سرمد منصور
پاڪستاني سياست ۽ موسم ۾ گهڻي هڪجهڙائي رهي آهي، جيئن موسم ۾ ڪڏهن سخت سرديون ته ڪڏهن شديد گرميون هونديون آهن، ايئن سياست به ڪڏهن سرد ته ڪڏهن گرم هوندي آهي. اڄڪلهه سياسي پارو انتها درجي تي پهتل آهي ۽ اُن جو سبب آهي پاناما ليڪس. گذريل چئن مهينن کان اِهو مامرو مُلڪي سياست ۾ ٻارڻ جو ڪم ڏيندو رهيو آهي، رمضان شريف جي احترام سبب ڪنهن حد تائين اُن ۾ گهٽتائي آئي هُئي، پر عيد گذرڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ميدان ٽامو بڻجڻ لاءِ آتو آهي ۽ هن ڀيري عمران خان ۽ سندس جوشيلن ڪارڪنن کان علاوه بلاول ڀُٽي ۽ سندس جيالن جي ميدان تي لهڻ جا به امڪان آهن. جڏهن ته ڌرڻن جي حوالي سان خاص شهرت رکندڙ طاهر القادري پڻ سندرو ڇڪيندي نظر اچي پيو. اِها صورتحال سرڪار لاءِ ڪو ڏچو پيدا ڪندي يا نه؟ اِهو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو. هوڏانهن وزيراعظم ميان نواز شريف بيماريءَ سببان سوا مهينو مُلڪ کان ٻاهر رهڻ بعد اڄ وطن وري رهيو آهي. کيس وٺڻ لاءِ پي آءِ اي جو خاص جهاز لنڊن پُهچي چڪو آهي. اِن حوالي سان رپورٽون آهن ته انهيءَ خصوصي جهاز سبب پي آءِ اي کي گهٽ ۾ گهٽ 30 ڪروڙ رپين جي سُئي لڳي وئي آهي، جنهن تي قومي ميڊيا چڱو خاصو شور مچائي رهي آهي.
اِئين نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ هفتي کان مُلڪ جو سياسي منظر تبديل ٿيڻ وڃي پيو. مسلم ليگ (ن)، جنهن هيستائين وزيراعظم ميان نواز شريف جي بيماريءَ تي ماڻهن جي همدردين جو خوب فائدو کنيو آهي، ڏسجي ته اُها ايندڙ ڏينهن ۾ همدرديءَ واري اُن تاثر کي برقرار رکي سگهي ٿي يا سونامي ۽ جيالن جو جوش اُن کي لوڙهي وڃي ٿو؟ هونئن مخالف ڌر ڪيتريون به دعوائون ڪندي هُجي، پر گذريل چئن مهينن کان جهڙيءَ ريت حڪومت کين ڦيراٽيون ڏياريندي رهي آهي ۽ اُنهن کي ڳالهين ۾ اينگهائيندي رهي آهي، تنهن مان ته اِهوئي لڳي ٿو ته اُها ايندڙ ڏينهن ۾ به ساڳي ئي روش کي برقرار رکندي. اِهو به ممڪن آهي ته هيستائين ٽي او آرز تي جيڪو ڊيڊلاڪ برقرار هو، اُهو وزيراعظم جي اچڻ سان ختم ٿي وڃي ۽ اِئين تحقيقاتي عمل تائين وزيراعظم کي حڪومت هلائڻ لاءِ وري چڱو خاصو وقت ملي ويندو، پر ڇا هيتري دير کان پوءِ مخالف ڌر اِن ڳالهه تي اتفاق ڪندي؟ عمران خان ۽ بلاول ڀُٽي جي بيانن مان ته اِئين ٿو لڳي ته هاڻ اُهي حڪومت سان ڪنهن به حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهن. بلاول ڀُٽي ته ايستائين به چئي ڏنو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جو مشڪل دور شروع ٿيڻ وارو آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ سُٺا ناتا هجڻ گهرجن، سندس چوڻ هو ته شريف برادران بينظير ڀُٽو تي ڪرپشن جا الزام لڳائڻ وقت پنهنجي ٻارن جي لاءِ آف شور ڪمپنيون ٺاهي رهيا هُئا. هوڏانهن عمران خان پڻ پارٽي اجلاس دؤران اڳواڻن کي چئي چُڪو آهي ته اُهي روڊن تي نڪرڻ جي تياري ڪري وٺن. اِن حوالي سان هُنن مشق پڻ شروع ڪري ڏني آهي.
امڪاني ڌرڻن جي حوالي سان حڪومت جي ڪهڙي اسٽريٽجي آهي؟ اُها مخالف ڌر وارن کي وڌيڪ وقت ڳالهين ۾ اينگهائڻ چاهيندي يا ساڻن سختيءَ سان پيش ايندي، اِهو وزيراعظم جي وطن ورڻ کان پوءِ سندن پاران جوڙيل لائحه عمل مان معلوم ٿي ويندو؟ جيڪڏهن مُلڪي صورتحال تي نظر وڌي وڃي ته حالتون حڪومت جي خلاف وڃي رهيون آهن. گذريل پي پي جي حڪومت جيان پوري مُلڪ اندر بدترين لوڊ شيڊنگ آهي، ايستائين جو عيد جي ٽنهي ڏهاڙن دوران مُلڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ لوڊ شيڊنگ جو آزار رهيو ۽ ماڻهو خوشيون سيليبريٽ ڪرڻ بدران روڊن تي احتجاج ڪندي نظر آيا، اُن کان علاوه مهانگائيءَ جون پڻ تمام گهڻيون دانهون ٻُڌڻ ۾ آيون. جيتوڻيڪ حڪومت ته اِها دعويٰ ڪري چُڪي آهي ته گذريل مالي سال دوران مُلڪي تاريخ ۾ 46 سالن بعد پهريون ڀيرو رڪارڊ سهانگائي ٿي آهي، پر زميني حقيقتون ڪجهه ٻيو ئي ٻُڌائين ٿيون. تازو ئي يونائٽيڊ نيشن ماتحت غربت لاءِ ڪم ڪندڙ اداري اِها رپورٽ جاري ڪئي هُئي ته مُلڪي آباديءَ جو 40 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته 80 سيڪڙو ماڻهن کي پيئڻ لائق پاڻي ميسر ناهي. اُن کان علاوه بدامني، آفتون ۽ ٻيا آزار الڳ آهن، جن ماڻهن کان صبر جو دامن هٿن مان ڪڍائي ڇڏيو آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ڪا پارٽي حڪومت مخالف مظاهرو ڪري ٿي ته اُن ۾ ماڻهن جي شرڪت يقيني هوندي. جڏهن ته هن ڀيري مُلڪ جون ٻه اهڙيون پارٽيون حڪومت مخالف احتجاج جو ارادو رکن ٿيون، جن وٽ تمام گهڻو اسٽريٽ پاور آهي. اهڙي وقت ۾ سرڪار کي فقط هڪ ئي صورتحال بچائي سگهي ٿي ته مُلڪ ۾ معمول کان وڌيڪ بارشون پون ۽ ٻوڏ واري صورتحال هُجي. جيتوڻيڪ اِنهيءَ ڳالهه جا امڪان چٽا آهن ته سرڪار اِهو آپشن پڻ ضرور آزمائيندي جو اڳ به اهڙي قسم جي ڪامياب مشق ڪري چُڪي آهي. سو ڏسڻو اِهو آهي ته ايندڙ ڏينهن بلاول ڀُٽي ۽ عمران خان کي هڪ ئي ڪنٽينر تي آڻي بيهارين ٿا يا اُهي الڳ الڳ ڌارائن ۾ حڪومت مخالف ڌرڻا ڪڍن ٿا. ڪجهه به هُجي، حڪومت جيڪڏهن دورانديشيءَ کان ڪم نه ورتو ۽ اُها ساڳي ئي هٺ تي برقرار رهي ته پوءِ کين ته نقصان رسندو ئي رسندو، جمهوريت جي زخمي ٿيڻ جي امڪانن کي به رد نٿو ڪري سگهجي. تنهن لاءِ اچو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ انتظار ڪريون ۽ ڏسون ته حالتن جو اُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي؟
( روزاني عبرت جي ٿورن سان)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو