شفيق الرحمان شاڪر
“محبت ” جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن لذيذ شيء ڏانهن طبيعت جو
لاڙو ٿي پوي،جيڪر ان لاڙي ۾ تمام گھڻي شدت ۽ واڌارو ٿي پوي ته ان کي “عشق” چيو وڃي
ٿو.ايستائين جو نوبت ان حد تائين پهچيو وڃي جو عاشق پنهن جي معشوق جوغلام بڻجي ڪري
رهجيو وڃي ۽ پنهن جي هر شيء ايستائين جو جان به معشوق تي قربان ڪرڻ لاء تيار ٿيو
وڃي.حضرت زليخا جو حال ئي ڏسوجيڪو حضرت يوسف عليه السلام جي محبت ۾ ٿيو،هن جو
سموري سونهن ۽ مال هليو ويو.ستر اٺن جي باربرابر ته ان جا هار ۽ جواهر هئا پر سڀ
يوسف عه جي محبت ۾ خرچ ڪري ڇڏيائين.جيڪو به شخص اچي اها خبر ڏيندو هو ته مون يوسف
عه کي ڏٺو آهي ته ان کي هڪڙو هار ڏيندي هئي.محبت جي مستيء ۾ هن کي سواء يوسف عه جي
ٻيو ڪجھ به ياد نه رهيو.چيو وڃي ٿو ته جڏهن زليخا ايمان جي دولت سان مالامال ٿي
ويئي ۽ حضرت يوسف عه سان نڪاح به ٿي ويو ته کانئس جدا ٿي عبادت الاهيء ۾ مشغول ٿي
ويئي ۽ هر شيء کان لاتعلق بڻجي ويئي. جيڪر يوسف عه ان کي ڏينهن جو سڏيندا هئا ته
رات تي ٽاري ڇڏيندي هئي ۽ جيڪر رات جو طلب ڪندا هئا ته ڏينهن تي ٽاري ڇڏيندي هئي.
هوء يوسف عه کي چوڻ لڳي ته اللھ تعاليٰ جي معرفت حاصل ٿيڻ کان اڳ مون کي توسان
محبت هئي،هاڻي اللھ جي معرفت حاصل ٿيڻ بعد منهن جي دل ۾ ٻي ڪنهن محبت جي جاء نه
رهي آهي.
مجنون ليليٰ کان پڇيو؛ تنهن جو نالو ڇا آهي؟ هن جواب ڏنو؛
ليليٰ. هڪڙي ڏينهن ڪنهن ماڻهوء مجنون کي چيو؛ ڇا ليليٰ مري چڪي آهي؟ هن جواب ڏنو؛
نه! هوء ته منهن جي دل ۾ آهي.آئون ليليٰ آهيان.
منصور حلاج جي باري ۾ مشهور آهي ته کيس ماڻهن ارڙهن ڏينهن
تائين قيد ڪري رکيو،ان وٽ حضرت شبلي رحه آيو ۽ پڇيائين؛ اي منصور! ٻڌاء ته محبت ڇا
آهي؟ چيائين؛ اهو اڄ نه پرسڀاڻي پڇجانء. ٻئي ڏينهن تي ماڻهن ان کي قتل ڪرڻ لاء قيد
مان ڪڍيو،شبلي رحه جو به اتان گذر ٿيو ، منصور چيو؛ اي شبلي! تو محبت جي باري ۾
سوال ڪيو هو.ٻڌ! محبت جي شروعات جلڻ ۽ ان جو انجام قتل آهي. منصور جڏهن محسوس ڪيو
ته هر شيء فاني آهي سواء اللھ تعاليٰ جي ۽ سمجھي ويو ته اللھ تعاليٰ ئي حق آهي ته
اسم حق واضح ٿيڻ بعد هو پنهن جو نالو ئي وساري ويٺو ۽ جڏهن به پڇيو ٿي ويو ته تون ڪير
آهين؟ جواب اهو ٿي ڏنائين ته آئون حق آهيان.
سچي محبت جون ٽي نشانيون بيان ڪيون وييون آهن، ٻين جي بدران
محبوب جي زبان اختيار ڪرڻ، ماڻهن جي محفل ڇڏي محبوب جي محفل اختيار ڪرڻ ۽ ٻين جي
رضامندي بدران محبوب جي رضامندي ڳولهڻ.اهو به چيو وڃي ٿو ته عشق پردو ڦاڙڻ يا راز
کولڻ جو نالو آهي
ڪو ماڻهو فرات درياء ۾ وهنجي رهيو هو،هن ڪنهن ماڻهوء جو
آواز ٻڌو جيڪو هن آيت جي تلاوت ڪري رهيو هوجنهن جو ترجمو آهي؛ “ اي ڏوهاريو! اڄ
اوهين هڪ طرف جدا ٿي وڃو.” اها آيت بڌندي ئي ان ماڻهوء تي ايترو خوف طاري ٿيو جو
سندس روح پرواز ڪري ويو.
حضرت محمد عبداللھ بغدادي فرمايو ته مون کي بصري ۾ هڪ بلند
عمارت جي ڇت تي هڪ نوجوان ڏسڻ ۾ آيو جيڪو هيٺ نهاري ماڻهن کي چئي رهيو هو؛ جيڪو
ماڻهو چاهي ٿو ته کيس عشق ۾ موت اچي ته اهو هيئن مري ڇو ته عشق ۾ بنان موت جي ڪا
ڀلائي ناهي،پوء پاڻ کي هيٺ اڇلايائين جڏهن هن کي کنيو ويو ته مري چڪو هو.
هڪ دفعي ڪنهن بزرگ کان محبت جي معنيٰ پڇي ويئي ته هن
فرمايو؛ ملڻ جلڻ گھٽ ۽ اڪيلائي زياده،هر وقت خاموش رهڻ،جيڪر اک کڄي ته به ڏسي نه
سگھي،جيڪر آواز ڏجي ته نه ٻڌي،جيڪر ڳالهه ڪجي ته نه سمجھي،جيڪر مصيبت اچي ته غمگين
نه ٿئي،جيڪر بک لڳي ته محسوس نه ڪري جيڪر اگھاڙو هجي ته خبر نه پويس،ماڻهن کان
نااميد ۽ هروقت اللھ تعاليٰ سان مناجات ۾ مصروف هجي ۽ دنيائي معاملن ۾ دنيادارن
سان نه اٽڪندو هجي.
حضور ڪريم صلي اللھ عليه وسلم جن فرمايو؛ جلد ئي منهن جي
امت تي اهڙو وقت ايندو جو اهي پنجن شين سان ۾محبت رکندا ۽ پنج شيون وساري ويهندا.
دنيا سان محبت رکندا ۽ آخرت کي وساري ڇڏيندا، مال سان محبت رکندا پر حساب ڪتاب جو
ڏينهن وساري ڇڏيندا، مخلوق سان محبت ڪندا پر خالق کي وساري ويهندا،گناهن سان محبت
ڪندا ۽ توبه وساري ويهندا،محلات انهن کي پيارا لڳندا ۽ قبرستان وساري ڇڏيندا.
حضرت منصور بن عمار رحه هڪ نوجوان کي نصيحت ڪئي؛ اي نوجوان!
تنهن جي جواني توکي دوکي ۾ نه وجھي،ڪيترن ئي جوانن توبه ڪرڻ ۾ دير ڪري ڇڏي،ڊگھي
اميد رکي،انهن موت کي ياد نه رکيو۽ چوندا رهيا ته سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن تي توبه ڪري
وٺنداسين.ايستائين جو ان سستي۾ قبر جي پيٽ ۾ پهچي ويا،نه سندن مال۽غلام کين ڪو
فائدو ڏيئي سگھيا ۽ نه ئي اولاد.
حضرت آسيه رضه فرعون جي گھر واري هئي جڏهن فرعون کي خبر
پيئي ته حضرت آسيه ايمان آڻي چڪي آهي ته کيس سزا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيائين،کيس طرحين
طرحين سزائون ڏنيون وييون ته جيئن هوء ايمان تان هٿ کڻي پر هن ايمان ترڪ نه
ڪيو.آخر سندس بدن ۾ ڪلا ٺوڪيا ويا پوء هن کي دين ڇڏڻ جو چيو ويو ته هن جواب ڏنو؛
منهن جو بدن ته اوهان قابو ڪيو آهي پر منهن جي دل ته منهن جي خدا جي حفاظت ۾
آهي،منهن جي بدن جو هر عضوو به ڪپي ڇڏيو ته به منهن جو ايمان ۽ عشق وڌيڪ مضبوط ٿيندو.
(روزاني مهراڻ 4 جولائي 2016ع)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو