Thursday, August 18, 2016

سنڌ جي حڪومتن سان اصل مسئلو


سنڌ ۾ حڪومت جي جوڙجڪ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ڪابينا قسم کنيو آهي، سا هر حوالي سان وڏي ڪابينا آهي. نئين ۽ نوجوان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه جي جاءِ والاري آهي. جيڪو پنهنجي زندگيءَ جون 80 کان وڌيڪ بهارون ڏسي چڪو آهي. مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه کان ٽيهه سال ننڍو ۽ اسٽينفورڊ مان پڙهيل آهي. اعليٰ تعليم يافتا ۽ نوجوان هئڻ سبب اها اميد پيدا ٿي آهي ته هو صوبي کي هڪ فعال قيادت فراهم ڪندو ۽ سندس حڪمراني اڳين حڪومت کان بهتر هوندي. انهن سمورين اميدن سان گڏ اهي خدشا به موجود آهن ته جيستائين سنڌ حڪومت تي پيءُ، پٽ ۽ ڀيڻ جو ناپسنديده ٽن ڄڻن جو پاڇو لامارا ڏيندو رهندو، نئين وڏي وزير طرفان شروع جي ڪجهه ڏينهن ۾ نظر ايندڙ جوش و خروش باوجود هر تبديلي هٿرادو ثابت ٿيندي. جڏهن کان ملڪ قائم ٿيو آهي سنڌ سان اها هڪ وڏي بدقسمتي هلندي پئي اچي.
اهو سمجهڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ تي مختصر نظر وجهڻ ضروري آهي ته صوبائي حڪومتون ڇو ناڪامُ ٿيون، جنهن جي ڪري صوبي کي وڏو بارُ کڻڻو پيو. گذريل 69ع سالن جي عرصي ۾ صرف 34 سال صوبائي حڪومتن ڪم ڪيو آهي. انهن 34 سالن ۾ سنڌ ۾ 21 حڪومتون آيون. ان جو مطلب هي ٿيو ته هر حڪومت سراسري طور ڏيڍ سال ڪم ڪري سگهي. ايوب کهڙو جي قيادت ۾ سنڌ جي پهرين حڪومت اٺن مهينن کانپوءِ برطرف ڪئي وئي. سندس قصور هي هو ته هو ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ ۾ ضم ڪرڻ جي مرڪز يا حڪومت جي فيصلي مان خوش نه هو. ان فيصلي جو نتيجو صوبي جي بهترين شهر کي ڦٻائڻ جي صورت ۾ نڪتو ۽ صوبائي گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ڪراچي نئين ملڪ جو واحد بندر گاهه هو، سو ان ڪري هن شهر جي ترقيءَ جا زبردست امڪان هئا. مرڪز يا حڪومت جي ان فيصلي مقامي آبادي ۽ لڏپلاڻ ڪري آيلن ۾ نفرت جا ٻج ڇٽي ڇڏيا. 1951ع تائين پنج حڪومتون تبديل ڪيون ويون ۽ وري ڊسمبر 1953ع ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو. ايندڙ پنج سالن ۾ وڌيڪ حڪومتون تبديل ڪيون ويون ۽ پوءِ اوڀر پاڪستان سان هٿرادو برابري پيدا ڪرڻ لاءِ صوبن کي ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو. اهو اوڀر پاڪستان جي عوام کي سندن اڪٿريت ۽ ننڍن صوبن (سنڌ ۽ سرحد) جي عوام کي حڪمرانيءَ جي حق کان محروم ڪرڻ لاءِ غير منصفاڻو قدم هو. ان وقت تائين بلوچستان کي صوبي جو درجو به نه ڏنو ويو هو.
17 سالن جي ڊگهي مداخلت ۽ اڌ ملڪ وڃائڻ کانپوءِ 1972ع ۾ ٻيهر صوبا قائم ڪيا ويا پر ان لاءِ اوڀر پاڪستان جي عوام کي سندن اڪثريت ۽ ننڍن صوبن (سنڌ ۽ سرحد) جي عوام کي حڪمرانيءَ جي حق کان محروم ڪرڻ لاءِ غير منصفاڻو قدم هو. ان وقت تائين بلوچستان کي صوبي جو درجو به نه ڏنو ويو هو.
17 سالن جي ڊگهي مداخلت ۽ اڌ ملڪ وڃائڻ کانپوءِ 1972ع ۾ ٻيهر صوبا قائم ڪيا ويا پر ان لاءِ اوڀر پاڪستان جي ون يونٽ ۽ اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن ۾ ڊگهي تحريڪ هلائي وئي.
1972ع ۾ ممتاز علي ڀٽو جي قيادت ۾، جيڪو ذوالفقار علي ڀُٽي جو سئوٽ هو، سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ڪئي وئي، پر ڏيڍ سال اندر ئي وڏي ڀُٽي محسوس ڪيو ته سندس سئوٽ جي سوچ سندس جهڙي ناهي ۽ مرڪزي حڪومت جا حڪم نه مڃيندو، تنهن ڪري ان کي به هٽايو ويو ۽ سندس جاءِ تي غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي آندو ويو، جيڪو مرڪزي حڪومت جو تعبيدار هو. ان جي حڪومت جولاءِ 1972ع تائين رهي، جڏهن ملڪ ۾ سولين حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
جنرل ضيا، ستن سالن جي فوجي حڪمرانيءَ کانپوءِ 1985ع، ۾ غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرايون. 1988ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي پراسرار موت تائين جيڪو ملڪ اندر بغاوت جو نتيجو لڳو، ٻن حڪومتن کي تبديل ڪيو ويو ۽ پوءِ جمهوريت بحال ڪرڻ لاءِ چونڊون ڪرايون ويون.
ايندڙ 28 سالن ۾ گورنر راڄ جي ڊگهي مداخلت سان گڏ، موجوده حڪومت سميت هن صوبي ۾ پندرنهن حڪومتون جُڙيون. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو دور ڊگهي ۾ ڊگهو رهيو ۽ جيڪڏهن ٽنهي دورن کي گڏ ڪيو وڃي ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو دور سڀني کان ڊگهو  رهيو.
ان تفصيل منجهان ٻه ڳالهيون سامهون آيون آهن ته سنڌ ۾ اقتدار ۾ ايندڙ هر حڪومت ڇو ناڪام رهي. پهرين ڳالهه ته هي آهي ته صوبي ۾ چونڊيل حڪومتن جو سراسري مُدو ٻن سالن کان گهٽ رهيو ۽ ٻيو ته انهن مان ڪابه حڪومت آزاد نه هئي، ڇو جو مرڪزي حڪومت هن صوبي جو ريموٽ ڪنٽرول هميشه پنهنجي هٿ ۾ رکڻ چاهيو. ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي ٿئي، مرڪز ۾ جڏهن به پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي، ان جي قيادت صوبي ۾ ڪمزور وڏو وزير ۽ تعبيدار حڪومت آڻڻ کي ترجيح ڏني. اسان ويجهي ماضيءَ ۾ ڏسي چڪا آهيون ته پيپلز پارٽيءَ جو ٽن جو ناپسنديده ٽولو، حڪومت جي روز مرهه جي ڪم ڪار ۾ مداخلت ڪندو رهيو آهي، ايتري تائين جو مقررين ۽ بدلين ۽ ترقين جا معاملا به وڏي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن جي هٿن ۾ هيا.
صوبي سان ٻيا به ڪيئي مسئلا آهن، جيڪي گڏيل حڪومت ڪرڻ لاءِ سنڌ کي مشڪل صوبو بڻائن ٿا. چونڊيل حڪومت کان علاوه هتي طاقت جا ٽي وڏا مرڪز آهن، يعني فوج ۽ رينجرز، پيپلز پارٽيءَ جو ٽن جو ٽولو ۽ شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي تقسيم بدقسمتيءَ سان نسلي تقسيم به آهي. شهري علائقن تي ڪنٽرول لاءِ مسلسل ڇڪتاڻ ٿي رهي آهي، هڪ طرف صوبائي حڪومت آهي، جيڪا واضح طور ٻهراڙيءَ جي علائقن مان چونڊي وڃي ٿي ۽ ٻئي طرف مهاجر شهري قيادت، ان صورتحال ۾ صوبي تي حڪمراني کي ويتر مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي.
گهڻو ڪري ٻهراڙيءَ جي علائقن جي نمائندگي سنڌ جا وڏا نيم جاگيردار خاندان ڪن ٿا، تيئن صوبائي ڪابينا جي جوڙجڪ صوبي جي سياست تي انهن خاندانن جي ڪنٽرول جو هڪ واضح مثال آهي. ڪابينا جي جوڙجڪ صوبائي حڪومت جي مختلف کاتن جي ضرورتن مطابق ناهي ڪئي وئي، پر 2018ع وارين عام چونڊن کي ذهن ۾ رکندڙ سمورن وڏن جاگيردارن کي مطمئن رکڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، جڏهن اهي جاگيردار وزير ٿي وڃن ٿا ته پنهنجي کاتن سان به پنهنجي جاگير جهڙو سلوڪ ڪن ٿا، اڪٿر وزير ان موقعي کي پنهنجي مالي حيثيت مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهو سڀ ڪجهه وڏي بي شرميءَ سان ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ سان هڪ الميو هي به آهي ته ان کي شهري علائقن ۾ ڪا گهني حمايت حاصل ناهي. پ پ شهري سنڌ کي ايم ڪيو ايم حوالي ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي ڪابينا جي جوڙجڪ مان ته ايئن پيو لڳي.
ان پسمنظر ۾ نئون وڏو وزير ۽ سندس ٽيم مان گهڻيون اميدون نه  رکڻ گهرجن ته اهو هن صوبي جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندو. بهرحال هو جيڪڏهن هن صوبي ۾ گٽر کولرائڻ ۽ گند کڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اها وڏي ڳالهه هوندي. ان ڪم کان کيس ڪير به نه روڪيندو، جيڪڏهن هو روز مرهه جا معاملا هلوائڻ جي قابل ٿي ويو ته مان ايندڙ چونڊن ۾ کيس ئي ووٽ ڏيندس.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو