Saturday, August 20, 2016

قومي ايڪشن پلان ۽ ذاتي، گروهي ۽ سياسي مفاد


هن وقت پاڪستان هڪ غيريقينيءَ واري صورتحال ۾ آهي. ملڪ سامهون اندروني توڙي ٻاهرين طرف کان للڪارون آشڪار ٿي رهيون آهن. هڪڙي پاسي ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي سبب خاص ڪري ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ قومي ايڪشن پلان جي ناڪامي تي سوال اٿڻ لڳا آهن، ته ٻئي پاسي ڀارت پاران غيرضروري دٻاءُ. ملڪ اندراهڙي سنگين حالت ڪا پهريون ڀيرو ناهي، پر اهڙي صورتحال کي روزِ اول کان (جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو هو)منهن ڏئي رهيو آهي.
ملڪ اندر اهڙي صورتحال ۾ ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ امن امان جي صورتحال،آپريشن ضرب عضب ۽ قومي ايڪشن پلان بابت تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِسياسي ۽ عسڪري قيادت پاران اعليٰ سطحي اجلاس فيصلا ڪيا ويا.قومي ايڪشن پلان تي عمل درآمد جي ذميواري گهرو وزير چوڌري نثار کان کسي قومي سلامتي جي مشير ناصر جنجوعه جي حوالي ڪئي وئي. اجلاس دوران ٽاسڪ فورس کي جوڙڻ سان گڏ ملڪ جي اندروني سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز جو 29 نيون ونگون قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.
فوجي قيادت قومي ايڪشن پلان تي عمل درآمد جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهي ڏني. فوجي قيادت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي 20 مان 8 نڪتن تي عمل سست رفتاري جو شڪار آهي. عسڪري قيادت عملدرآمد سست رفتاري جي شڪار اهڙن سمورن نقطن جي نشاندهي پڻ ڪئي. عسڪري قيادت موجب پابندي مڙهيل تنظيمن کي ٻين نالن سان ڪم ڪرڻ کان روڪڻ، بلوچستان ۾ مفاهمتي عمل ۽ فرارين جي واپسي توڙي بحالي جي عمل وارن معاملن تي ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. فرقيواريت تي قابو پائڻ لاءِ به قدم ناهن کنيا ويا، نه ئي دهشتگردن ۽ شدت پسند تنظيمن کي ملندڙ فنڊن کي روڪڻ لاءِ ئي ڪي اپاءَورتا ويا آهن. ان کانسواءِفوجداري ڪيس جلدي سان اُڪلائڻ لاءِ صوبن طرفان سفارشون ناهن ڏنيون ويون، فاٽا ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي به ناهي ٿي سگهي. افغان پناهگيرن جي واپسي وارو عمل به تيز ڪرڻ بدران 6 مهينن لاءِ رولڙي جو شڪار بڻايو ويو آهي.
ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ  هڪ طرف سموري ملڪ اندر  خوف واري فضا قائم آهي ته ٻئي طرف هميشه سياسي قيادت ۾ اهڙنسانحن کانپوءِ الزامن جي سياست شروع ٿي ويندي  آهي.اهڙي طرح هاڻ به ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ چوڌري نثار، مولابخش چانڊيو،  لطيف کوسا ۽ ٻين وچ ۾ هڪ قسم جي بهتان بازي واري جنگ شروع ٿي پئي.ان کان پوءِ آرمي چيف اچي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي اهو چيو ته سياستدان ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ غيرذميواراڻن بيانن ڏيڻسان نقصان ٿي رهيا آهن. ملڪي سياست ۾ اها نئين ڳالهه ناهي،  هميشه ڪنهن واقعي کانپوءِ  هڪ ٻئي تي الزام لڳائي سياستدان اهو سمجهندا آهن ته هنن پنهنجي حصي جي ڪردار ادا ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي نموني موثر حڪمت عملي بابت  دعوا ته ڪيا ويندا آهن، پر انهن تي عمل نه ٿيڻ جي برابر هوندو آهي، هر ڀيري رڳو دعوا ۽ وعدا ڪيا ويندا آهن، پر ڪجهه عرصي جي ماٺار کانپوءِ وري   ساڳي وارتا!
ڏٺو وڃي ته قومي ايڪشن پلاندهشت گردي کي منهن ڏيڻ لاءِ2014ع ۾16هين ڊسمبر جي ڏينهن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشت گرد حملي کانپوءِ سياسي ۽ فوجي قيادت جي اتفاق راءِ سان جوڙيو ويو هو.قومي ايڪشن پلان کان پوءِ به سموري ملڪ اندر وقفي وقفي سان ڪيتريون  ئي دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن ۽ هاڻي ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو وڏو سانحو  ٿيو. پر وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار خان هيل تائين صرف پريس ڪانفرنس ۾ مخالف پارٽين خاص ڪري پيپلزپارٽي کي ٽارگيٽ ڪرڻ کان سواءِکيس ڪجهه ڪندي نظر نه ٿو اچي.
ان کان علاوه ملڪ اندرقومي ايڪشن پلان جي نقطن جي لتاڙ ڪيئن ڪئي ويندي رهي آهي. قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان سول-ملٽري اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ ۾ ڪيترين ئي ڌرين پاران پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي قاتل کي وڏا وڏا لقب ڏئي کيس ملڪ اندر هيرو بڻائي پيش پئي ڪيو ويوآهي. ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت پاران ڦاهي جي سزا ٻڌايل ڏوهاري، ملڪ جي صدر پاران رحم جي اپيل رد ٿيڻ کانپوءِ ڦاهي چاڙهيل ان شخص جا حامي ملڪ جي راڄڌاني ۾سرعام ڏنڊن کڻي ڪاهه ڪري اچي، ايتري ڀڃ ڊاهه ڪري نقصان ڪري وڃن ٿا پر حڪمران پنهنجي مخصوص مفادن لاءِ خاموشي اختيار ڪري ويهن ٿا.
هاڻي عوام جو وفاقي حڪومت کان سوال آهي ته قومي ايڪشن پلان جيڪو جوڙيو ويو، آخر ان جو ڇا ٿيو؟ ان تي ڪيتري حدتائين عمل ڪيو پيو وڃي؟ان سان گڏ اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا رڳو اجلاس گهرائڻ ۽ نوان نوان وعدا ڪرڻ  ۽ٺلها دلاسا ڏيڻ سان مسئلا حل ٿيندا؟  ڳالهه اها آهي ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي ذميواري گهرو وزير حوالي هجي، يا قومي سلامتي جي مشير ناصر جنجوعه يا ڪنهن ٻئي جي حوالي، اصل ڳالهه ادارن جي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي آهي. ملڪي سلامتي لاءِ ملڪ اندر دهشتگردي، فرقيواريت ۽ انتهاپسندي کي فروغ ڏيندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
ضرورت ان ڳالهه آهي ته ذاتي، گروهي ۽ سياسي مفادن کي پاسائتو رکي قومي ايڪشن پلان جي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.ملڪ ۾ پوري طرح امن امان جي بحالي قومي ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي بنا ڪنهن مفاهمت جي عملدارآمد کان سواءِ ممڪن نه آهي. باقي ملڪ اندر هلندڙ ضربِ عضب ۽ ڪراچي آپريشنن سان عارضي طور ته امن قائم ٿي سگهي ٿو پر جٽادار امن امان قائم نٿي سگهندو ۽ دهشتگرديءَ جو پاڙون پٽي سگهڻ وس کان ٻاهر ٿي ويندو.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو