Friday, August 19, 2016

ساڍا تيرنهن ڪلاڪ!


سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽيون ڏينهن حيدرآباد جو طوفاني دورو ڪيو آهي. ساڍن تيرنهن ڪلاڪن جي ان دوري دوران هن سٽيزن ڪالوني، پٺاڻ ڪالوني، هيرآباد، ٽاور مارڪيٽ، تلڪ چاڙهي، الهداد چنڊ ڳوٺ، ٽيون نمبر تلاءُ، ٽنڊو آغا، انور ولاز، شيدي ڳوٺ، هيپي هومز، ڀٽائي ٽائون سميت مختلف علائقن جو چڪر به هنيو، اتي برسات ۽ گٽر لائين جو بيٺل پاڻي ڏسي لاڳاپيل کاتي جي چڱن مڙسن جو پٽڪو به ڌوڙ ڪيو. ڪامريڊ ڄام ساقي جي گهر وڃي سندس عيادت به ڪئي. سينئر وڪيل جهمٽ مل سان ملاقات به ڪئي. آبادگارن جي نمائندن سان ملاقات به ڪئي. اديبن شاعرن سان به مليو ته پريس ڪلب وڃي صحافين سان به ملاقات ڪيائين. ساڍن تيرنهن ڪلاڪن جي ان دوري ۾ وڏي وزير ايتريون سرگرميون ڪيون آهن، جنهن لاءِ عام طور تي حڪمران لڏي کي تيرنهن کان به وڌيڪ ڏينهن گهرجن ٿا. وڏي وزير جي هن ڦڙتي ۽ ڪم جي انداز کي ڏسي مون کي الائي ڇو وري وري نائڪ فلم وارو اهو هڪ ڏينهن وارو وڏو وزير انيل ڪپور ياد اچي رهيو آهي، جنهن به ان ئي انداز ۾ ڪم ڪيو هو. مون کي اها خبر ته ناهي ته سيد مراد علي شاهه اها فلم ڏٺي به آهي الائي نه بهرحال بلڪل ئي منفرد انداز ۾ ٺهيل ان فلم ذريعي اهو پيغام ڏنل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو آهي، همت آهي، لياقت ۽ اهليت آهي ته پوءِ هڪ ڏينهن به تمام گهڻو آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ ئي فرق ظاهر ڪري سگهجي ٿو. سيد مراد علي شاهه جنهن جذبي ۽ همت سان ميدان تي لٿو آهي، جيڪڏهن کيس مڪمل آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ٿو ته مان سمجهان ٿو  ٿورن ئي ڏينهن ۾ فرق سامهون اچي ويندو.
 ان حقيقت کان انڪار ڪونهي ته هر پاسي کان خرابيون تمام گهڻيون ۽ وقت صفا محدود آهي، پاڻ سولي سنڌي ۾ ائين چئون ته وقت گهٽ مقابلو سخت آهي...  سيد مراد علي شاهه وٽ ملائي سلائي سترنهن ارڙهن مهينن کان به گهٽ جو عرصو آهي ان کانپوءِ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ چونڊ نتيجن کانپوءِ نيون سياسي صف بنديون ٿيڻيون آهن، جنهن ۾ ڪنهن کي ڪهڙي جڳهه ملي ٿي اها نصيب ۽ ڪردار جي بازي آهي. جنهن جيڪو پوکيو هوندو لڻندو به اهو ئي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪم ڪرڻ واري ماڻهو لاءِ هڪ ڏينهن به وڏو آهي، جيئن پاڻ نائڪ فلم جو مثال ڏئي آياسين. هتي ته وري به سترهن ارڙهن مهينن جو عرصو آهي، جنهن ۾ مستقل مزاجي سان ۽ ڀرپور اسپرٽ سان ڪم ڪجي ته ڪافي ڪم ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪافي بهتري اچي سگهي ٿي. مون کي سيد مراد علي شاهه جي پارٽي قيادت جي مستقبل جي پلاننگ جو ته ڪو اندازو ڪونهي ته انهن ايندڙ وقت جي باري ۾ ڇا سوچيو آهي، جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ به سندن پارٽي کٽي اچي ٿي ته اهي نئين سيٽ اپ ۾ ڪنهن کي آڻڻ چاهيندا ۽ ڪنهن کي نه آڻڻ چاهيندا پر اهو اندازو ضرور آهي ته جيڪڏهن سيد مراد علي شاهه پنهنجي هن سال ڏيڍ واري اقتداري عرصي ۾ ڪجهه منفرد ڪري ڏيکاريو ۽ سنڌ جي عوام جي مسيحائي ڪئي ته عوام طرفان وري به سندس ئي ڊمانڊ ڪئي ويندي.
تاريخ جا ورق ورائبا ته ورهاڱي کانپوءِ بدقسمتي سان سنڌ اهڙو هڪڙو به حڪمراني وارو دور نه ڏٺو آهي، جنهن کي مثالي چئي سگهجي. هڪ کان هڪ  آيا جن دعوائون ته وڏيون ڪيون، ڏيکاءُ ته وڏا ڏنا پر عملي طور تي سڀني جو ڪردار هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ رهيو. هر ڪو پنهنجي  ڪرسي بچائڻ جي چڪر ۾ رهيو ۽ عوام سندس ترجيحن ۾ ئي شامل نه رهيو. سٺي حڪمراني عوام جو پراڻو خواب رهيو آهي جيڪڏهن سيد مراد علي شاهه 100 سيڪڙو نه صحيح،  50 سيڪڙو به نه صحيح، 25 سيڪڙو به نه صحيح رڳو 10 سيڪڙو ئي صحيح ماضي ۽ حال ۾ فرق ظاهر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته تڏهن به کيس هر پاسي کان واهه واهه واري موٽ ملندي. پاڻ جيڪا ورهاڱي کانپوءِ سنڌ کي بهتر حڪمراني نصيب نه ٿيڻ واري ڳالهه ڪري آيا آهيون، ان سموري عرصي ۾ وري به ٿورو گهڻو سيد عبدالله شاهه جو دور چڱو رهيو، جنهن ۾  اقتداري معاملن ۾ ائين مداخلت نه هئي جيئن ويجهر واري تاريخ ۾ عام طور تي نظر آئي آهي. شاهه صاحب ڪنهن حد تائين بااختيار وڏو وزير نظر آيو.  هن جون ڪافي پاليسيون بهترين هيون پر افسوس جو کيس گهڻو وقت ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. سيد مراد علي شاهه ان ئي شخص جو فرزند آهي، جيڪڏهن هي چاهي ته پنهنجي والد جي دور جي ئي انهن شاندار مثالن کي پنهنجو سونهون بڻائي وک اڳتي وڌائي سگهي ٿو. عام طور تي ائين ٿيندو آهي ته مکيه اقتداري مسندن تي ويٺلن کي بيورو ڪرسيي هلائيندي آهي، فيصلا سازي کان ويندي دورن وغيره تائين جو اها ئي دائرو ڪڍندي آهي، جنهن جي اندر رهي ڪم ڪرڻو هوندو آهي، ٻي صورت ۾ مختلف قسمن جي ڊپن جو جهان جوڙيو ويندو آهي ته جيڪڏهن هي ائين نه ٿيو ته پوءِ هي ٿي سگهي ٿو، هو ٿي سگهي ٿو  پر سيد مراد علي شاهه جي اڌ مهيني واري هن اقتداري عرصي دوران اهو محسوس ٿيو آهي ته هي بيورو ڪرسي جي ليڪي ۾ گول چڪر ڪاٽڻ بدران پنهنجو ليڪو ڪڍي رهيو آهي ۽ ان تي هلي رهيو آهي. ان جو هڪڙو عام مثال حيدرآباد وارو تازو دورو آهي، جنهن ۾ هن انتظاميا جي طئي ڪيل روٽ بدران پنهنجي مرضي وارو روٽ ورتو ۽ صفا ڳتيل علائقن ۾ وڃي اتي اهو ڪجهه ڏسڻ چاهيو، جيڪو طئي ٿيل روٽ ۾ ڏسڻ ممڪن نه هو ڇو ته اتي صفائي سٿرائي کان ويندي گلڪاري جا سمورا انتظام ٿيل هوندا آهن ۽ ائين محسوس ڪرايو ويندو آهي ته سڄو شهر ائين ئي چمڪي رهيو آهي آهي پر سيد مراد علي شاهه جيڪو پڙهيل لکيل ۽ سوچيندڙ لوچيندڙ ماڻهو آهي، اهو انهن حرفتن کان چڱي طرح واقف آهي ان ڪري هن پنهنجي مرضي جا روٽ چونڊيا ۽ انتظاميا سندس پٺيان پٺيان هلندي رهي.
ان حقيقت کان انڪار ڪونهي ته حيدرآباد جي مکيه روڊن رستن جي حالت هاڻي اڳ کان ڪافي بهتر ٿي وئي آهي، جنهن جو ڪريڊٽ حيدرآباد جي اڳوڻي ڪمشنر ۽ سنڌ جي موجوده وڏي وزير جي عزيز ڏانهن وڃي ٿو پر شهر جي اندر جي صورتحال صفا ائين به ناهي جيئن ٻاهران ٻاهران نظر اچي پئي، توهان ٽاور مارڪيٽ کان ميمڻ اسپتال واري رستي سان ڦليلي وڃو يا فقير جي پڙ ڏانهن مُڙي وڃو، فقير جي پڙ کان ريلوي اسٽيشن واري پاسي اچو يا مٿي پڪي قلعي واري پاسي کان هيٺ قدم گاهه ڏانهن لهندڙ رستي سان وڃو ، ان جي آس پاس ريلوي ڪالوني کان وٺي ڪچي قلعي تائين جي روڊن رستن جي حالت بلڪل ئي بدتر آهي. ساڳئي نموني اوهان نئين پل کان حالي روڊ واري پاسي وڃو يا بدين اسٽاپ واري پاسي وڃو، فتح چوڪ کان پاڪولا وارو روڊ وٺي چينل موري واري پاسي وڃو روڊن رستن جي حالت تباهه لڳي پئي آهي. وچ روڊن تي وڏا وڏا کڏا ٺهي ويا آهن. جيڪڏهن حيدرآباد جي ڊرينيج سسٽم جي تباهي ڏسڻي هجي ته برسات وارن ڏينهن ۾ اتي اچي ڏسو. هينئر به برسات کي (جيڪي ايڏي وڏي به نه هئي) ٻه هفتا گذرڻ وارا آهن پر انهن علائقن ۾ اڃا تائين رستن تي ۽ گهرن جي اڳيان پاڻي جا گندا تلاءُ ڀريا پيا آهن. وڏي وزير پنهنجي حساب سان روٽن تي چڪر هڻي ضرور  پاڻ اندازو لڳايو هوندو پر جيڪڏهن ڪير کيس انهن پاسن جو چڪر هڻڻ لاءِ به چوي ها جن جو هاڻي هاڻي مان ذڪر ڪري آيو آهيان ته حيدرآباد جي انتظاميا جي ڪارڪردگي جو مڪمل طور تي مهانڊو سامهون اچي وڃي ها.
وڏي وزير جي سرگرمين ۽ ڳالهين مان محسوس ٿئي ٿو ته هو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو پر ان لاءِ لازمي آهي ته ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ مشينري کي به پابند بڻايو وڃي ته اها به ان ئي اسپرٽ سان ڪم ڪري ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪير پوئتي پير ڪري يا سهڪي بيهي رهي ته ان کي آرام ڪرڻ جو موقعو ڏئي اها ذميواري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪئي وڃي. وڏي وزير طرفان حيدرآباد ۾ مختلف شعبن جي ماڻهن جن ۾ اديب به شامل آهن، انهن سان ملاقات ڪرڻ ۽ انهن کان تجويزون وٺڻ سٺي ڳالهه آهي، ان سان به بهتري جا نوان رستا نڪري ايندا.( ان ملاقات دوران ڪجهه اديبن طرفان انتهائي کل جوڳا مطالبا ڪيا ويا، جيڪي اخبارن ۾ پڙهڻ کانپوءِ مون کي الائي ڇو مرحيات ضياءَ واري اها اهل قلم ڪانفرنس ياد اچي وئي، جنهن ۾ هڪ طرف سڄي سنڌ ٽامو بڻيل هئي، حق ۽ سچ جو آواز اٿاريندڙن لاءِ ڦٽڪا، ڦاهيون ۽ جيل هئا ته ٻئي طرف ان اهل قلم ڪانفرنس ۾ اسان جا اديب ريل گاڏيءَ ۾ شاگردن وانگر  اڌ ٽڪيٽ واري سهوليت ڏيڻ ۽ وظيفا مقرر ڪرڻ جهڙا مطالبا ڪري رهيا هئا..... بحرحال هن قصي تي ڪنهن ٻئي ڀيري..)
بهرحال سنڌ جي وڏ وزارت اها به هنن حالتن ۾ سيد مراد علي شاهه لاءِ هڪ وڏي چئلينج جيان آهي، جنهن کي کيس نه صرف قبول ڪرڻو آهي پر ملهائي به ڏيکارڻو آهي. سڀ معاملا ”زيرو“ کان شروع ٿيڻا آهن، حالت ڏاڍي خراب آهي، جيڪڏهن هن قسم جي وٺ پڪڙ سان معاملن کي اڳتي وڌايو ويو ۽ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بهتر نتيجا ضرور سامهون ايندا ۽ صورتحال ۾ فرق ضرور محسوس ٿيندو، اسان اهڙي اميد ڪريون ٿا.  اسان عام خلق وٽ هونئن به اُميد ڪرڻ کانسواءِ ٻيو آهي به ڇا؟
(روزاني عبرت)  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو