ڊاڪٽر فهميده حسين
عيد ۽ ان جي خوشين جو تعلق عمر سان ڪيترو آهي. اهو زندگيءَ جي هن پڇاڙڪي دور ۾ اچي وڌيڪ شدت سان محسوس ٿيڻ لڳو آهي. عيد جو تصور ٻارن وٽ بنهه مختلف هوندو آهي، هوند وارا مائٽ هجن يا اڻهوند وارا، ٻار وٽ عيد جو تصور نوان ڪپڙا، نئون بوٽ، عيد جي خرچي هجي ٿو، ها پر ڪن ٻارن کي اهي ميسر ٿيندا آهن ته ڪن کي صرف محروميون پلئه پونديون آهن. اڄ منهنجو ارادو هرگز اهو ڪونهي ته آئون غريبن جي حقن بابت لکان يا غريب ٻارن کي پنهنجي عيد وارين خوشين ۾ شامل ڪرڻ بابت ڪو ليڪچر ڏيان ۽ پڙهندڙن جي عيد جو مزو خراب ڪريان… انهن غريب ٻارن ته سڀني کي رت ڪيو آهي، سگنل تي گاڏي بيهي ٿي ته ننڍڙن ابهم ٻارن کي ڪڇ تي کڻي بيٺل گرگليون، يا باگڙياڻيون ۽ ساڻن گڏ نڪ مان سنگهه وهائيندڙ ڪنا گدلا ٻار، نه صرف گاڏيءَ کي ورايو وڃن پر شيشن کي ٺونگا ۽ ڌڪ هڻي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ته اندر ويٺل صاحب ۽ بيگم صاحبائون تپي باهه ٿا ٿي وڃن.
پر آئون انهن ٻارن بابت به ڪانه لکندس ڇو ته اهي نيچ ذات دراوڙ-گرگلا ۽ باگڙي ڪو مسلمان ٿورئي آهن جو عيد ملهائين ۽ نوان ڪپڙا ۽ نوان بوٽ پائين ۽ کين عيد جي خرچي ڏجي. نه بلڪل به نه، اصل ثواب ته مسلمان فقير کي خيرات ذڪوات ڏيڻ سان ٿيندو آهي!! پر مسلمان فقيرن ۽ فقيراڻين سان وري ڪهڙا صاف سٿرا ٻار هوندا آهن، انهن مان ڪي گونگا، ٻوڙا، ڪي منڊڪائيندڙ انڌڙا اپاهچ ٻار گاڏڙن تي رڙهندي پنڻ مهل ذري گهٽ گاڏيءَ جي هيٺان اچڻ وارا هوندا آهن ۽ پوءِ ڪڏهن ڊرائيور ته ڪڏهن ڪو صاحب کين ڀونڊو ڏئي چوندو آهي ”نڀاڳا مرڻو اٿئي ته ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي مر، اسان کي ڇو ٿو ڏچي ۾ وجهين“ ۽ پوءِ پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن ته انهن کي فقير مافيا ۽ گداگري ڪرائيندڙ ايجنٽن اچي سگنلن، بازارن ۽ ٻين اهم جاين تي ويهاريو آهي، اهي اصل مستحق ته ڪونهن جو انهن کي صدقو، خيرات يا زڪوات ڏجي، پنڻ جي پيشي جي همت شڪني ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن کي خيرات نه ڏجي، سو سائين اهي ”موٿاج“ ۽ ”پيشيور اپاهج“ ٻار به عيد جي نئين جوڙي جا مستحق ناهن، انهن جو عيد جي خوشين تي ڪهڙو حق! ڀلا پوءِ آخر ڪهڙن غريب ٻارن کي عيد ڪرائجي، اوڙي پاڙي ۾ ڪا غريبن جي بستي ڳولجي، جتي ٻارن جا ولر گهٽين ۾ پيا ڌڪا کائيندا آهن، هڪ هڪ ماڻهوءَ کي ڏهه ڏهه ٻار آهن، ڀلا جي سندن مالي حالت سٺي ناهي ته پوءِ هيترا سارا ٻار ڇو ٿا پيدا ڪن، پالي نٿا سگهن ته ڄڻين ڇو ٿا؟. ”خدا ان قوم جي حالت ڪونه سڌاريندو آهي جنهن کي خود پاڻ پنهنجي حالت سڌارڻ جو اونو نه هجي“. انهن کي پاڻ پنهنجن ٻارن جي مستقبل جو فڪر ڪونهي ته اسان ڪو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ سو اهي ڪچري جي ڪونڊين مان کاڌو ڳولي کائڻ وارا ۽ ڪاغذ ۽ ڪچرو چونڊي ڪٻاڙين کي وڪڻڻ وارا ٻار به اسان جي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ جهڙا ڪونه رهيا ته پوءِ بهتر آهي ته ماڻهو پنهنجن ٻارن کي ئي نوان ڪپڙا، نوان جوتا ۽ چوڙيون وٺي ڏي ۽ پئسا بچائي انهن کي عيد جي خرچي ڏي. پر مار پويس مهانگائي ايڏي ٿي وئي آهي جو ٻارن جي فرمائش پوري ڪرڻ به مشڪل آهي، مس مس روئي پٽي، ريڙهه پيڙهه ۽ بارگيننگ ڪري اگهه گهٽائي مڊل ڪلاس جو ماڻهو ٻارن کي اهو سڀ ڪجهه مهيا ڪري به ڏي ته اهي خرچيءَ تي اڙجيو وڃن جنهن کي اڄ ڪلهه ”عيدي“ ٿا چون. اسين ننڍا هوندا هئاسين ته چانڊيءَ جو رپيو يا ڪجهه وڏي ٿيڻ تي پنجين ڏهين رپئي جا ڪڙڪ نوٽ ملندا هئا ته ڏاڍي فخر سان ننڍڙي چمڪيلي ٻٽونءَ ۾ وجهي پيا ٽڙندا ۽ ٽلندا هئاسين، پوءِ ڪو وقت آيو ته اسان پنهنجن ٻارن کي سئو سئو وارا ڪڙڪ نوٽ ڏنا ته اهي به خوش ٿي ويندا هئا پر اڄ ڪلهه هڪڙو ته هاڻي ڪڙڪ نوٽ ملن ئي ڪونه ٿا ٻيو ته هاڻوڪا ٻار پنج سئو ۽ هزار جي نوٽ ملڻ تي به پيا شڪليون ٺاهيندا ۽ اسان جهڙن مڊل ڪلاس جي مائٽن کي به غريب هئڻ جو احساس ڏياريندا. اسان کي مائٽن سيکاريو هو ته جيستائين ڪو به مٽ مائٽ يا دوست پاڻ خرچي نه ڏي، ان کان گهرڻي ناهي، پر هن دور ۾ ٻار ماءُ پيءُ کان خرچي وٺڻ کانپوءِ مامن، چاچن ۽ ٻين مائٽن کان گهري ٿا وٺن، اهي وري ان حساب سان خرچي ڏيندا جو موٽ ۾ سندن ٻارن کي به ته خرچي ملندي، پوءِ جنهن جا ٻار گهڻا اهو فائدي ۾. گهٽ ٻار ڄڻڻ وارو نقصان ۾. هتي وري ڳالهه ئي ابتي!
ماڻهن کان اهي حساب ڪتاب ٻڌي مون کي ته پنهنجي ننڍپڻ جي عيد ياد اچي ويندي آهي. مائٽ مٽ ته پري، پاڙي ۾ سيون يا کير کارڪون ڏيڻ ويندا هئاسين ته اهي به خوشيءَ سان تريءَ تي چانديءَ جو چمڪندڙ رپيو رکي ڇڏيندا هئا ۽ موت ۾ خالي ٿانو ڀري ڏيندا هئا. اڄ ڪلهه ته پاڙي ۾ اول ته ڪير ڪنهن کي ڪجهه موڪلي ڪونه، پر جي موڪلجي ته به ڊسپوزل (اڇلائڻ لائق) دٻن ۾ موڪلين ته متان اسان جو قيمتي ٿانءُ ئي نه رکي ڇڏين. اهو اسان جو شهري ڪلچر آهي يا اربن رواج!
ڳالهه پئي ڪيم ٻارن جي عيد جي، ٻار ته ٻار آهن، مذهبي مت ڀيد کان هٽي، اصل مستحق يا نقلي مستحق جي بحث کان پري رهي، سماج جي هر هڪ پرت، هر طبقي جي معصوم، گلڙن جهڙن ٻارن کي به عيد ملهائڻ جو حق هئڻ گهرجي، جيڪڏهن ايئن نه ڪبو ۽ صرف پنهنجن ٻارن لاءِ عيد جا ڪپڙا وٺبا ۽ عيد جي خرچي ڏبي ته هڪ طرف ته اهي ٻار محروميءَ جو شڪار ٿي وڏي هوندي سماج لاءِ دل ۾ نفرت ۽ ڌڪار پالي منفي ڪردار بڻجي سگهن ٿا. پر خود اسان جي پنهنجن ٻارن ۾ به اهڙو احساس اجاگر ڪونه ٿيندو جنهن ۾ ٻين ضرورتمند انسانن لاءِ دل ۾درد محسوس ڪن ۽ سماج جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندڙ فرد ٿي سگهن. ان ڪري اچو ته پنهنجن ٻارن جي سهڻي تربيت جي خيال کان ئي سهي، ڪنهن هڪ غريب ٻار کي عيد جو وڳو ۽ نئون بوٽ وٺي ڏيون ته گڏوگڏ انهيءَ ٻار جي دل ۾ به سختيءَ بدران نرمي پيدا ٿئي ۽ محروميءَ جو احساس منجهس ڪنهن به قسم جي ناڪاري جذبي پيدا ڪرڻ جو باعث نه ٿئي. اچو ته سنڌ جي سمورن ٻارن کي بنا ڪنهن مت ڀيد جي عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪريون ۽ عيد جون سيون ۽ کير کارڪون پاڙي جي اميرن بدران غريبن جي بستيءَ ۾ موڪليون ته جيئن اهي به عيد ڏينهن وات مٺو ڪري سگهن.
عيد جي ڏينهن منهنجي هڪ ڪالم ۾ به ليڪچر؟ ان توهان جي وات جو ذائقو خراب ڪيو هجي ته ان لاءِ مون کي معاف ڪجو. اصل ۾ عادت کان مجبور آهيان.
زندگيءَ جي هن دور ۾ عيد جو ڏينهن ته ڇا هڪ رات اڳ کان ئي دل جي عجيب حالت هوندي آهي، هڪ طرف اها خوشي هوندي آهي ته پنهنجا ويجها ته ويجها پر پري رهندڙ ٻار پنهنجن ٻارن ٻچن سان ناناڻي ڏاڏاڻي ايندا جن لاءِ رات جو ئي چنڊ ڏسڻ سان تياريون شروع ٿي وينديون آهن. کارڪون ڀڄائي رکبيون، کير بادامن پستن سان کير ڪاڙهي رکبو، سيون پيهون تيار ڪري رکبا ۽ پوءِ دير دير سان اهي مٺا طعام تيار ڪري ٿڌي ٿيڻ لاءِ فرج ۾ رکبا ته جيئن صبح جو ٻارن ۽ انهن جي ٻارن کي کارائي اندر ٺارجي. پر الائجي ڇو اهي تياريون ڪندي اکين اڳيان امان ۽ بابا جون صورتون پيون ڦرنديون آهن، امان گذاري وئي ته اسين سڀ ننڍا هوندا هئاسين ته بابا اهي تياريون ڪندو هو ۽ ڀڄايل کارڪون ۽ بادام پستا ڪٽڻ لاءِ اسان کي چوندو هو ۽ اسين انهن کي ڪٽيندي اڌ ته اڳواٽ پاڻ کائي وينديون سين.
امان هوندي هئي ته چوندي هئي، دڙڪا ڏيندي هئي پر بابا ڪجهه ڪونه چوندو هو ۽ پيڪٽ مان ٻيا بادام ڪڍي ڪاتر ڪرڻ لاءِ رکندو هو پر سندس اکين جي آلاڻ ڏسي اسين به اداس ٿي ويندا هئاسين. رات جو امان، بابا ۽ سڀني ڀائرن جي عيد جي ڪپڙن جي سٿڻن ۾ اڳٺ وجهي دروازن جي تاڪن تي ٽنگي ڇڏيندي هئي، جيڪو امان کان پوءِ بابا ۽ اسان گڏجي ڪندا هئاسين (پر هاڻي اسان جا ٻار دروازن جي تاڪن تي ڪپڙا ٽنگڻ کي اولڊ فيشن ٿا چون) عيد ته ٻارن جي ئي هوندي آهي ۽ اسين ڇوڪريون به صبح جو تيار ٿي پاڙي جي ساهيڙين سان لش لش ڪندا وتندا هئاسين. ۽ ڀائر دوستن سان من مستيون ڪندا هئا. عيد ايئن ملهائبي هئي اهي سڀئي منظر چنڊ رات کان اکين کي پوسرائي، من کي اداس ڪريو ڇڏين ۽ يادگيريون گهر ۾ ٻارن جي گوڙ ۾ به ننڍپڻ جي گهٽين ۾ هيڪلي هئڻ جو احساس پيدا ڪريو ڇڏين. عيد جو سڄو ڏينهن ٻارن ۾ مصروف هوندي به دل ڄڻ ته واندي واندي ڪجهه ڳولي رهي هجي، پنهنجن ٻچن جي وچ ۾ هوندي به پنهنجا اباڻا ساري پئي ڏکوئبي آهي… ان ڪري آئون سمجهان ٿي ته عيد ته صرف ٻارن جي هوندي آهي، هر قسم جي فڪر، ڳڻتيءَ ۽ ياد کان آزاد ڀرپور خوشيءَ جو ڏينهن!
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو