Sunday, August 21, 2016

آدمشماري جا فائدا ۽ نقصان


دنيا ۾ جڏهن ماڻهن جو تعداد گهٽ هو ۽ قدرت جي طرفان گهڻا وسيلا دستياب هئا ته ماڻهو آساني سان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندا هئا، جڏهن آهستي آهستي ماڻهو وڌي ويا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ماڻهن جو تعداد وڌي ويو ته مسئلا پيدا ٿيا، انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ اهڙي منصوبابندي جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، جنهن سان اهڙي حڪمت عملي طئي ڪجي جو ماڻهن جي وڌندڙ آبادي جي ڪري جيڪي مسئلا پيدا ٿين ٿا، اُهي حل ٿي سگهن، تنهن ڪري ملڪ ۾ ماڻهن جي ڳڻپ يا آدمشماري شروع ڪئي وئي.
دنيا ۾ آدمشماري ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ (Defecto) ۽ ٻيو (Dejure)، ڊي فيڪٽو طريقي سان آدمشماري صرف ترڪي ۾ ڪئي ويندي آهي. هن طريقي سان سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لڳائي هڪ ئي ڏينهن ۾ آدمشماري ڪئي ويندي آهي، جيڪو ماڻهو جتي هوندو آهي اُتي ڳڻيو ويندو آهي، جيڪو گهر ۾ هوندو آهي يا هوٽل ۾ هوندو آهي يا رستي ۾ هوندو آهي يا ريل ۾ هوندو آهي، اُنهي کي اُتي ڳڻيو ويندو آهي. هن طريقي سان ڪوبه ماڻهو ڳڻپ کان نه رهندو آهي، پر هي طريقو صرف هڪ ملڪ ترڪي ۾ رائج آهي. هن طريقي ۾ تمام گهڻن ورڪرن جي ضرورت هوندي آهي. اُن ڪري دنيا جي ٻين سڀني ملڪن ۾ Dejure طريقي سان آدمشماري ڪئي ويندي آهي. هن طريقي سان آدمشماري کاتو ٻن مرحلن ۾ آدمشماري ڪرائيندو آهي. پهرئين مرحلي ۾ گهر شماري ٿيندي آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ آدمشماري ٿيندي آهي. هن طريقي ۾ آدمشماري جو مقرر ماڻهو گهر گهر پهچندو آهي ۽ گهر ڀاتين جا تفصيل وٺندو آهي. سڄي ملڪ کي بلاڪن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي، هر بلاڪ ۾ ٻه سؤ کان ٻه سؤ پنجاهه گهر ٿيندا آهن.
پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ ڪُل پنج دفعا آدمشماري ٿي آهي، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
سال ماڻهن جو تعداد
1951 33740000
1961 42880001
1972 65309000
1981 84254000
1998 132352000
آصف باجوا جيڪو هن وقت پاڪستان بيورو شماريات جو سربراهه آهي، اُنهي تازو هڪ بيان ڏنو آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ ڪُل 19 ڪروڙ 60 لک ماڻهو رهن ٿا. 1998ع جي آدمشماري مطابق پاڪستان ۾ هڪ ڪلو ميٽر ۾ 166 ماڻهو رهندا هئا، جڏهن ته سنڌ ۾ آبادي جو وڌيڪ دٻاءُ آهي، سنڌ ۾ هڪ ڪلو ميٽر ۾ 216 ماڻهو رهن ٿا. پاڪستان ۾ سراسري طور پڙهيل لکيل ماڻهن جو 43.92 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 45.29 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن.
بدقسمتي سان 1998ع کان هن وقت تائين 18 سال ٿي ويا آهن، پر پاڪستان ۾ آدمشماري نه ٿي سگهي آهي. ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ۽ ٻين ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ آدمشماري تمام ضروري آهي. آدمشماري جي اهميت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته آدمشماري جي انگ اکرن کي سامهون رکي ملڪ جي لاءِ منصوبابندي ڪئي ويندي آهي. آدمشماري جي مطابق ئي ملڪ جي مختلف صوبن، ضلعن، تعلقن، ٽائون ڪميٽين، يونين ڪائونسلن کي مختلف ڪمن لاءِ فنڊ ڏنا ويندا آهن، جن ۾ روڊ رستا، بجلي، پيئڻ جو پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال جو سسٽم، اسپتالن، دوائن جي سپلاءِ، خوراڪ ۽ ٻين ڪمن لاءِ رقمون رکيون وينديون آهن. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون ٺهنديون آهن، ٽائون ڪميٽيون ۽ ميونسپل ڪميٽيون ٺهنديون آهن، نوڪرين جو تعداد مقرر ٿيندو آهي، مطلب ته سڀني ڪمن جي ورهاست ۽ منصوبابندي آدمشماري جي انگ اکرن مطابق ٿيندي آهي. 18 سال تمام وڏو عرصو آهي، اُن ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي ويون آهن، جيڪڏهن آدمشماري ٿئي ته ڪجهه ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو تعداد وڌندو، ڪي نيون ميونسپل ڪميٽيون ٺهنديون، ڪي نيون ٽائون ڪميٽيون ٺهنديون، ڪجهه نيون يونين ڪائونسلون ٺهنديون.
سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ شهرن ۾ گهڻي واڌ ويجهه ٿي آهي، جنهن ڪري ڪئين مسئلا ٿيا آهن ۽ بيروزگاري به وڌي آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي نوان ضلعا ۽ تعلقا ٺهيا آهن، جنهن ڪري ماڻهو ڳوٺن کان شهرن خاص ڪري ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، جنهن ڪري اُنهن شهرن ۾ آبادي جو دٻاءُ وڌيو ۽ مسئلا پيدا ٿيا آهن. روڊن، گهٽين ۽ نالين جا مسئلا ٿيا آهن، هر هنڌ روڊ ٽٽل آهن، گهٽيون ٽٽل آهن، روڊ ۽ گهٽيون گندي پاڻي سان ڀريل آهن، نالين جي ٺهڻ ۽ گندي پاڻي جا مسئلا آهن، هر جاءِ تي گندگي جا مسئلا آهن، اُهي سڀ مسئلا آدمشماري نه ٿيڻ جي ڪري ٿيا آهن. خبر ئي نه آهي ته ڪنهن علائقي ۾ ڪيترا ماڻهو آهن، پيئڻ جو ڪيترو پاڻي کپي ٿو، (Drainage system) ۾ ڪيترو پاڻي ايندو ۽ اُهو نيڪال ڪيئن ٿيندو، هن وقت ڪيترو پاڻي نيڪال ٿيڻ جي گنجائش آهي، گندي پاڻي ۾ ڪيترو واڌارو ٿيندو اِهو ڪيئن نيڪال ٿيندو، ڪيترا اضافي فنڊ کپندا، ماڻهو ڪيترا آهن، اسپتالون ڪيتريون هئڻ گهرجن، ڪيتريون دوائون کپنديون، ڪيترا اسپتالن ۾ بيڊ ۽ ٻيو ضروري سامان کپندو، اها خبر ئي ناهي. گهڻا ٻار آهن، جيڪي اسڪولي تعليم حاصل ڪرڻ جي عمر جا آهن. موجوده اسڪولن ۾ ڪيتري گنجائش آهي، هڪ ڪلاس روم ۾ ڪيترا ٻار هئڻ گهرجن، باقي ٻار ڪٿي پڙهندا، ڪا خبر ئي ڪانهي.
اُنهي کان علاوه ٻيا به گهڻائي مسئلا آهن، اُهي ڪيئن حل ٿيندا، اسان ته اڃا تائين 1998ع جي آدمشماري جي انگ اکرن تي عمل پيا ڪريون. 1998ع ۾ ته ڪُل آدمشماري هئي 13 ڪروڙ 23 لک، هاڻي اندازن 19 ڪروڙ 69 لک آهي يا شايد ان کان به وڌيڪ. اسان 13 ڪروڙ ماڻهن کي مدنظر رکي ڪم ڪري رهيا آهيون، ظاهر آهي مسئلا ته ٿيندا، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ به ٿيندي، پاڻي ڀرڻ لاءِ ماڻهن جون قطارون به لڳنديون، گندو پاڻي رستن تي به وهندو، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻئي ضروري اسٽاف ۽ گهربل سامان جي کوٽ به ٿيندي، اسڪولن جي به کوٽ ٿيندي. اسڪولن ۾ ضروري اسٽاف ۽ فرنيچر جي کوٽ به رهندي. ملڪ ۾ بجلي جي ڪمي به رهندي. ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن ايندڙ رستن جي ڪمي به ٿيندي ۽ مختلف علائقن جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن سان ملائڻ لاءِ پڪن رستن جي ضرورت به ٿيندي. زرعي شين کي مارڪن تائين پهچائڻ لاءِ مسئلا به ٿيندا، اُنهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ نئين آدمشماري ضروري آهي. ڪوشش ڪجي ته جلد کان جلد آدمشماري ٿئي. اها بلڪل شفاف ۽ ايمانداري سان ٿئي، ڪوبه ماڻهو اِنهي جي انگ اکرن تي آڱر نه کڻي ۽ اِن جا انگ اکر هرڪو ماڻهو خوشي سان قبول ڪري.
آدمشماري ڪرائي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو تعداد مقرر ڪجي. صوبن، ضلعن، شهرن، ميونسپل ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن کي آدمشماري مطابق حصي جا فنڊ مهيا ڪيا وڃن. مختلف ادارا ماڻهن جي تعداد کي نظر ۾ رکي اسڪيمون ٺاهين ته جيئن ماڻهن جون تڪليفون دور ٿين، سُک جو ساهه کڻن ۽ سُٺا شهري ثابت ٿين. اها به حقيقت آهي ته آدمشماري ڪرائڻ ۾ ڪافي رڪاوٽون آهن، ڪجهه سالن کان آدمشماري ۾ به رنڊڪون وڌيون پيون وڃن ۽ پنهنجا هٿ ٺوڪيا نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن لاءِ مقرر وقت تي يعني هر ڏهن سالن کانپوءِ آدمشماري نه پئي ٿي سگهي ۽ آدمشماري جهڙي قومي فرض لاءِ به فورسز جي ضرورت پوي ٿي، تازو ڪجهه ڏهاڙا اڳ آصف باجوا سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته آدمشماري لاءِ اسان کي هڪ لک 66 هزار آرمي جي ضرورت آهي، اُن کانسواءِ آدمشماري ممڪن ڪونهي.
نادرا اهڙو ادارو آهي، جيڪو گهڻو ايڪٽو (Active) آهي، اڄ ڪلهه هر حساس مسئلي ۾ ان کي شامل ڪيو ٿو وڃي ۽ اهو ادارو تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. منهنجي تجويز آهي ته آدمشماري ۾ به نادرا کان مدد ورتي وڃي، جن وٽ سمورو رڪارڊ سائنسي بنيادن تي موجود آهي. سنڌ ۾ ٻهراڙين ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا اڃا تائين شناختي ڪارڊ ٺهيا نه آهن، ايستائين جو ڪي ڇوڪريون ڄايون وڏيون ٿيون شاديون ٿي ويون، ٻار وڏا ٿي ويا، پر انهن جا شناختي ڪارڊ اڃا تائين نه ٺهيا، تجويز آهي ته شناختي ڪارڊ ٺهڻ ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ غير ضروري رڪاوٽون دور ڪري سڀني جا شناختي ڪارڊ ٺاهيا وڃن. نادرا جون آفيسون يونين ڪائونسل ليول تي ٺاهيون وڃن. ماڻهن کي پابند بڻايو وڃي ته جيئن ڪو ٻار ڄمي هفتي جي اندر ان جي داخلا ڪرائي وڃي، ڪو ماڻهو مري ته به هفتي جي اندر نادرا کي لکائڻ کپي، جڏهن اهو ڪم مڪمل ٿي وڃي ته نادرا جي مدد سان آدمشماري ڪرائي وڃي، اها هڪ مڪمل شفاف ۽ غير جانبدار آدمشماري هوندي، جنهن جو رڪارڊ سائنسي بنيادن تي موجود رهندو.
 (روزاني عبرت) 
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو