Saturday, July 9, 2016

سنڌ جو ماڻهو خاموش ڇو آهي؟

خير محمد ڪولاچي

تبديلي، وسيلن جي مالڪي ۽ سنڌ جي وحدت جي بقا لاءِ ساڃاهه وند، فڪرمند رهڻ سان گڏ سنڌ جي ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ جاڳائيندا رهن ٿا. اديب، شاعر ۽ دانشور پنهنجي لکڻين، ڇپجندڙ شاعري ۽ سجاڳي لاءِ ڪوششن ذريعي سنڌي ماڻهو کي سجاڳ ڪرڻ ۽ سنڌ جي قومي حقن جي حفاظت لاءِ مزاحمتي لڙائي ۾ حصو وٺڻ لاءِ آواز ڏيندا رهن ٿا. ٻن ٽن ڏهاڪن کان اهڙين لاڳيتين ڪوششن باوجود سنڌي آبادي جو وڏو حصو جيڪو ڪڙمي ۽ پورهيت آهي، اهو گهربل موٽ ڪو نه ٿو ڏئي. انهن جي اڪثريت اڄ به قومي تحريڪن کان پري پنهنجي دنيا ۾ معمول واري زندگي گذاريندي رهي ٿي. اها اڪثريت جنهن جي قوت سنڌ جي حقن وٺڻ ۾ بيحد ضروري آهي سا اهڙين ڪوششن ۾ پورو عملي ساٿ ڪونه ٿي ڏئي. قومپرست ساٿي جيتوڻيڪ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ عوامي ساٿ جي پڪ جو تاثر ڏيندا رهن ٿا پر جيڪا اڪثريت سنڌ جي نالي ۾ ووٽ ڪونه ٿي ڏئي اها جان جي قرباني ڪيئن ڏيندي. اهڙي صورتحال سبب ڪي قومپرست اڳواڻ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ ٿڪجي منظر تي موجود رهڻ جيتريون سرگرميون جاري رکندا پيا اچن. ڪي اڳواڻ مايوس ٿي سياست کان ڪنارو ڪري ويا آهن.
ٻئي طرف سنڌي مخالف لابي ۽ سنڌي مفادپرست اڳواڻن کي به صورتحال جو پورو اندازو آهي، ان ڪري هو سنڌ دشمن فيصلا ڪرڻ مهل عوامي مزاحمت جي خطري کي ڪا وڏي رڪاوٽ نه ٿا سمجهن. اهي مظاهرا، ڪي چند هڙتالون ۽ ڌرڻا هاڻي نوان ناهن رهيا، اهڙي روايتي مزاحمت کي هر ڪوئي ڄاڻي ويو آهي. اهڙي مزاحمت پٺيان ڪيتري قوت آهي، اهو حڪومتي ادارا، حڪمران پارٽي ۽ سنڌ دشمن لابيون چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿيون. اهڙي تاثر هيٺ ئي نون صوبن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته دنيا جا انقلاب يا ڪامياب تحريڪون عوام جي حصي وٺڻ سان ئي ڪامياب ٿينديون آهن. جيڪڏهن مزاحمتي تحريڪ يا ويڙهاڪ ٽولو ڪنهن گروهه تائين محدود هوندو ته اهو ڊگهي عرصي تائين موثر مزاحمت ڪري ڪونه سگهندو، جن مخالفن وٽ جهجها پئسا، بهتر هٿيار، تربيت يافته افرادي قوت، سياسي پٺڀرائي هوندي اهي ئي ڊگهي ويڙهه ۾ ڪامياب ٿيندا. تاريخ تي فخر ۽ حوصلي سان صورتحال کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي.
اصل سوال اهو آهي ته سنڌ جي غريب ماڻهو جي اڪثريت سنڌ دوستي جي حوالي سان سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ عملي موٽ ڇو ڪونه ٿي ڏئي. جيتوڻيڪ موجوده دور ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافين، ايندڙ وقت جي خطرن ۽ عوامي ووٽ جي تقدس جي پائمالي وارين سڀني ناانصافين ۽ سازشن کان سنڌي ماڻهن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو پر پوءِ به انهن طرفان ڪا سرگرم موٽ ڪونه ٿي ملي. منهنجي خيال ۾ ان جو اصلي سبب اهو فاصلو آهي، جيڪو اڻ پڙهيل پورهيت ۽ نام نهاد تعليم يافته طبقي وچ ۾ آهي. اهڙي وڇوٽي جا ڪجهه ڪارڻ آهن.
- سنڌي معاشري ۾ پورهئي جي عظمت ۽ اهميت کي نه مڃڻ.
- پورهيت ۽ غريب طبقي کي ڪمتر سمجهي ان کي فاصلي تي رکڻ.
- مفادن ۽ ڪمزورين ڪري پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ۾ سنڌي سياستدانن جي ناڪامي جو عام ماڻهو ڏانهن ويندڙ پيغام.
هنر مخصوص خاندانن تائين محدود رهي ٿو. وس ڪندي ڪو پڙهيل ماڻهو هنر سکڻ يا پورهئي طرف ڪونه ويندو. ان سان گڏ پورهيت کي ايترو به ڪونه ٿو ملي جو هو ٻچن کي سکي ماني کارائي سگهي. سندس محنت جي بدلي نه ايترو ملي ٿو جو پيٽ ڀري ماني کائي يا ان حوالي سان معاشري ۾ ڪا عزت ملي. مون کي اهو منظر به اڪثر ياد ايندو آهي، جڏهن هڪ وڏيري جي اوطاق ۾ هڪ غريب عمر رسيده ڪڙمي جي سال جي فصل جو حساب ٿي رهيو هو. کيس ٻڌايو ويو ته تنهنجي سڄي سال جي فصل جو حساب ڪاٽڻ کانپوءِ به توڏي اڃا ڪجهه ڏوڪڙ قرض رهيا. ان تي هو خاموش رهي ڪپڙو ڪلهي تي رکي راهي ٿئي ٿو. اڳتي سڄو سال قرض کڻي ٻچن کي رُکي ماني کارائيندو ۽ ايندڙ سال جي آخر ۾ به وري ساڳيو حساب وڃي بيهندو. جيڪي ماڻهو اهڙين حالتن ۾ گذارين ٿا، اهي پوءِ وقت تي ڪا موٽ به ڪونه ٿا ڏين. هنن وٽ ته سوچڻ لاءِ محدود دائرو آهي. هو جي هڪ ڀوتار مان تنگ ٿين ته ٻئي علائقي ۾ وڃي ٻئي ڀوتار جي سلامي ڀرين. باقي ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري ۽ ٿئي؟ ان کي هو  پنهنجو مسئلو سمجهن ئي ڪونه ٿا. ڪٿي اهڙيون ڳالهيون سندن خبرن چارن جو حصو يا وقت گذارڻ لاءِ ڪچهري تائين محدود رهن ٿيون. پڙهيل ماڻهن جو ڪردار ان حوالي سان ڪو همٿ افزا ڪونهي. سنڌي معاشري ۾ جنهن مئٽرڪ پاس ڪئي ته اهو پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ پنهنجو پاڻ کي شامل سمجهڻ لڳي ٿو ۽ هو اڻ پڙهيل ماڻهن کان پري پيو رهندو. سندس نظر مٿي هوندي. اديب ۽ شاعر غريب ماڻهن جي غربت ۽ مجبورين کي پنهنجي ڪهاڻين، لکڻين ۽ شاعري جو ڪردار بنائي ادب ۾ استعمال ڪري پيا پنهنجو قد وڌائيندا آهن، جنهن ڪردار کي هو آئيڊيل بنائي پيش ڪندا آهن، انهن سان عملي زندگي ۾ سندن رويو ڪيئن آهي؟ اهو هر ڪو ڄاڻي ٿو. وڏو سنڌي ڪامورو فقط سنڌ جي ڪوٽا تي سٺي پوسٽنگ جي حد تائين هوندو آهي. باقي رهيا پير ۽ وڏيرا اهي ڪيئن غريب کي پنهنجو مائٽ سمجهندا. ظاهر آهي مٿيان سڀئي طبقا غريب ماڻهو کان فاصلي تي آهن ته پوءِ هو ڪيئن هنن کي پنهنجو سمجهندو يا انهن تي اعتماد ڪندو. هو ويچارو ته هر اليڪشن جي موقعي تي واعدا ٻڌي ٿڪجي پيو آهي. کيس پڪ آهي ته اهي سکڻا حوال آهن. اسان جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي ڪو به ڪونهي.
پر جن کين پيار ڏنو ۽ عوام اهڙو ڪو عملي مظاهرو ڏٺو ته هو به اڳتي وڌي موٽ ڏيڻ سان گڏ جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ڀٽو خاندان سان عوام جي محبت ان حوالي سان هڪ اهم مثال آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جهر جهنگ وڃي عوام سان مليو. حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ به هن عوام سان ناتو نه ٽوڙيو. هن عوامي ڀلائي جا ڪي ڪم به ڪيا. ڪن حالتن ۾ غريب ماڻهن کي حڪومتي قدمن سبب فائدو ٿيو. اهڙي ڪارڪردگي کانپوءِ عوام به کيس پنهنجو سمجهي اهڙي موٽ ڏني جو ان طاقت جي ايوانن کي لوڏي ڇڏيو. عوام جي ان خاندان ۽ پارٽي سان محبت جو ڄڻ ته هڪ رشتو قائم ٿي ويو. ووٽ جو موقعو هجي، جلسو جلوس يا مظاهرو، عوام ان پارٽي کي ڀرپور موٽ ڏيندو آيو. وقت تي جيل وڃڻ، ڦٽڪا کائڻ کانپوءِ به پوئتي نه موٽيو. اهڙو رشتو جيتوڻيڪ مسلسل نون سالن جي لاڳيتي دؤر دوران حڪمرانن جي رويي سبب ڪمزور ٿي ويو آهي پر هڪ حد تائين اڄ به موجود آهي.
قومي جدوجهد جي حوالي سان ٻيو اهم پهلو پنهنجي ڪمزوري آهي. جي گهر جو دروازو کليل هوندو ته چور کي گهڙڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪونه ٿيندي. ان ڪري پنهنجي گهر جي حفاظت لاءِ اسان کي پنهنجو دروازو بند رکڻو آهي. هتي ته صورتحال ئي نرالي رهي آهي. اسان جا بزرگ سياستدان ته دعوتون ڏئي ڌارين جي ڪٽڪن لاءِ دروازا کولي ويٺا هئا. هر دور ۾ سنڌ دشمن فيصلن ۾ سنڌي سياستدان ۽ چونڊيل نمائندا شامل رهيا آهن. مالياتي ايوارڊ هجي، پاڻي جو مسئلو هجي يا وسيلن جي مالڪي جو مسئلو، اهڙن معاملن تي فيصلن وقٽ اسان جا چونڊيل نمائندا ئي ڪمزور ثابت ٿيا آهن.
سنڌ دوستن کي ڪن ڪامياب هڙتالن ۽ مارچ ۾ وڏي انگ جي شرڪت مان اها غلط فهمي نه ٿيڻ گهرجي ته ڪاميابي لاءِ اهي ڪافي آهن. پوين ٻن ٽن ڏهاڪن جي رڪارڊ مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته لاڳيتي دانهن ڪوڪن جي باوجود سنڌ دشمن فيصلا ٿيندا رهيا آهن. عوامي احتجاج سبب ڪالا باغ ڊيم جهڙو منصوبو پٺتي ضرور ٿيو پر ان لاءِ ٻيهر ميدان هموار ٿي رهيو آهي. ان منصوبي جي پٺيان طاقتور لابيون بجلي جي بحران کي ايترو وڌائي رهيون آهن جو  ان ضرورت تحت ملڪي عوام جي اڪثريت ان ڊيم ٺاهڻ جا زوردار مطالبا ڪرڻ شروع ڪندي. اهڙن وڏن منصوبن کي ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن جا مفاد شامل هوندا آهن جن وٽ ايتري قوت آهي جو هو سنڌي حڪمرانن کي ان جي حمايت لاءِ تيار ڪن، جنهن کانپوءِ هو اهڙي منصوبي جا فائدا ڳڻائڻ شروع ڪندا، جيئن ذوالفقار آباد جي رٿا جي حمايت ۾ دليل ڏنا پيا وڃن.
ياد رکو جيستائين سنڌ جي حوالي سان حقن جي ويڙهه ۾ غريب عوام جي اڪثريت جي همدردي ۽ ساٿ ڪونه هوندو، تيستائين ڪا به تحريڪ ڪامياب ڪونه ٿيندي. اهڙي عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي اڳواڻن کي پنهنجا رويا بدلائڻا پوندا. جدوجهد ڪندڙن کي عوام جي وچ ۾ وڃڻو پوندو. جڏهن عوام کي اهو اعتماد ٿي ويندو ته اسان جا اڳواڻ اسان جي عزت ڪن ٿا ۽ اسان جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا ته پوءِ هو ڀرپور موٽ ڏيندا ۽  اتان ئي تبديلي جي شروعات ٿيندي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو