Wednesday, August 17, 2016

نيشنل ايڪشن پلان ۽ ڪجهه سوال


مدد علي سنڌي
ڇا اها هڪ حقيقت ڪونهي ته پاڪستان جون اندريون توڙي ٻاهريون حالتون سازگار نه آهن؟ اهڙين حالتن ۾ اهو چوڻ غلط ڪونهي ته نيشنل ايڪشن پلان يعني قومي لائحه عمل تي سست رفتاري سان عمل درآمد  عمل هاڃيڪار ثابت نه ٿيندو؟ يا انهيءَ رفتار واري عمل سان مجموعي طور تي دهشتگردي وارين ڪارروائين تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو؟ اهي سوال ڏاڍا اهم آهن، جن تي ملڪ ۾ بحث هلي رهيو آهي يا وري انهن معاملن تي ٽي. وي چئنلس جا عجيب و غريب تجزيا، ڪجهه سياستدانن جا بيان حالتن کي منجهائيندڙ نه آهن؟ آخرڪار هن ملڪ ۾ جٽادار امن ڪڏهن قائم ٿي سگهندو. ڪڏهن هن ملڪ جو عوام، خوفناڪ دهشتگرديءَ مان جند ڇڏائي سک جو ساهه کڻندو؟ اهو سڀ ڪجهه سول حڪومت فورسز، انٽيليجنس ادارن ۽ عوام جي گڏيل طاقتن سان ڪامياب ٿي سگهي ٿو. يقينن ان بابت چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جو تازو بيان ڪنهن به طرح سان نظرانداز ڪري جهڙو ڪونهي، جنهن ۾ هن انهن معاملن تي ڳالهايو آهي. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته ڪوئٽا ڌماڪي کان پوءِ جتي سياستدان هڪ ٻئي خلاف بيان بازيءَ ۾ لڳي ويا آهن، اتي گذريل ڏينهن آرمي چيف جي صدارت هيٺ راولپنڊيءَ عسڪري قيادت جو هڪ اهم اجلاس ٿيو هو. اجلاس کان پوءِ آئي ايس پي آر موجب اجلاس ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ ڪري آپريشن ضرب عضب کي نقصان پهتو آهي، تنهن کان علاوه پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙي قسم جا تبصره ۽ بيان ڏنا پيا وڃن جن سان قومي ڪوششن کي نقصان پهچي رهيو آهي.
۽ اها هڪ حقيقت آهي ته ڪوئٽا سانحي کان پوءِ سياستدانن وچ ۾ ڄڻ ته مورچا کلي ويا آهن، چوڌري نثار، مولا بخش چانڊيو، لطيف کوسا مطلب ته هڪ قسم جي الزام تراشي جي جنگ ڇڙي پئي آهي، تنهن کان پوءِ آرمي چيف جو وچ ۾ اچي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي اهو چوڻ ته سياستدان پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري سگهيا ۽ جيڪي غير ذميواراڻا بيان ڏئي رهيا آهن، تنهن جي ڪري نقصان ٿي رهيا آهن، صحيح پيو محسوس ٿئي. در حقيقت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد جي مد ۾ افغان پناهگيرن واري معاملي تي جنهن نموني سان اچڪزئي يا سندس پارٽي پنهنجي ننڍڙن سياسي مفادن لاءِ افغان پناهگيرن کي هتان جي شهريت وٺرائي ڏيڻ جون ڪوششون ڪرڻ يا سندن ڏيهه نيڪالي جي مخالفت سڌي سنئين نيشنل ايڪشن پلان جي ابتڙ آهي. ان سان گڏوگڏ افغانستان سان ڊيورينڊ لائن وارو بارڊر تي ڪي به چيڪنگ جا نظام، اتي اميگرينٽس جي آمد و رفت تي ضابطي لاءِ پاڪستان جي ڪوشش رهي آهي ته هڪ ڀيري ئي  اهو مسئلو حل ٿي وڃي پر ان معاملي تي افغان حڪومت ڊيورينڊ لائن کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ محمود خان اچڪزئي جي پارٽي ان معاملي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪرڻ بدران افغانستان جي حامي بڻيل نظر اچي ٿي. تنهن ڪري کانئس اهو پڇاڻو ضرور ٿيڻ گهرجي ته جڏهن سمورو ملڪ دهشتگردي جي وڪوڙ ۾ آهي ۽ دهشتگرد افغانستان مان ئي اسان وٽ وڏي آساني سان پهچي اهڙيون ڪارروائيون ڪري رهيا آهن، تڏهن هو پاڪستان جي سالميت بدران تنگ نظريي جي بنياد تي سڄي ملڪ جي سيڪيورٽي کي داءُ تي ڪيئن لڳائي سگهي ٿو؟
ڇا اها هڪ تلخ حقيقت ڪونهي ته افغان پناهگيرن جو معاملو دهشتگردي کان علاوه به هتان جي ڊيمو گرافي تي پڻ اثر انداز ٿي رهيو آهي ۽ افغان جنگ کان پوءِ جهڙي نموني سان افغاني پناهگيرن جي لوڌ سنڌ جو رخ ڪيو آهي، ان سان ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص سميت سنڌ جي تمام وڏن شهرن ۾ نه رڳو امن امان پر سماجي جوڙجڪ ۽ شهري سهولتن سميت سمورن معاملن تي وڏا ناڪاري اثر پيا آهن، پر محمود خان اچڪزئي ۽ سندس پارٽي ان ڳالهه تي بضد آهي ته اهي سمورا ماڻهو اتي ئي رهڻ گهرجن ۽ انهن جي نيڪالي تي عمل نه ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته وزيراعظم پڻ پنهنجي اتحادين کي راضي رکڻ خاطر ان معاملي تي چُپ اختيار ڪري رکي آهي. هن وقت سموري ملڪ اندر سرڪاري انگ اکرن موجب 3 ملين پر محتاط اندازن موجب 50 لک کان وڌيڪ افغاني پناهگير ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن. ۽ سچ پچ ته اهي ماڻهو هاڻ پاڪستان لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، جن کي فوري طور تي سندن اصلوڪي ملڪ افغانستان موڪلڻ گهرجي.
ساڳئي وقت نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ ٻيو نقطو اهو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد کي “Glorify” نه ڪيو ويندو، پر اهو نظر اچي ٿو ته سلمان تاثير جي قاتل کي ملڪ جو سموريون مذهبي ڌريون وڏا وڏا لقب ڏئي ان کي هيرو بڻائڻ جون ڪوششون ڪن ٿيون پر ملڪ جو ڪو به ادارو سندن خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. ان قسم جون حرڪتون اسان کي انهن تي نظر رکڻ گهرجي ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن جو اهو موقف بلڪل درست آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد لاءِ ملڪ جي سويلين ادارن ۽ سياسي قيادت کي واضح هئڻ گهرجي. پنجاب اندر مسلم ليگ (ن) دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي مخالف ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته ان جو اثر سندن ووٽ بئنڪ تي پوندو، ساڳيو ڪم بلوچستان ۾ محمود اچڪزئي ڪري ٿو ۽ سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ الطاف حسين جي پارٽي غير قانوني پرڏيهين جي حمايت ڪندي رهي آهي. بهرحال وري به خوشيءَ جي ڳالهه ته آرمي پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي.
وري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومي سطح تي ملڪ جي سمورن محب وطن ادارن کي انهن سمورن معاملن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته ان کان سواءِ سموري سولين قيادت کي پنهنجا سمورا ذاتي مفاد هڪ پاسي تي رکي نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عمل درآمد کي يقيني بنائڻ گهرجي ڇاڪاڻ انهيءَ تي عمل کان دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ئي نه آهي. مجموعي طور تي دهشتگردي جي حوالي سان قومي سلامتي ۽ امن امان کي لاحق خطرناڪ مسئلن جي حوالي سان جيڪي ڳڻتي جوڳا سوال عام ماڻهن جي ذهنن ۾ اڀرن ٿا، انهن مان سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم سوال قومي ايڪشن پلان تي عمل درآمد ۽ انٽيليجنس ادارن جي مجموعي ڪارڪردگيءَ بابت اٿي رهيا آهن. عام ۽ پڪو پختو تاثر اهو آهن، جيڪو ڪم مسلم افواح جي حوالي هو، اهو به انهن ڪري ڇڏيو، پر جيتريقدر وفاقي حڪومت جو سوال آهي ته اها پنهنجون ذميواريون نه پوري ڪري سگهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو خود مخالف ڌر به ان سوال تي حڪومت تي سخت تنقيد ئي آهي. بهرحال ظاهر اهو ٿيو ته دهشتگرديءَ کي روڪڻ لاءِ حڪومت توڙي سموريون سياسي پارٽس جي منظوريءَ سان جيڪو 20 نڪاتي ايڪشن پلان منظور ٿيو هو، ان مان 8 نڪتن تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سست رفتاريءَ کان ڪم ورتو. هاڻ ضرورت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد ۽ ان جي مانيٽرنگ جي ضرورت آهي.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو