محمود شام
اوهان کي آئون پاڻ سان گڏ ڪيترائي سؤ سال اڳ وٺي وڃي ڦرندو رهيو آهيان، خبر ناهي اوهان جا جذبا ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙا تاثر آهن؟ آئون هِن وقت هڪ اهڙي ملڪ ۾ آهيان، جيڪو پرامن، مهذب ۽ خوشحالي هجڻ تي فخر ڪري ٿو ۽ اِهو ملڪ 149هون يومِ آزادي ملهائي رهيو آهي. اسان به ڪجهه هفتن کانپوءِ 70هون يومِ آزادي ملهائڻ وارا آهيون. هاڻي تحقيق ۽ تقليد جو دؤر آهي. اوهان مون کي گڏ نائين، ڏهين، يارهين، ٻارهين ۽ تيرهين صدين ۾ بغداد، دمشق، قاهره ۽ تهران جون گهٽيون، درسگاهون ۽ ڪتب خانن ۾ گهمندي ڏٺو ته سُنهري دور ڪهڙو هوندو آهي، ڪيئن هوندو آهي، ڪابه مملڪت جڏهن پنهنجي عروج تي هوندي آهي ته اُتي علم ۽ يا عقل جو دور هوندو آهي يا ڪمرشلزم جو، اتي عدل ۽ مشن کي برتري هوندي آهي يا شهزادن يا شهزادين کي.
يورپ، آمريڪا جيڪڏهن اِهو چئي رهيا آهن ته اسلام جديد دنيا جي جديد تهذيب کي جنم ڏنو ته اهي ڪهڙا مظاهرا هئا، جن سان جديد دنيا وجود ۾ آئي، جيڪڏهن آمريڪي تاريخدان اِها دعويٰ ڪن ٿا ته يورپ ۾ نشات ثانيه تحريڪ احيائي علوم، مسلمان سائنسدانن جي ڪوششن سان ممڪن ٿي ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن، جيڪڏهن يورپ ۾ صنعتي دور مسلمانن جي تحقيق ۽ ايجادن مان وجود ۾ آيو ته ڇا اُها مسلمانن جي فوجي طاقت هئي يا عسڪريت يا جهادي مزاج، ترڪي يورپ جو بيمار مرد چورائيندو هو، ان جو علاج ڪهڙي سرجري سان ڪيو ويو؟
اسلام ۾ اجتماعيت جو جيڪو ڪلچر آهي، شايد ئي ڪنهن ٻئي مذهب ۾ هجي. هاڻي جيڪو عالمگيريت جو تصور آهي، گلوبلائيزڊ دنيا تي اوهان غور ڪريو، دور نبوي ﷺ کان شروع ٿيندڙ تمدن ڇا هو، عالمگيريت ئي ته آهي. 610ع ۾ وحي نازل ٿي، اوهان وقت جي مشن ۾ داخل ٿي وڃو، مڪي ۽ مديني جي محدود علائقن مان ڪهڙي طرح اِها عالمگيريت وڌندي وڃي ٿي، خلفاءِ راشدين جي دور ۾ 661ع تائين ڪيترائي علائقا هڪ مرڪز سان وابسته ٿي وڃن ٿا، پوءِ بنواميا 661ع کان 750ع تائين، عباسي خلفاءِ 750 کان 1258ع تائين، اِهي ئي دور آهن، جتي تهذيب، تمدن، تربيت ۽ تعليم زورن تي هئي، پوءِ 1258ع کان 1919ع تائين خلافت عثمانيه جو دور رهيو. هڪ سربراهه مملڪت، هڪ دين، هڪ نظام، هڪ تجارت، صنعت ۽ تعليم جون پاليسيون هڪ. غور ڪريو ته مسلمانن کي پاڻ ۾ ملائڻ جا ڪيترائي وسيلا آهن. ڏينهن ۾ 5 ڀيرا محلي جي سطح تي، هڪٻئي جي ڏک ۽ درد کي ڄاڻڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو جمعي جي نماز، ان کان وڏي پئماني تي نمازِ عيدين، شهر جي سطح تي حالتن جي ڪري يا سيڪيورٽي سبب ان کان به وڌيڪ فرقيواريت جي ڪري هاڻي ڪنهن به شهر ۾ عيد جو هڪ وڏو مرڪزي اجتماع ناهي ٿيندو، مسلمان ورهائجي ويا آهن ۽ ورهائجندا پيا وڃن. حج بيت الله عالمي سطح تي هڪ وڏو اجتماع آهي، جتي مختلف ملڪن مان مسلمان گڏ ٿيندا آهن، اِهو ته ناهي ته اِهي سمورا اجتماع رڳو رڪوع ۽ سجدي لاءِ آهن، ٻين مذهبن وارا ته ايڏي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ تڙپندا آهن ۽ ملين مارچ جو انتظام ڪندا آهن.
اسان انهن سڀني کي بي مقصد ۽ بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي، اسان جا سجدا بي روح ٿي ويا آهن، قيام بي حضور، مسلمان حڪمران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ ته گڏ ٿيندا آهن، پر حج جي موقعي تي گڏ ناهن ٿيندا، حج کان پهرين يا پوءِ اسلامي سربراهي ڪانفرنس هر سال ٿي سگهي ٿي، هر سال عالمِ اسلام کي درپيش چئلينجز جو جواب ڏيڻ لاءِ مشورا ٿي سگهن ٿا، عيد الفطر ۽ عيدالضحيٰ جي وچ ۾ مسلم پرڏيهي وزير ۽ سيڪريٽري گڏجي سربراهي ڪانفرنس جي ايجنڊا تيار ڪري سگهن ٿا.
پاڪستان هينئر کان ڪجهه هفتن کانپوءِ 70هون يومِ آزادي ملهائيندو، اِها آزادي ڪيتري ڊگهي جدوجهد ۽ لکين مائرن، ڀينرن ۽ ڀائرن جي خون عيوض ملي آهي. 70 سالن ۾ قومن جي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو آهي، آئون هنن ڏينهن ۾ تاريخ جو مطالعو ڪري رهيو آهيان، گذريل صدين کي پنهنجي آس پاس گذرندي ڏسان ٿو، 69 سالن جو عرصو ڪجهه به نٿو لڳي، پر جڏهن اِهو ڏسان ٿو ته انهن 69 سالن جي سفر کانپوءِ پاڪستان کي جتي هجڻ گهرجي ها اِهو اُتي ناهي، ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان پٺتي هليا ويا آهيون، جيڪا ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. امن امان، سلامتي ۽ تحفظ ۾ ٻيا گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن، انصاف جي فراهمي، علاج معالج، تعليم سڀني شعبن ۾ اسان گهڻو پٺتي هليا ويا آهيون.
اسان جون قدرون ۽ ميراث اسلامي حوالي سان به 15هين صديءَ تي مشتمل آهن ۽ جنهن سرزمين تي پاڪستان وجود ۾ آيو آهي، هتي ته تهذيب تمدن ۽ تدريس جو ورثو 8 هزار سال قديم آهي، صدين جي علم ۽ ڏاهپ سان مالامال اِن تمدن کي اسلامي تعليم وڌيڪ حياتي ڏني ۽ اُن کي نکاريو. دولت جي حوس، اسان وٽ گهڻا ئي کوکلا ۽ ڪنهن حد تائين فحش ڪمرشلزم کي اسان تي مڙهيو ويو آهي، اِهي ڪاروباري مزاج بي بنياد هوندا آهن، اسان جي درسگاهن جو حال ڏسو، قوم جي اڪثريت جي تربيت ۽ تدريس سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٿيندي آهي، پرائيويٽ اسڪول هجن، ڪاليج يا يونيورسٽي اِهي تعليم جا دڪان آهن، جتي ڊگريون وڪرو ٿين ٿيون، ذميوار ۽ باشعور مملڪت ته سرڪاري درسگاهن ۾ اُهي انسان تيار ڪنديون آهن، جيڪي علم، عقل، عدل ۽ عشق جي مجسمي جا پيڪر هوندا آهن، قومن جي تعمير جو منصب اُهي ئي ادا ڪندا آهن. علم، عقل، عدل ۽ عشق کان عاري معاشرا ختم ٿي ويندا آهن ۽ اِهي ڪجهه ڪاروباري ماڻهن جي هٿن ۾ يرغمال بڻجي ويندا آهن. هزارين سالن کان تهذيب جي مرڪز هِن خطي جي درسگاهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اڳتي اچڻو پوندو، گهڻا وسيلا آهن، ڪيترائي معدني خزانا آهن ۽ نوجوانن ۾ به گهڻيون صلاحيتون آهن.
اوهان جو ڇا خيال آهي؟ 14 آگسٽ اچي رهي آهي، ڪجهه هفتن کانپوءِ اچو کُلي ڳالهايون ته 70هون يومِ آزادي ڪيئن ملهايون، اِن تاريخي موڙ تي ڪهڙا فيصلا ڪريون، جن سان تيزيءَ سان زوال طرف سفر رُڪجي سگهي. اِي ميل ڪريو، ايس ايم ايس ڪريو، اوهان جي راءِ ضروري آهي.
001-416-880-0864
mahmoodshaam@gmail.com
(روزاني عبرت جي ٿورن سان)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو