Wednesday, July 6, 2016

شل عيد آڻي خوشيون

حافظ سڪندر تنيو
اسلام جو بنيادي فلسفو دين جي نالي منجهھ رکيل آهي.دين جي معنيٰ حڪومتي نظام آھي.الله سائين فرمايو،” ان الدين عند الله الاسلام “ يعني الله کي اهو نظام پسند آھي جيڪو سلامتي ڏيندڙ هجي. دين جي مقابلي ۾ مذھب کي مروج ڪيو ويو، جنهن جو ذڪر قرآن ۾ ڪٿي به نه آيل آھي.مذهب منجھه نظام نه، سسٽم نه! پر پوڄائون، رسمون، کيل، جلوس، قواليون، پڙ پويون، ايثال ثواب، پرساد، ڏڻ، ڏھاڙا رائج هوندا آھن. جن کي پوري ڪرڻ لاءِ مذهب پرست ماڻھو تبليغون تقريرون ڪري ماڻھن کي رسمن رواجن ڏي مائل ڪندا رهندا آھن. پئسي وارن کي چيو ويندو آھي ته نادار مفلس ماڻھن جي مدد ڪري ثواب دارين حاصل ڪري جنت ۾ گهر محل جوڙائي ڇڏيو. پر دين هڪ نظام جوڙي ڏيندو آھي، جيڪو محتاجيون، مسڪينون دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. غربت کي ذلت جو نالو سڏيندو آھي.
عيد عربي زبان جو لفظ آھي ، جنهن جي معنيٰ  وري وري اچڻ آهي . قرآن ۾ سندس ٻه ڀيرا لفظ آيو آھي، پر ٻنهي جڳهن تي هي عيدون ملهائڻ جو چيل ناهي. هڪ هنڌ عيسيٰ نبي کي سندس پارٽي ورڪر چون ٿا ته اسانجا قائد هن سماج جي غلط نظام کي جنهن ۾ استحصالي سرمائيدار، جاگيردار، مذهبي پوپ، ماڻھن کي طبقن ۾ ورهائي مٿن حڪومت ڪري،ڄورون بڻجي رت چوسي رهيون آھن، ان ڪري اهڙو سسٽم خدا کان طلب ڪري ڏي جنهن ۾ عوام جي خوشحالي ۽آسودگي سندن درن تي کڻي اچي، جنهن ۾ ڪوئي طاقتور ماڻھو ڪنهن کي غلام نه بڻائي، طبقاتي هيٺايون بلنديون ڊاهي هڪ ڪرو سماج هجي. معاشي برابريون منجهنس هجن ۽ اهڙو نظام ڏي ته اسان سرها ٿي سندس آجيان عيد واري ڪريون.
پر مذھب ان انقلابي دين واري روح کي بدلائي ڇڏيو ، دنيا ۾ هڪ عيد هيءَ ملهائبي آهي جنهن کي هتي عيد الفطر چيو ويو ته محتاجن جي مدد ڪري کين فطرو تري تي رکي سندن ضمير مجروح ڪري چار ڏوڪڙ ڏيون ته هو به ٿوري گهڻي خوشي ڪري سگهن، جيڪا اوهين امير ماڻھو سڄو سال عيد جيان حاصل ڪندا ٿارهو. پوءِ مسڪينن جون قطارون پئسي وارن اڳيان پنڻ لاءِ لڳي وينديون آھن، ڪرپشن ڪيل پئسي کي مذهب جي صابڻ سان ڌوئي پاڪ ڪري ڪيترائي  ملڪ رياضُ ۽ سائين سعيد پارا مُٺيون ڀري ماڻھن مٿان مڱڻھارن جيان  گهوريندا آھن،ته جيئن بکين ماڻھن کي ويلو، ڳڀو ٽڪر کارائي آخرت لاءِ اجر ڪمائجي.ان مال مان  مون پاري مولوي کي به داڻو پاڻي چُڳايو ويندو آھي، پوءِ ٻئي هٿ مٿي کڻي کين قيامت تائين ڪوٺيون ڀريل دنياجون قائم هجڻ  جون دعائون ڪندو آھيان. هي ءَ فطري واري ۽ حلوي سوين کائڻ واري عيد چئي ويئي،ٻي وري گوشت کائڻ واري اضحيٰ نالي واري بڻائي ويئي، جنهن ۾ مون مُلان لاءِ هر آسودو ماڻھو پنج ڪلو گوشت موڪليندو آھي،فرجون ڀرڻ بعد مون واري مُلياڻي گوشت سُڪائي رکندي آھي جيڪو سڄو سال کائيندا رهندا آھيون، باقي غريبن کي ٻه ٻوٽيون ٻُڪ ۾ ڏيئي ڊوڙائي ڪڍي ڇڏبو آهي. پر دين وٽ هي تصور هيوته  خبردار ڪوئي پنڻ وارو پيدا نه ڪبو، سڀ جون بنيادي ضرورتون دين جو نظام پوريون ڪندو.بقول اقبال،
ڪس نباشد در جهان محتاج ڪس،
نڪتئہ شرع مبين اين است وبس.
شريعت جو نڪتو هي آهي ته ڪوئي،ڪنهنجو محتاج بڻيل نه هجي.
آئون پنهنجي سنڌ جي ڳالهھ ڪندس جو تازي رپورٽ دنيا وارن ڏني آھي ته سنڌين منجھه 75 سيڪڙو ماڻھو غربت جي حد کان هيٺ ٿا گذارين. سو اهي ماڻھو عيد ڪهڙي ڪن؟ مجبورن سماج جي رسمن سان هلڻو ٿو پوي، ڪي پني پورائو ٿا ڪن ، جن کي پنئي ٽڪر نٿو ملي، سي آڪھ سوڌو آپگهات ٿا ڪن. ڀٽائيءَ جي دل مان درد ڀري دانهن نڪتي ۽ امير طبقي کي چيائين وڃو عيدون اوهين ڪيو. جاعمر تون مل عيد، سااسان سوءَ ورتي سومرا، ويئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد، سڪڻ ڪيم شهيد مارو ملڪ ملير جا. مون پنهنجي ڳالهه ٿو ڪيان ٽي پٽ اٿم ، ٻه سيٺين وٽ نوڪر بيٺل آهن تن کي وڳو وڳو مليو.هڪ کي مون وٺي ڏنو.چيائين ٻه هزار ڏينم ته سينڊل بوٽ وٺان، کيس چيم پئسا نه اٿم، ايندڙ عيد تي وٺجو ،پراڻي بوٽ کي گهليندو رهه، ناراض ٿي ويو، ماءُ کي منهنجي دانهن ڏنائين ته سمجهائينس، سو ڪيئن هي رسمون پوريون ڪجن. ٻئي پاسي ٻڌو سين اسانجو سياسي شهزادو لکين روپيا ڀاڙو ڀري لنڊن عيد ڪرڻ اسهي ويو آھي. جڏهن ته دين جي نظام منجهھ چيو ويو وقدر فيها اڪواتها سواء للسائلين ماڻھن منجھ ڪُوتَ گذر جو سامان هڪ جيترو ڏيو.
چيائين هي سسٽم بڻايو جو دولت هرهڪ جي دروازي جو ڪڙو کڙڪائي پڇي ته ڇاکپي؟ ايئن نه ڪجو جو ” ڪي لا يڪون دولتََ بين الا غنياء منڪم  “  ملڪي خزانا آسودن اڳيان نار جي لوٽين جيان ڦرندا رهن. انڪري جيسيتائين سرمائيداراڻو نظام، جاگيرداري سسٽم،افسر شاهي جي عياشيت جنهن ۾ هڪ کان ٻاويهن تائين گريڊ ٺاهي هرهڪ جورتبو مقرر ڪيو ويو آھي. جڏھن ته بنيادي ضرورتون سڀني جون هڪ جهڙيون آهن، تعليم، صحت، گهر، ڳڀو ٽڪر سڀني کي هڪ جهڙو ملڻ گهرجي . ان ڪري عيد جو اصل مقصد تڏھن پورو ٿيندو جڏھن هرهڪ انسان کي هڪ جهڙيون خوشيون ملن، پو ءِ اميرن جيان غريب به روز عيد ڪندا رهن.شال اهڙيون عيدون غريبن جي  گهرن ۾ به اچن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو