڌي ماڻهن جي طاقت آهن. ڪٿي ائين ته ناهي جو انهن علائقن کي سهولتن کان محروم رکي سنڌي ماڻهن جي طاقت کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي.
سيمينار ۾ جماعت اسلامي جي اسدالله ڀُٽي، جسقپ چيئرمين قمر ڀۡٽي، ايس اين ايم جي اعجاز سامٽيي، ايس يو پي جي محبوب عباسي، عنايت کٽياڻ، جسقم جي الاهي بخش بڪڪ، قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجي، اي جي پي جي غلام قمبر حاجاڻي، نور نبي راهوجي، حريف چانڊئي، پ پ ش ڀ جي خواجا غلام حسين، ماهيگير سماجي سنگت جي يونس خاصخيلي، ايس ٽي پي جي خير محمد مگسي، قومي راڳي ۽ ليکڪ بيدل مسرور ۽ ٻين حڪومت کان گهر ڪئي ته ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ٻهراڙي پئڪيج ڏئي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌين جي ووٽ تي چونڊجي آيل حڪومت انهن جي ان مطالبي کي مڃي راڄڌانيءَ جي سنڌي وسندين ۾ بنيادي سهولت ڏيندي؟ ڇاڪاڻ ته اها صورتحال رڳو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي سنڌي علائقن جي ناهي پر ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ اها ساڳي صورتحال آهي. خبر ناهي ته سنڌ ائين ئي مسئلن جي صليب تي لٽڪيل رهندي يا ان کان آجي به ٿيندي؟ سنڌي ماڻهن کي انسان سمجهي کين بنيادي سهولتون ڏنيون به وينديون يا ائين ئي کين محروم رکيو ويندو؟
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو