Sunday, July 10, 2016

فقير منش عبدالستار ايڌي

نادر علي ابڙو
بيماري کان ويڙهاند ڪندي ڪندي نيٺ غريبن، يتيمن جو يار، فقير منش درويش انسان دوست، جڳ مشهور سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي 92 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس لاڏاڻي واري خبر انتهائي دل جھوريندڙ هئي، هڪ وقت تائين پاڪستان جي سڃاڻپ بڻيل هي فقير صفت انسان 2013 کان ڊائيلاسز تي هو ۽ بيماري سندن کي هڪ پل لاءِ به سک سان ساهه نه کڻڻ ڏنو پر هي بيماري جي بستري تي به پنهنجي ڪم ساڻ نڀائو ڪندو رهيو سندن جي عيادت ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ پرڏيهه مان سياسي سماجي توڙي ٻيا حلقا ايندا رهيا جيڪي سندن جي وڏي ڄمار لاءِ دعا ڏيندي سندن خدمتن کي مڃتا پيش ڪندا هئا پر هي فقير صفت انسان سڀني لاءِ دعاگو رهندو هو هن جي نظر ۾ انسانيت ئي سڀڪجهھ هئي.
هو انسانيت جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙيندو رهيو، عبدالستار ايڌي اهو انسان هو جنهن مرڻ کان اڳ ئي 25 سال پهريان پنهنجي قبر تيار ڪرائي ڇڏي هئي، ان پنهنجون اکيون وصعيت ڪري عطئي طور ڏيڻ سميت پنهنجي عضوا به ضرورتمندن کي ڏيڻ جو چيو آهي، عبدالستار ايڌي آخر لمحن تائين زندگي جي هن سفر ۾ انسانيت جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙيندو رهيو آخري وقت تي مرڻ کان پهريان سندن کي ساهه کڻڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي پيش اچي رهي هئي هو مسلسل 10 سالن کان وٺي گڙدن جي تڪليف سبب بيمار رهيو ۽ سندن جو هر 3 ڏينهن تي ڊائيلاسز ٿيندو هو، هو بي سهارن ماڻهن جو سهارو هو، روڊن تي ويهي انهن لاءِ خيراتون وٺندو هو، ڏڪاريل لکين ماڻهن کي پاڻ وٽ نه رڳو پناهه ڏيندو هو بلڪه انهن جو کاڌ خوراڪ، علاج ۽ روزگار جو به بندوبست ڪندو هو، ايڌي گم  ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي گهروارن سان ملائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ بس سروس پڻ هلائي جنهن ذريعي سوين گم ٿيل ٻارن کي پنهنجي والدين تائين پهچايو.
1928ع ۾ گجرات جي علائقي بانٽوا ۾ جنم وٺندڙ عبدالستار ايڌي جو خاندان 1947ع ۾ پاڪستان لڏي آيو، عبدالستار ايڌي ان وقت ننڍي عمر جو هو، هن ڪراچي ۾ پورهيو شروع ڪيو هول سيل جي مارڪيٽ ۾ ڪميشن ايجنٽ طور ڪم ڪندو رهيو، جڏهن ته ڪيترن ئي دڪانن تي مزدوري به ڪئي، ايڌي 11 سالن جي عمر ۾ پنهنجي معذور ماءُ کي سهارو ڏنو، هوءِ جسماني طور معذور هجڻ سان گڏ ذهني طور به معذور هئي، ايڌي پنهنجو سڄو وقت ماءُ جي خدمت ۾ گذاريندو هو، ماءُ جي وفات بعد  هن کي اهو خيال آيو ته دنيا ۾ اهڙي قسم جا لکين ماڻهو آهن، جن جي پرگهور لهڻ وارو ڪير به نه آهي، ان ڪري هن جي ذهن ۾ سماجي ادارو قائم ڪرڻ جو خيال آيو.
هن ڪراچي ۾ شرعاتي طور ننڍي ڊسپينسري شروع ڪئي، جنهن ۾ مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو هو، ان کانپوءِ آهستي آهستي هن پنهنجي اداري کي وڌائڻ شروع ڪيو، ايڌي جي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس ايڌي سان 1965ع ۾ شادي ڪرڻ بعد هن کي انساني خدمت لاءِ هڪ ساٿي ملي ويو، ٻنهي گڏجي ايڌي فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن جي آفيس ميٺار در واري علائقي ۾ قائم ڪئي وئي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ سماجي خدمت جو پهريون ساک وارو ادارو هلڻ سروع ٿيو جنهن وقت اهو ادارو قائم ٿيو، ان وقت چندي مان 5 هزار رپيا گڏ ڪيا ويا هئا، بعد ۾ ايڌي فائونڊيشن جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو، ايڌي فائونڊيشن جا ملڪ ۾ ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ لاوارث ۽ لاپتا ٿيل ٻارڙن لاءِ ادارو، سڄي ملڪ ۾ ايمبولينس سروس، يتيم ۽ بي سهارا  ماڻهن کي سنڀالڻ جو ادارو، ڪراچي ۾ لاوارث فوتي ماڻهن جو قبرستان، گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ جو ادارو، معذور جانورن جي هاسٽل، بکايل ماڻهن کي کاڌو کارائڻ لاءِ دسترخوان، لاوارث لاشن کي دفنائڻ جو ادارو ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا شامل آهن، عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي نه رڳو ٻين سماجي خدمتن ۾ مصروف رهيا پر ان سان گڏ بي سهارا ۽ لاوارث نياڻين جي شآدي به ڪرائي، ايڌي طرفان نياڻين جي شادي ڪرائڻ دوران ڏاج پڻ ڏنو وڃي ٿو.
هن وقت ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه بلقيس ايڌي آهي، جيڪا ويم گهر ۽ عورتن جي ڀلائي وارا ادارا هلائي ٿي، ايڌي فائونڊيشن وٽ 20 هزار کان وڌيڪ ننڍي عمر جا ٻارڙا ۽ 50 هزار جي لڳ ڀڳ يتيم ٻار ڪفالت هيٺ آهن، ايڌي فائونڊيشن 40 هزار کان وڌيڪ نياڻين کي نرسنگ جي تعليم ڏياري انهن کي معاشري جو ڪارآمد فرد بڻايو آهي، ايڌي فائونڊيشن جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهي، جڏهن ته آمريڪا، برطانيا، آفريڪا ۽ يو اي اِي سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايڌي فائونڊيشن جو ڪم هلي رهيو آهي. 20 هزار ٻارڙن جون زندگيون بچايون آهن.
ايڌي طرفان ڪجهھ سال پهرين اعلان ڪيو ويو ته تازن ڄاول ٻارڙن کي گند ڪچري ۽ رستن تي اڇلائي موت جي حوالي ڪرڻ بدران ايڌي جي پينگهي ۾ رکيو وڃي، ڪوبه سوال نه پڇيو ويندو، اهڙي طرح اهو سلسلو شروع ٿيو، ايڌي فائونڊيشنل موجب هيل تائين اهڙن اٽڪل 20 هزار ٻارڙن جون زندگيون بچايون ويون آهن، انهن ٻارڙن جي نه رڳوو سٺي پرورش ڪئي وڃي ٿي پر تعليم به ڏياري وڃي ٿي، اهڙن ٻارن جي والدين جي خاني ۾ پيءُ جو نالو عبدالستار ايڌي ۽ ماءُ جو نالو بلقيس ايڌي لکيو وڃي ٿو، انهن ٻارن کي پڙهائي لکائي معاشري جو ڪارآمد فرد بڻايو وڃي ٿو، ملڪ جي سمورن ايڌي مرڪزن ٻاهران جھولا موجود آهن، اتي ڪيترائي غريب ۽ مسڪين والدين به اچن ٿا ۽ پنهنجا ٻار ايڌي حوالي ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻارن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، ڪيترائي ماڻهو غربت سبب ٻار سنڀالڻ لاءِ ايڌي کي ڏين ٿا، انهن کان ڪوبه سوال نٿو ڪيو وڃي ۽ ٻارن کي ايڌي هوم ۾ رکيو وڃي ٿو. مهيني ۾ وڇڙيل ٻارڙن کي والدين سان ملائڻ لاءِ هلايل بس ذريعي 22 ٻارڙن کي والدين سان ملايو ويو. عبدالستار ايڌي کي زندگي ۾ تمام وڏا ايوارڊ مليا جن ۾ رامون ميگسيسي ايوارڊ، 1899ع ۾ لينن امن ايوارڊ، 1993ع ۾ پائو،ل هيسر فيلو ايوارڊ، 1998ع آمريڪا ۾ زلزلي متاثرن لاءِ سماجي ڪم ڪرڻ تي اڳوڻي سويت يونين کان امن ايوارڊ، يو اي اِي کان 2005ع ۾ رضا ڪاراڻي طبي ڪوششن تي همدان ايوارڊ، 2000ع ۾ انٽرنيشنل بيلزان پرائيز، 2001ع ۾ ڀارت طرفان امن ۽ سلامتي ايوارڊ، 2004ع ۾ امن ايوارڊ ممبئي، 2005ع ۾ امن ايوارڊ حيدرآباد دکن، 2007ع ۾ گانڌي امن ايوارڊ، 2008ع ۾ ڏکڻ ڪوريا امن ايوارڊ، 2006ع ۾ آءِ بي اي ڪراچي مان ڊاڪٽريت جي اعزازي ڊگري، 2009ع ۾ يونيسڪو من جيت سنگهه ايوارڊ، 1989ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان بهترين سماج سڌارڪ جو ايوارڊ، 1989ع ۾ صدارتي ايوارڊ نشان امتياز، 1992ع ۾ پاڪستان سوڪ ايوارڊ، پاڪ آرمي طرفان اعزازي شيلڊ، ايڇ آر سي پي طرفان هيمن رائيٽس ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز مليا، عبدالستار ايڌي کي امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو ويو، جنهن لاءِ پٽيشن تي 30 هزار ماڻهن صحيحون ڪيون.
عبدالستار ايڌي کي پرڏيهه ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي تمام گهڻو ڀوگڻو پيو ۽ سندن کي 1980 جي شروع ۾ لبنا ۾ داخل ٿيڻ دوران کيس لبناني فورسز گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 2006ع ۾ کيس ٽورنٽو ڪئناڊا جي ائيرپورٽ تي 16 ڪلاڪن لاءِ حراست ۾ رکيو ويو، جنوري 2008ع ۾ کيس آمريڪا جي جان ايف ڪئنيڊي ايئرپورٽ نيو يارڪ ۾ آمريڪي اميگريشن عملدارن اٽڪل 8 ڪلاڪن تائين جاچ هيٺ رکيو، هن جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو ۽ ٻيا دستاويز به تحويل ۾ ورتا ويا، ان کانسواءِ هن ٻيون به ڪيتريون ئي تڪليفون ڀوڳيون. بنيادي طور تي پاڻ سادگي پسند هو. هن هميشه 2 کان وڌيڪ وڳيا سبرائي نه رکيا، جتي به سادي پائيندو هو، گهڻي قدر پنڌ هلندو هو پر آخر ڏهاڙن ۾ علالت سبب ايڌي ايمبولينس ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ سفر ڪندو، هو وهنجڻ لاءِ پاڻي به تمام گهٽ استعمال ڪندو هو، هن ايڌي فائونڊيشن کان ڪڏهن به پگهار نه ورتي، ڪراچي ۾ ايڌي ڪلينڪ جي مٿان ٺهيل 2 ڪمرن واري گهر ۾ سڄي عمر گذاري، هن سموريون خوشيون ۽ عيد جا ڏهاڙا به سماجي خدمتن ڪندي گذاريا، ملازمن موجب هو اڪثر عيدون ايڌي فائونڊيشن ۾ يتيم ۽ بي سهارا ماڻهن سان گڏ ملهايون هو تمام سادو کائيندو هو.
پاڻ بنيادي طور تي جھموريت پسند هو جھموريت واري نظام هيٺ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو، سيٺين جي سخت مخالفت باوجود بلدياتي چونڊن ۾ عبدالستار ايڌي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو، 1964ع صدارتي چونڊن ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ هن قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو، 1970ع جي عام چونڊن ۾ عبدالستار ايڌي ڪراچي جي کارادر واري تڪ تان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تان چونڊون وڙهيون پر پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي مقابلي ۾ هارائي ويو، چونڊن ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ عبدالستار ايڌي ٻيهر ڪڏهن به سڌي ريت چونڊن ۾ حصو نه ورتو.
عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي سان گڏ ملڪي تاريخ جو سماجي بهبود جي محور تي چمڪندڙ ستارو هميشه لاءِ شانت ٿي ويو آهي سندن جي خدمتن کي ڪڏهن به وسارڻ باوجود به وساري نه سگهبو ۽ هميشه سندن جون خدمتون پاڪستاني عوام کي ياد رهنديون الله پاڪ شل پوئينرن کي  صبر ۽ ايڌي صاحب کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو