Friday, August 19, 2016

انساني سماجي ڏوهه


انسان هڪ سماجي حيوان آهي، جيڪڏهن سماجي ڪڍي ڇڏجي ته صرف حيوان بچندو. اهو حيوان جنهن کي صرف بک، اڃ، ننڊ ۽ جنسي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ جو فڪر هجي، پر جيئن ته انسان حيوانيت جي دور مان نڪري هڪ سماجي ماحول ۾ آيو، جنهن ۾ هن گڏ رهڻ سکيو ۽ گڏ رهندي سماجي ادارن جي ضرورت محسوس ڪندي هڪ ٻئي سان امن سان رهڻ ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سڀني قسمن ۽ ضرورتن لاءِ اصول ۽ قانون واضح ڪيا. هڪ ٻئي جي مدد آهر سماج جڙيو ۽ قانون جي دائري ۾ هر ڪو هڪ ٻئي سان گڏجي سڏجي پنهنجي زندگيءَ جو وهنوار سهڻي نموني هلائڻ لڳو. جتي انسان سماجي ماحول ٺاهيو، اُتي نيڪي ۽ بدي جو معيار سمجهي انهيءَ مسئلن تي سوچي اصولي ادارا وجود ۾ آندا ته هر ڪو امن، سُک ۽ شانتي سان پنهنجي زندگي گذاري ۽ ٻين کي پڻ سُک سان زندگي گذارڻ ڏي. انسان پنهنجي ترقي ۽ سڌاري لاءِ سماجي ادارا ٺاهيا، جيئن گهر، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ سماج سڌارڪ ادارا، پنهنجي ۽ سماجي حفاظت لاءِ قانوني ادارا جوڙيا مثلن: ڪورٽون ۽ حفاظتي ادارا جهڙوڪ فوج، پوليس. انسان ٽنهي ادارن عدليه، انتظاميه ۽ فوج جي مدد سان ملڪي وهنوار سٺي نموني هلائڻ لاءِ اصولن جي پاسداري ڪئي ۽ ڪندو پيو اچي.
مٿين سڄي وضاحت جو مطلب اهو آهي ته جڏهن انسان پنهنجي حفاظت ۽ قانوني طور زندگي گذارڻ لاءِ اهو سڄو ماحول ٺاهيو ته اُتي ڪجهه اهڙا واقعا ڏسي پڙهي ٻُڌي خيال اچي ٿو ته نه ٻيلي انسان اڃا پنهنجي حيواني جبلت تي مُنجهيو پيو آهي. انصاف، اخلاق ۽ فضيلت جي انساني ماحول ۾ اهڙا واقعا به ٿين ٿا جو اسان چئون ٿا ته فلاڻو ماڻهو ته صفا جانور ۽ حيوان آهي. حيوان ۽ وحشي شايد هڪ لفظ آهي پر جانور جو مثال ڏيڻ زيادتي چئبي، ڇو ته جانور وحشي ناهي هوندو. اسان جيڪي پنهنجي آسپاس جانور ڏسون ٿا اهي ته وحشي هرگز نه آهن پر جيڪڏهن ڪتو چڪ هڻي انسان کي نقصان پهچائي ته ان کي اسان ڇتو چئون ٿا. وحشي چاهي جانور هجي يا انسان، اسان جي ذهن ۾ جهنگ جو تصور اچي وڃي ٿو. ڇو ته جهنگ ۾ انساني سماجي ماحول وارا اصول ۽ قاعده ناهن. اهو صرف جهنگ آهي اُتي وڃڻ کان پهرين پنهنجي جان جي حفاظت لاءِ بندوق، تلوار، چاقو، يا لٺ کڻي وڃڻي پوندي آهي، قانون جا ڪتاب کڻي نه وڃبا. صرف پنهنجي جان جي حفاظت ڪرڻي پوندي ۽ هوشياري ڪرڻي پوندي، پر سماجي ماحول ۾ اسان کي خوف نه هجي ٿو، ڇوته اُتي اسان وٽ ادارا آهن، سکيا آهي اولاد کي ڄمندي ئي اصول سيکاريا وڃن ٿا، ٿورو وڏو ٿئي ٿو ته سندس واسطو پاڙي وارن سان پئي ٿو ۽ اڳتي هلي سماجي ادارن ۾ هو اصول، سکيا، قاعده ۽ قانون سکي ٿو ته جيئن پنهنجي زندگي ۾ اخلاق، فضيلت ۽ حيا شرم سان گڏ زندگي جا معيار ۽ اصول، سٺائي، خرابي، عقل ۽ هوشياري سکي نه صرف پنهنجي زندگي سڌاري سنواري بلڪه سماج جو هڪ ڪارآمد شهري پڻ ثابت ٿي سماج کي هڪ سٺي ۽ صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجي قابليت ثابت ڪري. سماج ۾ خرابي تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن سماجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سماج جي فائدي، ترقي بدران سندن ذاتي مفادن کي پورو ڪرڻ ۾ رڌل هجن. يقينن اها ڳالهه ڏسجي ته سماج ۾ فرد جي پالنا، پرورش، تعليم ۽ روزگار لاءِ هلندڙ ادارن مان ڪيترو فائدو ورتو پيو وڃي. سماج ۾ ٿيندڙ برائين ۽ ڀلائين جو ذميدار ادارو ئي هوندو، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت خاندان يعني ڪٽنب جي اداري جي آهي، جيڪي فرد کي سٺي پالنا ۽ زندگيءَ جا اصول اٿندي ويهندي سيکارين ٿا ته ڇا سماجي برائين جو ذميوار اهو فرد آهي؟ جنهن جي صحيح پالنا نه ٿئي. چوندا آهن ڀلن مان ڀلا ۽ ڍلن مان ڀلا. ڇو ته هڪ فرد جي سٺي ۽ خراب ٿيڻ جو دارومدار ۽ ذميوار سڀ اهي سماجي ادارا ٿين ٿا. ڪو انسان ڪيتري به ڀلي خاندان ۾ پيدا ٿئي سندس پرورش بهترين هجي پر اڳتي هلي سندس ڪرت ۽ ڪمن کي سماجي ادارا پڻ متاثر ڪن ٿا ۽ ڪردار سازي جي عمل کي سٺو يا متاثر ڪن ٿا. سماجي پرورش فرد جي فهم و فراست کي وڌائي ٿي ۽ ڪنهن به سماج جي ترقي جو دارومدار فردن جي عقل، دانشمندي ۽ فهم وفراست تي پڻ هجي ٿو. سماج جو عروج، زوال، استحڪام، فردن جي سڌريل اجتماعي زندگي تي منحصر آهي، جنهن ۾ اخلاقيات جو وڏو عمل دخل آهي. اخلاقيات سٺي سماج جي پهرين سِر ۽ انسانيت آهي. اها اخلاقيات سماج ۾ موجود برائين جهڙوڪ چوري، ڌاڙي، قتل و خونريزي، غيبت، بدگوئي، ڪينو، حسد، ڪوڙ، بهتان، حق تلفي، تڪبر، ظلم و ستم، بدسلوڪي ۽ بي رحمي، فريب ۽ ڌوکي جي سخت مذمت ڪري ٿي ۽ انهيءَ سڀني ڪڌن ڪمن، رسمن ۽ غلط رجحانن کي غلط سمجهي انهن کان منع ڪري ٿي. مذهب ۾ ڏنل اخلاقيات موجب بهترين زندگي گذارڻ جا سڀ اصول هڪ انسان کي سماجي اخلاقي زندگيءَ ۾ بهترين عمل ڪرڻ جا سڀ رستا ۽ ڏس ڏين ٿا. روزمره زندگي ۾ اهي اصول هڪ امن پسند سماج لاءِ ضروري آهن، جنهن سان سماج ۾ عدل و انصاف، محبت ۽ شفقت، احترام، رواداري و برداشت، اخوت ۽ همدردي پيدا ٿي وڌي ويجهي ٿي. پهريون مذهب انسانيت آهي، جيڪڏهن فرد صحيح انسان نه بڻجندو ته هو سماج لاءِ هڪ اڻٽر ۽ ڪڏهن به نه سڌرندڙ ۽ ڀرجندڙ ناسور پيدا ٿيندو ۽ سماج ان جي رويي کان متاثر ٿيندو رهندو ۽ انڌوناڪ واقعا پيدا ٿيندا رهندا، جيڪي سماج جي هر اداري کي متاثر ڪندا رهندا. اسان جي اوڙي پاڙي، اسڪول، ادارن ۽ اخبارن ۾ اهڙا واقعا ڏسجن ۽ پسجن ٿا جو دل دانهن ڪري ٿي ته مار هڪ انسان ٻئي انسان تي اهو ظلم ڪيئن ڪري سگهي ٿو، جتي فضيلت ۾ رهندڙ مخلص ماڻهو آهن، اُتي هر وقت تاڪ ۾ رهندڙ ڪرمنل ذهن پڻ آهن، جيڪي ذاتي مفادن خاطر ماحول کي متاثر ڪن ٿا ۽ سندن ڏوهي ذهن فردن کي نقصان پهچائي ٿو. اهي ڪڏهن قانون جي گرفت ۾ اچن ٿا، ڪڏهن صاف بچي وڃن ٿا. ڏوهه، گناهه، ڏاڍ، زيادتي، چوري، ٺڳي، غيرت وارا قتل ۽ عورتن چاهي ٻارن سان جنسي ڏاڍائي، اهي ڪُڌا ڪم ۽ عمل ڏسي، ٻڌي ۽ پڙهي انسان جي خراب جبلت جو اندازو ٿئي ٿو ۽ ڏک ٿئي ٿو ته اسان جي پڙهيل لکيل سماج ۾ جتي قانون آهي، پوءِ به اهڙا انڌوناڪ واقعا ڇو ٿي رهيا آهن، ڇا اهي ڏوهي قانون کان مٿانهان آهن يا قانون ڪمزور آهي. جيڪڏهن ڏوهاري کي وقت تي سزا اچي ته هوند اهي ڏوهه گهٽ ٿين، ڏوهاري هميشه پنهنجي عمل کي صحيح سمجهي ڏوهه ڪري ٿو ۽ جڏهن کيس اها پڪ هجي ٿي ته هو بچي ويندو ته اڃا وڌيڪ ڏوهي بڻجي پنهنجو جهنگلي قانون هلائي ٿو. انهيءَ صورت ۾ رياست جو اولين فرض فرد جي حفاظت ۽ انهن ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ آهي جيئن سماج ۾ رهندڙ فرد اصولن موجب زندگي گذارين ۽ بنا ڪنهن نقصان جي رياستي ادارن مان فائدو وٺي ۽ سٺا فرد ٺهي سماج جي خمت ڪن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺي قوم جو نالو سٺن لفظن ۾ روشن ڪن.
 (روزاني عبرت) 
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو