Saturday, July 9, 2016

شاعريء جي زبان ؛ رت ديس تنهنجي راهه ۾ (حليم باغي)




رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

اداس  رات  جو  مان چنڊ   گھور گھور  پيو   پيئان

اونداهين  جا  چرٻٽؤ!  متان  ڪو  ديپ  ٺهي  وڃي.

گلن  جا سر ڪٽي  ڇڏيو،  وڻن  جا  ٿُڙ   سٽي ڇڏيو

ڪلي  ڪلي  لتاڙيو  متان  ڪسر  ڪا  رهي وڃي.

سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي

اسان جو  ڄڻ  ۽ ڪنڌ  ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.

مبارڪون  وڍيندڙؤ  ڪُهڻ  جي  رُت  اچي    وئي

هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي

اڏائي  ڌوڙ  راهه ۾  اڄ  هلئون  ته    هيئن     هلون

جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي ڊهي وڃي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو