عبدالستار ايڌي نالو آهي، اعليٰ انساني قدرن جي رکوالي ڪندڙ اهڙي لازوال ڪردار جو، جنهن پنهنجي سموري حياتي انسان ذات جي خدمتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، گجرات مان سنڌ لڏي ايندڙ هن عظيم انسان، انساني خدمتن جي شروعات هڪ ننڍڙي ڊسپينسري سان ڪئي ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو ايڌي ايمبولينس جو نيٽ ورڪ وڇائي انساني خدمتن جو مضبوط نيٽ ورڪ جوڙي ڏکويل انسانن جي مسيحائي ڪندي زندگيءَ جا سمورا پل کين ارپي ڇڏيا. عبدالستار ايڌي هڪ، عهد، هڪ دور ۽ هڪ زماني جو نالو آهي، جنهن پنهنجي هڙان وڙان بي پهچ، لاچار، غريب، مسڪين ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ اڻ ٿڪ ڪوششون ڪندي گذاري. يتيم ۽ بي سهارا ٻارڙن کي ماءُ جي مامتا ۽ پيءُ جي شفقت سميت سندن اجهي، لٽي ۽ اٽي ڏيڻ جو انتظام ڪندي کين ذميوار شهري بنائڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت جو انتظام به ڪيو.
ملڪ ۾ ٻوڏون هجن، حادثا هجن، زلزلا هجن، دهشتگردي، بدامني، بم بلاسٽنگ هجي عبدالستار ايڌي ۽ ايڌي جا رضاڪار سدائين مهل ۽ موقعي تي حاضر نظر ايندا، عبدالستار ايڌي سڄي ملڪ جي هاءِ ويز تي ايڌي هيلپ ايمبولينس اسٽيشن قائم ڪري پيش ايندڙ حادثاتي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري انتظامن سان هاءِ الرٽ رهندڙ شخص هئو، جنهنجي چهري مٿان اڇي سونهاري کيس فرشتي جهڙو روپ ڏيندي هئي، کارا در کان، پارا چنار تائين، سوات کان کاروڇاڻ تائين، امر ڪوٽ کان چمن بارڊر تائين هر موقعي مهل تي عبدالستار ايڌي پنهنجي اعليٰ انساني خدمتن واري عظيم جذبي سان سدائين موجود نظر ايندو هيو.
گمنام ٻارڙن کي نالو ڏيڻ، بي سهارا عورتن جي حفاظت ڪرڻ، غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي سهائتا ڪرڻ، ڏکويل ماڻهن جي مسيحائي ڪرڻ سندس اعليٰ انساني ڳڻ رهيا آهن، جنهن کي ايندڙ زمانو سدائين ياد ڪندو ۽ مان ڏيندو رهندو، عبدالستار ايڌي هڪ اعتماد جو نالو رهيو آهي، هن جڏهن ماڻهن کي مدد لاءِ چيو ماڻهن مٿس اعتماد ڪيو ۽ دل کولي سندس مالي مدد ڪئي جنهن جي موٽ ۾ ايڌي صاحب انساني خدمتون جاري رکيون.
افسوس! هن فرشتي اهڙي سماج ۾ انساني خدمتن جو بنياد وڌو جتي چڱو ڪم ڪندڙ جي ڪم مان ڪيڙا ڪڍڻ جو رواج عروج تي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو انساني خدمت ڪرڻ دوران ايڌي صاحب کي ڪيترين ئي اذيتن مان گذرڻو پيو، دهشتگردن ايڌي صاحب جي ايمبولينسن کي به بخش نه ڪيو، کيس موت جي ڌمڪين واري اذيت مان به گذرڻو پيو پر سندس مستقل مزاجي، جذبي ۽ همت کي سلام آهي ته هن ڪنهن به دهشتگرد جي ڌمڪيءَ کان ڊڄي، يتيمن ۽ بيواهن جي وارثيءَ تان هٿ نه کنيو اهو ئي سبب آهي جو اڄ انسانيت جي ويرين ۽ دهشتگردن جا ڪنڌ شرم کان جهڪيل آهن، جڏهن ته ايڌي صاحب ويندي ويندي به مرڪندو ويو، شان ۽ شوڪت سان موڪلاڻي ايڌي صاحب لاءِ وڏو اعزاز آهي.
سندس جنازي نماز ۾ ملڪ جي صدر، سينيٽ جي چيئرمين، آرمي چيف، سنڌ جي گورنر، وزير اعليٰ ۽ سنڌ ڪابينا، پنجاب جي وزير اعليٰ، سول ۽ ملٽري جي اعليٰ آفيسرن ۽ سندس لکين چاهيندڙن کيس آلين اکين سان الوداع ڪيو.
عبدالستار ايڌي جنهن کي ملڪ جي وزير اعظم نشان امتياز جو اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ بحري ۽ هوائي فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ رينجرز جي اعليٰ اختيارين کيس 19 توپن جي سلامي ڏئي مڪمل فوجي اعزاز سان سندس وصيت مطابق ايڌي وليج سهراب ڳوٺ ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو.
عبدالستار ايڌيءَ جي لاڏاڻي تي ملڪ ۾ سوڳ واري صورتحال آهي، هر اک آلي آهي ۽ ماڻهو ڏک ۽ پيڙا ۾ ورتل آهي.
هي فرشتي صفت انسان 60 سالن جي انساني خدمت جي تاريخ جي پڄاڻي ڪندي اسان کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو آهي، پوئتي رهجي ويون آهن، سندس يادون ۽ انساني خدمتن جا قصا ۽ داستان. عبدالستار ايڌي ويندي ويندي به پنهنجون اهي اکيون به دان ڪري ويو آهي جن اکين سان هن ملڪ جي ماڻهن ۾ مرڪون پسڻ جي خواهش ڪئي هئي. ايڌي صاحب دنيا جي تمام وڏن ماڻهن مان هڪ هئو، مدر ٽريسا، مهاتما گانڌي، مارٽن لوٿر ڪنگ، نيلسن منڊيلا، جهڙن انساني آزادي ۽ خوشحاليءَ لاءِ سوچيندڙ انهن ذهنن مان هڪ اعليٰ ذهن هئو جنهن پنهنجي هڙان وڙان ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ ڪاميابيون ماڻيون. ايڌي صاحب جي خدمتن جو سلسلو کٽڻ جو ناهي، ايڌي صاحب جا جوڙيل ادارا سماجي ۽ انساني خدمتن لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري ۽ ساري رکڻ جون پڌرايون ڪندا رهيا آهن، عبدالستار ايڌي صاحب پنهنجي خدمتن جي حوالي سدائين ملڪ جي ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهندو، اڄ اسان ملڪ جي هڪ وڏي سماجي خدمتگار جي وڇوڙي تي کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيندي هنن لفظن جو وري ورجاءُ ڪيون ٿا، اعليٰ انساني خدمتن جو هڪ روشن باب پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آهي.
1928 ۾ گجرات ۾ جنم وٺندڙ عبدالستار ايڌي ورهاڱي ويل ڪراچيءَ ۾ اچي انساني خدمتن جو سلسلو شروع ڪيو، کارادر کان شروع ٿيندڙ هي عوامي خدمتون، وڌي سڄي ملڪ جي ماڻهن جي مسيحائي ڪرڻ لڳيون، ايڌي صاحب پنهنجي مزاج ۾ نهايت ئي سادگي پسند گهٽ ڳالهائڻو ۽ گهڻو ڪم ڪندڙ ۽ گهڻي ڪم ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪندڙ اعليٰ ذهانت جو مالڪ هيو.
حڪيم محمد سعيد، ڊاڪٽر اديب رضوي، رمضان ڇپيا به سماجي خدمتن واري شعبي ۾ نهايت ئي ناميارا نالا رهيا آهن، پر ايڌي صاحب جو نالو انهن کان نرالو ۽ نمايان رهيو آهي.
انساني عظمتن جو رکوال ۽ انساني خدمتن جي حوالي سان نيڪيون ڪمائيندڙ هي نيڪ انسان پنهنجي سڄي ڄمار ڏکويل انسانن جي مک تي مرڪون سجائڻ جون ڪوششون ڪندي اسان کان موڪلائي ويو آهي، اِنا ِللهِ وَ اِنا اِليههِ راجِعونَ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو