Wednesday, July 6, 2016

وال پيپر ؛سنڌ: عيد مهانگائي۽ گرميءَ ۾ گذاري ويندي؟!

شبير سوڍڙو
سنڌ ۾ سخت کان سخت گير گرمي ويچارا مارئڙا عيد کي  ڀلا  ڪهڙي خوشي ڪري ملهائيندا، ان کان اڳ جو کين زندگيءَ جون هڙئي سهولتون ميسر ٿيڻ نه هجڻ باوجود به  هر خوشيءَ ۽ غمي ۾ مڙئي زندگي جو لڏو هلندو پيو اچي،  ميان صاحب جا ڪيترائي سنڌ، ٿيل ترقياتي يا اڻ ترقياتي ڪم يا امن امان شهرن ۾ بحال ڪرڻ ٿورو گهڻو هٿ ضرور آهي پر بجلي جي اڻهوند کي ايئن ٿا سمجهون ڄڻ سنڌ هن ملڪ جي  نقشي تي ئي ناهي، هرو ڀرو ڳوٺن ۽ شهرن مان هڪ ٻن يا ٽن باقيدارن جي ڪري سڄي شهر ۽ ڳوٺ ۽ ويڙهي جون تارون ڪٽرائي وفاقي وزير صاحب جنهن جا  حڪم نادري نروار ٿيل آهن ته ڪٽي ڇڏيو، مٽي ڇڏيو، ماري ڇڏيو پر بجلي هڪ  منٽ به ڪنهن کي نه ڏيو، صبحان الله ايئن ٿو لڳي هن ملڪ جا هڙئي ادارا ڄڻ ته کير سان ڌوتل پوتل آهن، رهي  آ  وڃي بجلي جنهن کي سڌارڻ لاءِ ئي هن اهي  قدم کنيا  آهن.
انهيءَ شير علي صاحب کي  هن ملڪ ۾ ڪابه نظر نه ٿي اچي صرف بجليءَ جي بحران کي سڌارڻ آهي، اهو شڪر آهي جو اها بجلي سندس ڳوٺ ۾ ڪو نه ٿي ٺهي نه ته ملڪ جي ٻين صوبن کي تاراجيءَ ۾ توري تڪي پوءِ ڏئي ها، خاص سنڌ کي  ته نپوڙي ڇڏيو اٿس، ان سان گڏ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ به کيس ڏيڻ گهرجي ها يا ته پاڻ ڪرپٽ نڪري ها يا مورڳي ئي سڄي ملڪ  کي پنهنجي ماڻهن هٿان ڪرپشن لاءِ کليل ڇوٽ ڏئي ها. خدا جا بندئو هرو ڀرو ننڍن صوبن جي نڙيءَ تي لت رکڻ ڪٿان جو رواج آهي، هڪ ماڻهو ٻين صوبن تي ڏمرجي بجلي بند ڪرايون ماڻهن کي تائي تپائي ڏئي ته پوءِ  انهن صوبن جي ماڻهن جو ڌيان ڪهڙي طرف ويندو، اڳ ئي ڏوهه ٿا ڏڪن، ملڪي حالتن ۾ چاڪائي نه آهي وري مٿان حڪمران ڌر جا وزير ڏمريل ته پوءِ عوام کي  ئي وچون رستو ڳولڻو پوندو ته ان کان اڳ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ووٽ ڪنهن کي ڏيڻو آهي. شايد ئي عيد جو پوءِ سوچڻ گهرجي،
پر عيد به ڪهڙي ٿيندي، غريب کي ته ويتر غريب ۽ امير کي امير بڻايو ويو آهي، اسان جو ڇا وڃي پاناما ليڪس ۽ ٻين محلن سان، اسان جو ڇا وڃي اهو رينگيٽ سالن کان ٻڌندا ٿا چون، اها سياسي راند عوام کي ڏيکاري يا سيکاري ڇا حاصل ڪرڻ ٿا چاهيو، سڀ خبر آهي ته ملڪ ڪرپشن سان مالا مال آهي، ڪي ڪرپشن ۾  ڦاٿل اهي به آزاد ٿي ويندا، جيڪي ٻاهر ڀڄي ويا اهي واپس اچڻا آهن، ان ڏينهن جنهن ڏينهن وري ڪو مشرف جهڙو اين آر او نازل ڪندو، اسان کي کي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان گهرجن، روزگار گهرجي، مهانگائي ، ڪرپشن کان صاف ملڪ کپي، تعليم صحت  گهرجي، روڊ رستا گهرجن. خوشين غمين ۾ سستو ٽرانسپورٽ گهرجي. رمضان جي شروعات کان وٺي غريبن جو ڳوٺن ڏانهن وڃڻ تائين مهانگائي ءَ کي آسان لڳايو ويو آهي، ڪنهن جو به شئي جو ”چيڪ  اينڊ بيلنس “ ناهي. جيتري ملڪ ۾ لاقانونيت آهي ان کان وڌيڪ  غربت ۽ مهانگائيءَ سڱ ڪڍيا آهن.
رهيو سوال اڄ جي سياسي ويڙهه جو اهو ڪو نئون نه آهي، ان سان ڪيئي مفاهمتون ٿينديون رهيون آهن ۽ ٿينديون، ان سان هن ملڪ جي غريب عوام جو پري جو واسطو نه آهي، ڏينهنون ڏينهن ٽي وي چينلن تي هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا  الزام مڙهيندڙ گارين تائين به پهچي ٿا  وڃن. اهو ملڪ جي يا عوام جي صحت لاءِ مضر آهي، اڄ يا سڀاڻي عيد جون خوشيون آهن، عوام لاءِ ڪو به رليف يا سستائي جو ذڪر فڪر اڳ کان ويندي هينئر جي حڪمرانن ۾ نه ڏٺو آهي ۽ نه ٻڌو آهي، بازارن ۾ مهانگائي جي ڀرمار لڳل آهي، گرمين سرگرمين سنڌ واسين جا ته روزا گذري ويا ۽ عيدون به گذري وينديون پر ڳالهيون وڃي رهنديون توهان جي ٽوپي ڊرامن جون انهن کي هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، خاص ڪري سنڌ کي پنهنجي حصو جو حساب ملڻ گهرجي.ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ سنڌ جو شايد مقدر بڻجي چڪو آهي، مهانگائي توڙي گرميءَ ۾ گذاري وينداسين پر مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌندي نظر ٿا اچن. ۽ اچي رهيا آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو