Wednesday, August 17, 2016

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ اللھ جا فرشتا پيادل ۽ اوهين سواريءَ تي آهيو.


وعن ثوبان قال : خرجنا مع النبي صلى الله عليه وسلم في جنازة فرأى ناسا ركبانا فقال : " ألا تستحيون ؟ إن ملائكة الله على أقدامهم وأنتم على ظهور الدواب " . رواه الترمذي وابن ماجه وروى أبو داود نحوه وقال الترمذي : وقد روي عن ثوبان موقوفا
   ثوبان﷦ کان روايت آهي ته اسين نبيﷺ سان گڏ هڪ جنازي ۾ نڪتاسون.([1]) ڪن ماڻهن کي ڏٺائون ته سواري تي آهن. فرمايائون ته توهان کي شرم نٿو اچي ته،   الله جا فرشتا پيادل ۽ اوهين سواريءَ تي آهيو. (ترمذي_ ابنماجه) ۽ ابوداؤد به اهڙي طرح حديث بيان ڪئي ترمذي چوي ٿو ته ثوبان کان حديث موقوف آهي.

فائده:_ سند ۾ ابوبڪر بن ابي مريم راوي ضعيف آهي (مشڪواة_علامه الباني ص526ج1) البته ابوداؤد جي روايت صحيح آهي جن ۾ مذڪور هي ته پاڻ ﷺ جن جي لاءِ سواري آندي وئي پاڻ سوار نه ٿيا. پاڻ ﷺ جن فرمايو: فرشتا پيادل آهن مون کي سواريءَ تي سوار ٿيندي شرم اچي ٿي. البته موٽي اچڻ تي جڏهن فرشتا هليا ويا ته سواريءَ تي واپس موٽيا. معلوم ٿيو صالحين اهل علم جي جنازن ۾ فرشتا به شريڪ ٿيندا آهن. (مرعاة صفحه 490 جلد 2_3)




[1] _ هن مان معلوم ٿئي ٿو ته جنازي سان گڏ پيادو هلڻ افضل آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو